YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 4

4
1۽ وري هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ وٽس ايترا ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ سمنڊ تي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي. 2۽ هو اُنهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن ۾ سيکارڻ لڳو، ۽ پنهنجي تعليم ڏيندي چيائين، 3تہ ٻڌو، ڏسو هڪڙو هاري ٻج ڇَٽڻ نڪتو، 4۽ هيئن ٿيو جو ٻج ڇَٽڻ مهل ڪي داڻا اچي گَس تي ڪِريا، ۽ پکي اچي اُهي چُڳي ويا. 5۽ ڪي ٽڪرائتي زمين تي ڪِريا، جتي گهڻي مٽي ڪانہ هئي، ۽ اُهي يڪدم ڦُٽي نڪتا، ڇالاءِ جو اُتي مٽي پوري ڪانہ هئي: 6۽ جڏهن سج اُڀريو تڏهن اُهي سڙي ويا؛ ۽ پاڙ نہ هئڻ جي ڪري سُڪي ويا. 7۽ ڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا، ۽ ڪنڊين وڌي اُنهن کي گهُٽي وڌو، ۽ هنن ڦر ڪونہ جهليو. 8۽ ڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا، ۽ اُهي اُڀريا، ۽ وڌيا، ۽ ڦر جهليائون، ڪن ٽيهوڻو، ڪن سٺوڻو، ۽ ڪن سؤڻو. 9پوءِ هنن کي چوڻ لڳو تہ جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻُڌي.
10۽ جڏهن هو نويڪلو ٿيو، تڏهن اُنهن ٻارهن ۽ جيڪي سندس آس پاس هئا، تن اُنهن مثالن بابت پڇيس. 11انهن کي چيائين تہ اوهان کي خدا جي بادشاهي جي ڳجهہ جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، مگر جيڪي ٻاهر آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن طور ٿيون ٻڌائجن، 12تہ ڏسندي ڏسن ۽ نہ پروڙين، ۽ ٻڌندي ٻڌن ۽ نہ سمجهن؛ تہ متان ڦري اچن ۽ معافي ملين. 13۽ چيائين تہ هي مثال سمجهہ ۾ نٿو اچيوَ ڇا؟ تڏهن سڀيئي مثال ڪيئن سمجهندا؟ 14پوکڻ وارو ڪلام ٿو پوکي. 15۽ جيڪي گس تي ڪِريا، جتي ڪلام پوکيو ويو، سي اُهي آهن جي جڏهن ٻڌن ٿا تڏهن يڪدم شيطان اچي ٿو، ۽ جيڪو ڪلام انهن ۾ پوکيو ويو آهي سو ڪڍي ٿو وڃي. 16۽ انهيءَ طرح جيڪي ٽڪرائتيءَ زمين تي پوکيل آهن، سي اُهي آهن جي جڏهن ڪلام ٻڌن، تڏهن يڪدم اُهي خوشيءَ سان قبول ٿا ڪن؛ 17پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين جٽاءُ ٿا ڪن، ۽ جڏهن ڪلام جي ڪري سختي يا ستائڻ شروع ٿو ٿئي، تڏهن يڪدم ڀلجيو وڃن. 18۽ ٻيا جيڪي ڪنڊين ۾ پوکيا ويا آهن، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا، 19مگر دنيا جا فڪر، ۽ دولت جو فريب، ۽ ٻين شين جون خواهشون منجهن گهڙي ڪري ڪلام کي گهٽيو ٿيون ڇڏين، جنهنڪري اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي. 20۽ جي ڀلي زمين ۾ پوکيا ويا، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا، ۽ قبول ٿا ڪن، ۽ ٽيهوڻو ۽ سٺوڻو ۽ سؤڻو ڦل ٿا ڏين.
21۽ هنن کي چيائين تہ ڏيئو انهي لاءِ ٿو آڻجي ڇا تہ ماڻ هيٺ يا کٽولي هيٺ رکجي، ۽ نہ ڏياٽيءَ تي؟ 22ڇالاءِ جو ڪابہ شئي لڪل نہ آهي جا ظاهر نہ ٿيندي؛ ۽ ڪابہ شئي ڳجهي نہ آهي، جا پڌري نہ ٿيندي. 23جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻڌي. 24۽ چيائين، تہ جيڪي ٻڌو ٿا سو سنڀالي ٻڌو: جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا تنهن سان اوهان کي مئجي ملندو: ۽ اوهان کي پاڻ وڌيڪ ڏنو ويندو. 25ڇالاءِ تہ جنهن وٽ ڪي آهي، تنهن کي ڏنو ويندو: ۽ جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي اٿس سو بہ کسي وٺبو.
26۽ هن چيو، تہ خدا جي بادشاهت ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو زمين ۾ ٻج پوکي، 27۽ رات جو سمهي ۽ ڏينهن جو جاڳي، ۽ ٻج اهڙيءَ طرح پيو اُڀري ۽ وڌي جو هن کي انهيءَ جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ ٿو پوي. 28۽ زمين پاڻهي ڦل پيدا ٿي ڪري؛ پهريائين سلو ٿو نڪري، پوءِ سنگ، تنهن کانپوءِ سنگن ۾ پڪل داڻا. 29پر جڏهن اَن پچي ٿو رهي، تڏهن يڪدم هو انهي ۾ ڏاٽو ٿو وجهي، ڇالاءِ جو لاباري جو وقت اچي پهتو آهي.
30۽ چيائين تہ خدا جي بادشاهت کي ڇا سان ڀيٽ ڪريون؟ 31يا ڪهڙي مثال ۾ اُن جو ذڪر ڪريون؟ اُها آهر جي داڻي وانگر آهي، جو جڏهن زمين ۾ پوکجي ٿو، تڏهن جيتوڻيڪ هو دنيا جي سڀني ٻجن کان ننڍو آهي: 32تہ بہ پوکڻ کانپوءِ اُڀري سڀني ٻوٽن کان وڌي ٿو وڃي، ۽ وڏيون ٽاريون ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ آسمان جا پکي اُنهي جي ڇانوَ هيٺ رهن.
33۽ اهڙن ڪيترن ئي مثالن سان هو اُنهن کي سندن سمجهہ آهر ڪلام ٻڌائيندو هو؛ 34۽ مثالن کانسواءِ هو ساڻن ڳالهائيندو ئي ڪين هو: پر علحدگيءَ ۾ هو پنهنجن شاگردن کي سڀني ڳالهين جو مطلب سمجهائيندو هو.
35۽ اُنهي ساڳي ڏينهن سانجهيءَ جو هنن کي چيائين، تہ هلو تہ پار هلون. 36۽ خلق کي ڇڏي، جيئن هو تيئن ئي کيس ٻيڙيءَ ۾ پاڻ سان وٺي ويا، ۽ ٻيون ٻيڙيون بہ ساڻس هيون. 37پوءِ اچي هڪڙو وڏو طوفان لڳو، ۽ لهرن ٻيڙيءَ تي اهڙو سٽڪو لائي ڏنو، جو ٻيڙي ڀرجڻ لڳي. 38۽ پاڻ پاڇيل تي وهاڻو ڏيو سمهيو پيو هو، ۽ هنن اچي جاڳائي چيس، تہ اي اُستاد، توکي پرواهہ ئي ڪانهي ڇا تہ اسين برباد ٿا ٿيون؟ 39تنهن تي هو جاڳيو، ۽ واءُ کي جهڻڪيائين، ۽ سمنڊ کي چيائين، تہ بس، ماٺو ٿيءُ. پوءِ واءُ بيهي ويو ۽ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي. 40پوءِ هنن کي چيائين، تہ ڇو ٿا ڊڄو؟ اڃا بہ ايمان ڪونہ اٿوَ ڇا؟ 41۽ هو ڏاڍا ڊنا، ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ هي تڏهن ڪير آهي، جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟

Currently Selected:

مرقس 4: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy