YouVersion Logo
Search Icon

متي 4

4
1تنهن کانپوءِ روح يسوع کي رڻ پٽ ڏانهن وٺي ويو، انهي لاءِ تہ شيطان کيس آزمائي. 2۽ هن چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون روزو رکيو، پوءِ کيس بک لڳي. 3تڏهن آزمائڻ واري اچي چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين تہ حڪم ڪر تہ هي پهڻ ماني ٿي پون. 4پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ لکيل آهي تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نہ جيئندو پر جيڪي بہ لفظ خدا جي واتان نڪرندا تن ڪري جيئندو.“ 5تڏهن شيطان هن کي پاڪ شهر ۾ وٺي ويو، ۽ هيڪل جي ڪنگري تي بيهاري چيائينس تہ 6جي تون خدا جو فرزند آهين تہ پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”هو تنهنجي بابت پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏيندو، ۽ اُهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا، تہ متان تنهنجو پير پهڻ سان وڃي لڳي.“ 7يسوع هن کي چيو، تہ هيئن بہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائج.“ 8وري شيطان هن کي هڪڙي تمام اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ دنيا جون سڀ بادشاهتون ۽ سندين وڏائي ڏيکاريائينس، 9۽ چيائينس، تہ جي تون پيرين پئي مون کي سجدو ڪندين، تہ آئون توکي هي سڀ شيون ڏيندس. 10تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“ 11تڏهن شيطان هن کي ڇڏي هليو ويو، ۽ ڏسو، ملائڪن اچي سندس خدمت ڪئي.
12هاڻي جڏهن هن ٻڌو تہ يوحنا کي جهلايو اٿن، تڏهن پاڻ نڪري گليل ڏانهن ويو؛ 13۽ ناصرت ڇڏي اچي ڪفرناحوم ۾ رهڻ لڳو، جو سمنڊ جي ڪناري تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آهي: 14انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياهہ نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي تہ 15”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو، جو يردن جي پار سمنڊ واري پاسي، غير قومن وارو گليل آهي، 16تنهن جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي، ۽ جيڪي موت جي ملڪ ۽ پاڇي ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني اچي چمڪي.“
17انهي وقت کان وٺي يسوع منادي ڪري چوڻ لڳو تہ توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.
18۽ گليل جي سمنڊ جي ڪناري تان لنگهندي هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون، جنهن کي پطرس ٿا سڏين، ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس؛ جن سمنڊ ۾ ڄار پئي وڌو؛ ڇالاءِ جو اُهي مهاڻا هئا. 19۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين منهنجي پٺيان اچو ۽ آئون اوهان کي ماڻهن جو مهاڻو بنائيندس. 20۽ هو هڪدم ڄار ڦٽا ڪري هن جي پٺيان اُٿي هليا. 21اُتان اڳڀرو هلي هن ٻيا ٻہ ڀائر، زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جن پنهنجي پيءُ زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ پنهنجي ڄارن جي مرمت پئي ڪئي، تن کي بہ سڏيائين. 22تڏهن هو يڪدم ٻيڙيءَ ۽ پنهنجي پيءُ کي ڇڏي، سندس پٺيان هليا.
23۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو. 24۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو. 25۽ گليل، ۽ دڪاپلس، ۽ يروشلم ۽ يهوديہ مان، ۽ يردن جي پرينءَ ڀر کان، ماڻهن جا وڏا ميڙاڪا اچي پٺيانئس هلڻ لڳا.

Currently Selected:

متي 4: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy