ڳاڻاٽو 12
12
1هاڻي موسيٰ هڪڙي ڪوشي زال سان شادي ڪئي هئي، تنهنڪري مريم ۽ هارون هن جي برخلاف ڳالهائڻ لڳا، ڇو تہ هن ڪوشيءَ زال سان شادي ڪئي هئي. 2هو چوڻ لڳا تہ خداوند رڳو موسيٰ سان ڳالهايو آهي ڇا؟ هن اسان سان بہ نہ ڳالهايو آهي ڇا؟ ۽ خداوند اهو ٻڌو. 3هاڻي سڄي زمين تي جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کان موسيٰ تمام حليم هو. 4پوءِ خداوند، اوچتو موسيٰ کي، ۽ هارون کي، ۽ مريم کي چيو تہ اوهين ٽيئي جماعت واري تنبوءَ مان ٻاهر نڪري اچو، ۽ اهي ٽيئي ٻاهر نڪري آيا. 5پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀ ۾ لٿو، ۽ تنبوءَ جي در تي اچي بيٺو، ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين: ۽ اهي ٻئي آيا. 6تڏهن هن چيو تہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند، رويا ۾ انهي تي ظاهر ٿيندس، ۽ خواب ۾ انهي سان ڳالهائيندس. 7پر منهنجو ٻانهو موسيٰ اهڙو نہ آهي، هو منهنجي ساري گهر ۾ ايماندار آهي؛ 8آءٌ انهي سان روبرو ظاهر ظهور ڳالهائيندس، ۽ نہ ڳجهارتن ۾، ۽ هو خداوند جي شڪل بہ ڏسندو: تڏهن ڇو اوهين منهنجي ٻانهي جي برخلاف، يعني موسيٰ جي برخلاف، ڳالهائڻ کان نٿي ڊنا؟ 9۽ خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي؛ ۽ هو هليو ويو. 10پوءِ اهو ڪڪر تنبوءَ تان هٽجي ويو، ۽ ڏسو، مريم هڪدم ڪوڙهي ٿي پيئي، بلڪل اڇي جهڙي برف، ۽ هارون مريم ڏانهن نهاريو، ۽ ڏٺائينس تہ ڪوڙهي ٿي پيئي آهي. 11تڏهن هارون موسيٰ کي چيو تہ، اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان تي اهو گناهہ نہ رک؛ ڇالاءِ جو اسان بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، ۽ انهي ڪري اسين گنهگار آهيون. 12آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هن کي انهي مردي جهڙي ٿيڻ نہ ڏي، جنهن جو بت سندس ماءُ جي پيٽ مان نڪرڻ وقت اڌ سڙيل ڳريل هجي. 13تڏهن موسيٰ خداوند جي اڳيان پڪاري چيو تہ، اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هن کي چڱو ڀلو ڪر. 14تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ جيڪڏهن هن جو پيءُ رڳو هن جي منهن تي ٿُڪ اُڇلائي ها، تہ هيءَ ستن ڏينهن تائين شرمندي نہ رهي ها ڇا؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ منزلگاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي. 15ان موجب مريم ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهي ۽ جيسين مريم موٽي اندر نہ آئي، تيسين ماڻهن ڪوچ نہ ڪيو. 16تنهن کان پوءِ ماڻهو حصيرات مان روانا ٿيا، ۽ فاران جي بيابان ۾ وڃي تنبو هنيائون.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 12: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: