YouVersion Logo
Search Icon

متي 14

14
1اُنهي وقت ملڪ جي چوٿين حصي جي حاڪم هيروديس، يسوع جي هاڪ ٻڌي، 2۽ پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي؛ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي؛ تنهنڪري هن جي هٿان هي معجزا ٿا ٿين. 3ڇالاءِ جو هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي خاطر يوحنا کي پڪڙي ٻَڌي قيد ۾ وڌو هو. 4ڇو جو يوحنا چيو هوس، تہ توکي اهو روا نہ آهي تہ هن کي پاڻ وٽ رکين. 5سو هيروديس جي مرضي هئي تہ مارائي وجهانس، پر ماڻهن جو ڊپ ٿيس، ڇالاءِ جو هو انهي کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا. 6پر جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو، تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ وچ ۾ بيهي ناچ ڪري هيروديس کي خوش ڪيو. 7جنهن تي هن قسم کڻي ساڻس انجام ڪيو تہ جيڪي تون گهُرندينءَ سو ڏيندوسانءِ. 8تنهن تي هن جيئن ماڻس سيکاريو هوس تيئن چيو، تہ يوحنا بپتسما واري جي سسي مون کي هتي ٿالهيءَ ۾ گهُرائي ڏي. 9تنهن تي بادشاهہ کي ڏک ٿيو، پر پنهنجن قسمن جي ڪري ۽ مهمانن جي سانگي، حڪم ڪيائين تہ اُها آڻي ڏيوس؛ 10۽ ماڻهو موڪلي قيدخاني ۾ يوحنا جي سسي لهرايائين. 11پوءِ اُها سسي ٿالهيءَ ۾ رکي آڻي اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنائون: ۽ هوءَ ماءُ وٽ کڻي آئي. 12۽ هن جا شاگرد آيا، ۽ سندس لاش کڻي وڃي دفن ڪيائون؛ ۽ وڃي يسوع کي خبر ڏنائون.
13جڏهن يسوع اُها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اُتان نڪري ٻيڙيءَ ۾ اڪيلو هڪڙي ويران هنڌ ويو: ۽ جڏهن ماڻهن کي انهي جي خبر پيئي، تڏهن اُهي شهرن مان پيرين پنڌ سندس پٺيان آيا. 14۽ هن نڪري اچي وڏو ميڙاڪو ڏٺو، ۽ مٿن رحم آيس، ۽ منجهن جيڪي بيمار هئا، تن کي شفا ڏنائين. 15۽ جڏهن سانجهي ٿي تڏهن شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس، تہ هيءُ هنڌ ويران آهي، ۽ ويل بہ ٽري ويئي آهي؛ سو ماڻهن کي موڪل ڏي تہ ڳوٺن ۾ وڃي پنهنجي لاءِ کاڌو خريد ڪن. 16پر يسوع چين تہ هنن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي؛ اوهين کائڻ لاءِ ڏيونِ. 17۽ هنن چيس تہ اسان وٽ هتي فقط پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آهن. 18هن چيو تہ اُهي هت مون وٽ کڻي اچو. 19۽ ميڙاڪن کي حڪم ڏنائين تہ گاهہ تي ويهي وڃو: ۽ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي، آسمان ڏي نهاري، برڪت گهُري مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، ۽ شاگردن وري ماڻهن کي ڏنيون. 20۽ انهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو: ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا، تن جون ٻارهن کاريون ڀري کنيائون. 21۽ جن کاڌو، سي اٽڪل پنج هزار مرد هئا، تنهن کانسواءِ زالون ۽ ٻار. 22۽ هڪدم هن پنهنجن شاگردن تي زور رکيو تہ اوهين ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مون کان اڳي پرينءَ ڀر هلو، جيسين ڪ آئون خلق کي روانو ڪريان. 23۽ ماڻهن کي رواني ڪرڻ کانپوءِ، هو دعا گهرڻ لاءِ جبل تي اڪيلو چڙهي ويو ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن هو اُتي اڪيلو هو. 24پر انهيءَ مهل ٻيڙي سمنڊ جي وچ ۾ لهرن جي ڪري لوڏن ۾ هئي، ڇالاءِ جو واءُ اڻائو هو. 25۽ رات جو چوٿين پهر ۾ هو سمنڊ تي پنڌ ڪري وٽن آيو. 26۽ جڏهن شاگردن هن کي سمنڊ تي هلندو ڏٺو، تڏهن دهلجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪو شر آهي؛ ۽ ڊپ کان رڙيون ڪرڻ لڳا. 27پر يسوع انهي دم کين چيو، تہ دلجاءِ ڪريو، آئون آهيان؛ ڊڄو نہ. 28پوءِ پطرس ورندي ڏيئي چيو، تہ اي خداوند، جي تون آهين، تہ مون کي حڪم ڏي تہ آئون پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان. 29۽ هن چيس تہ اچ. سو پطرس ٻيڙيءَ مان لهي يسوع وٽ اچڻ جي لاءِ پاڻيءَ تي هلڻ لڳو. 30پر جڏهن هن واءُ ڏٺو، تڏهن ڊڄي ويو؛ ۽ جڏهن ٻُڏڻ لڳو، تڏهن رڙ ڪري چيائين تہ اي خداوند، مون کي بچاءِ. 31۽ يڪدم يسوع هٿ ڊگهيري جهلي ورتس، ۽ چيائينس تہ اي ڪم اعتقاد، تو شڪ ڇو ڪيو؟ 32۽ جڏهن هو ٻيڙيءَ تي چڙهيا، تڏهن واءُ بيهي ويو. 33۽ جيڪي ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن اچي پيرين پئي چيس تہ سچ پچ تون خدا جو فرزند آهين.
34۽ جڏهن هو پار لنگهيا، تڏهن لهي گنيسرت جي علائقي ۾ آيا. 35۽ جڏهن انهي هنڌ جي ماڻهن کيس سڃاتو، تڏهن انهي ساري ملڪ ۾ ماڻهو موڪلي، جيڪي بيمار هئا، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا؛ 36۽ منٿ ڪري چيائونس، تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتو، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.

Currently Selected:

متي 14: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy