YouVersion Logo
Search Icon

متي 12

12
1انهيءَ مهل سبت جي ڏينهن، يسوع اَن جي پوکن منجهان پئي لنگهيو؛ ۽ سندس شاگرد، جي بکايل هئا، سي اَن جا سنگ پَٽي کائڻ لڳا. 2پر جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو، تڏهن هن کي چيائون، تہ ڏس، تنهنجا شاگرد جيڪي ڪن ٿا سو سبت جي ڏينهن ڪرڻ روا ناهي. 3پر هن چين تہ اوهان نہ پڙهيو آهي ڇا تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي، تڏهن ڇا ڪيائين؛ 4ڪيئن نہ هن خدا جي گهر ۾ گهڙي نذر جون مانيون وڃي کاڌيون، جي کيس توڙي سندس ساٿين کي کائڻ روا نہ هيون، پر رڳو ڪاهنن کي؟ 5اوهان توريت ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا، تہ ڪيئن نہ سبت جي ڏينهن ڪاهن هيڪل ۾ سبت نٿا وارين، تہ بہ ڏوهي نٿا ليکجن؟ 6پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هتي هڪڙو آهي جو هيڪل کان بہ وڏو آهي. 7پر جيڪڏهن اوهان کي هن جي معنيٰ جي خبر هجي ها، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني، تہ جيڪر اوهين بي ڏوهين کي ڏوهاري نہ سمجهو ها، 8ڇالاءِ جو ابن آدم سبت جو ڌڻي آهي.
9۽ هو اُتان روانو ٿي سندن عبادتگاهہ ۾ ويو: 10۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو. ۽ هنن پڇيس تہ سبت جي ڏينهن بيمارن کي ڇُٽائڻ روا آهي يا نہ؟ انهي لاءِ تہ هو مٿس تهمت آڻين. 11۽ هن چين تہ اوهان ۾ اهڙو ڪير آهي جنهن کي هڪڙي رڍ هجي، ۽ اُها جي سبت جي ڏينهن ڪنهن کڏ ۾ ڪِري پوي، تہ انهيءَ کي جهلي جيڪر ٻاهر نہ ڪڍي؟ 12تڏهن رڍ کان ماڻهوءَ جو قدر ڪيترو نہ وڌيڪ آهي! تنهنڪري سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي. 13تڏهن هن اُنهي ماڻهوءَ کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اُهو ڊگهيريو تہ ٻئي هٿ جهڙو صحيح سالم ٿي پيو. 14پر فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي. 15۽ يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري اُتان نڪري ويو: ۽ گهڻا سندس پٺيان ويا؛ ۽ هن اُنهن سڀني کي شفا ڏني، 16۽ تاڪيد ڪيائين تہ منهنجي بابت ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو: 17انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياہ نبيءَ چيو هو، سو پورو ٿئي تہ 18”ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي مون چونڊيو آهي، منهنجو پيارو جنهن مان منهنجي دل راضي آهي. آئون مٿس پنهنجو روح نازل ڪندس، ۽ اهو غير قومن کي عدالت جي خبر ڏيندو. 19اُهو نہ جهيڙو ڪندو ۽ نہ هُل ڪندو، ۽ نہ بازارن ۾ سندس آواز ڪنهن کي ٻُڌڻ ۾ ايندو. 20ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکندي سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو، جيسين ڪ اُهو عدالت جي فتح نہ ڪرائي. 21۽ اُنهي جي نالي ۾ غير قومون اُميد رکنديون.“
22انهي کانپوءِ هن وٽ هڪڙي ماڻهوءَ کي وٺي آيا، جنهن ۾ ڀوت هو، ۽ جو انڌو ۽ گونگو بہ هو: ۽ هن کيس ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو، اهڙو جو اُهو گونگو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو. 23۽ ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي، تہ ڇا هي دائود جو پٽ آهي؟ 24پر جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو جو ڀوت ٿو ڪڍي، سو ڀوتن جي سردار بعلزبول جي مدد ڌاران ڪونہ ٿو ڪڍي. 25۽ هن سندن خيال سهي ڪري چين، تہ هرڪا بادشاهت جنهن ۾ ڦوٽ ٿي پوي سا برباد ٿيو وڃي، ۽ هرڪو شهر يا گهر جنهن ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو جٽاءُ نہ ڪندو. 26۽ جيڪڏهن شيطان، شيطان کي ڪڍندو تہ منجهس ڦيٽهڙو پوندو ۽ پوءِ سندس بادشاهت ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟ 27۽ جيڪڏهن آئون بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ تڏهن اوهان جا پٽ ڪنهن جي مدد سان ٿا انهن کي ڪڍن؟ تنهنڪري اُهي ئي اوهان جو انصاف ڪندا. 28پر جيڪڏهن آئون خدا جي روح جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تڏهن خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي سهڙي آهي. 29يا ڪو ڪنهن طاقتور ماڻهوءَ جي گهر ۾ گهڙي، کيس ٻَڌڻ کانسواءِ سندس مال متاع ڦري سگهندو ڇا؟ پر پهرين اُنهي طاقتور ماڻهوءَ کي ٻَڌي پوءِ هو هن جو گهر ڦريندو. 30جيڪو منهنجي پاسي نہ آهي سو منهنجي برخلاف آهي؛ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نٿو ڪري، سو ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي. 31تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ سڀڪو گناهہ ۽ ڪفر ماڻهن کي معاف ڪيو ويندو؛ پر پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر معاف نہ ڪيو ويندو. 32۽ جيڪو بہ ابن آدم جي برخلاف ڪي چوندو، تنهن کي اُهو معاف ٿيندو: پر جيڪو بہ پاڪ روح جي برخلاف ڪي چوندو، تنهن کي نڪي هن جهان ۾، نڪي ايندڙ جهان ۾ اُهو معاف ٿيندو. 33يا چئو تہ وڻ بہ چڱو، ۽ سندس ڦل بہ چڱو؛ يا چئو تہ وڻ بہ خراب، ۽ سندس ڦل بہ خراب: ڇالاءِ جو وڻ سڃاڻبو آهي پنهنجي ڦل مان. 34اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو. 35چڱو ماڻهو پنهنجي چڱي خزاني مان چڱيون شيون ٿو ڪڍي، ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون شيون ٿو ڪڍي. 36۽ آئون اوهان کي ٿو چوان تہ جيڪو بہ اجايو لفظ ماڻهو واتان ڪڍندا، اُنهي جو عدالت جي ڏينهن حساب ڏيندا. 37ڇالاءِ جو پنهنجي زبان جي ڪري تون راستباز ٺهرايو ويندين، ۽ پنهنجي زبان جي ڪري تون ڏوهاري ٺهرايو ويندين.
38تڏهن ڪن فقيهن ۽ فريسين هن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اسان جي مرضي آهي تہ اسان کي ڪا نشاني ڏيکار. 39پر هن جواب ڏيئي چين، تہ هن زماني جا خراب ۽ زناڪار ماڻهو نشاني ٿا گهُرن؛ ۽ اُنهن کي يوناہ نبيءَ جي نشانيءَ ڌاران ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏني ويندي: 40ڇالاءِ جو جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مانگر مڇ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابن آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو. 41۽ نينوہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت جي ڏينهن اُٿي بيهندا، ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندا: ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي، ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي. 42ڏکڻ جي ملڪہ هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت جي ڏينهن اُٿي بيهندي، ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندي، ڇالاءِ جو هوءَ ڏورانهين ملڪ مان سليمان جي ڏاهپ ٻُڌڻ لاءِ آئي، ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو سليمان کان بہ وڏو آهي. 43پر ناپاڪ ڀوت جڏهن ماڻهوءَ مان نڪري ٿو، تڏهن برپٽن ۾ آرام ڳوليندو ٿو وتي، پر مليس ئي نٿو. 44تڏهن چوي ٿو تہ آئون موٽي پنهنجي گهر ويندس، جتان نڪتو آهيان؛ ۽ جڏهن اُتي اچي ٿو، تڏهن اُنهي کي خالي ۽ ٻهاريل ۽ سينگاريل ٿو ڏسي. 45تڏهن هو وڃي پاڻ کان بڇڙا ست ٻيا ڀوت پاڻ سان وٺي ٿو اچي، ۽ اُهي اندر گهڙي اتي وڃي رهن ٿا؛ ۽ انهي ماڻهو جي پوئين حالت پهرينءَ کان بہ خراب ٿي ٿئي. هن بڇڙي زماني وارن سان بہ ساڳيو اهڙو ئي حال ٿيندو.
46اڃا هن ماڻهن جي ميڙاڪن سان پئي ڳالهايو، تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر اچي بيٺا، ۽ مرضي هين تہ ساڻس ڳالهايون. 47تڏهن ڪنهن چيس تہ ڏس، تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر بيٺا آهن، ۽ توسان ڳالهائڻ ٿا گهُرن. 48پر جنهن ٻُڌايس، تنهن کي ورندي ڏيئي چيائين تہ منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر ڪير آهن؟ 49۽ پنهنجن شاگردن ڏانهن هٿ ڊگهيري چيائين تہ ڏسو، اِجها منهنجي ماءُ ۽ اِجهي منهنجا ڀائر! 50ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ موجب جيڪو هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.

Currently Selected:

متي 12: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy