لوقا 17
17
1۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ اها اڻ ٿيڻي آهي تہ گمراهہ ٿيڻ جا سبب نہ اچن؛ پر افسوس آهي اُنهي تي، جنهن جي ڪري اهڙا سبب پيدا ٿا ٿين! 2هنن ننڍڙن مان هڪڙي کي بہ جيڪو گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کان هن جي لاءِ چڱو هيئن ٿيندو، تہ جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪائي هن کي سمنڊ ۾ کڻي اُڇلائجي. 3سنڀالجو، جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ ڪو ڏوهہ ڪري تہ ڇينڀينس؛ ۽ جي توبهہ ڪري تہ معاف ڪرينس. 4۽ جي هو ڏينهن ۾ ست دفعا تنهنجو ڏوهہ ڪري، ۽ ست دفعا تو وٽ موٽي اچي چوي تہ مون توبهہ ڪئي، تہ اُن کي معاف ڪج.
5۽ رسولن خداوند کي چيو تہ اسان جو ايمان وڌاءِ. 6خداوند چيو، تہ جيڪڏهن اوهان کي آهر جي داڻي جيترو ايمان هجي، تہ هن توت جي وڻ کي چئو تہ هتان پَٽجي وڃي سمنڊ ۾ لڳ، تہ هوند اُهو بہ اوهان جي مڃيندو. 7پر اوهان ۾ اُهو ڪير آهي جنهن کي ڪو نوڪر هجي، جو هر پيو ڪاهيندو هجي، يا ڌڻ پيو چاريندو هجي، تہ اُن کي ٻنيءَ مان اچڻ شرط چوي تہ يڪدم اچي کائڻ تي ويهہ؛ 8پر اُٽلندو هيئن ڪين چوندس، تہ منهنجي رات جي ماني تيار ڪر، ۽ جيسين آئون کائي پي وٺان، تيسين ڪمر ڪشي منهنجو ڪم ڪار ڪر، ۽ پوءِ وڃي تون کاءُ پيءُ؟ 9هاڻي هن جو سندس حڪم موجب ڪيو، تنهنڪري هو نوڪر جو ٿورو مڃيندو ڇا؟ 10ساڳيو انهيءَ ريت اوهين بہ، جن ڪمن جو اوهان کي حڪم ڪيل آهي، سي سڀ جڏهن ڪري چڪو، تڏهن چئو تہ اسين نڪما نوڪر آهيون؛ جنهن ڪم ڪرڻ جو اسان تي فرض هو، سو ئي ڪيو اٿئون.
11۽ هيئن ٿيو، تہ يروشلم ڏانهن ويندي هو سامريہ ۽ گليل جي وچان اچي لنگهيو. 12۽ هڪڙي ڳوٺ ۾ ويو تہ ڏهہ ڪوڙهيا گڏيس، جن پريان بيهي، 13رڙ ڪري چيو، تہ اي يسوع، اي سائين، اسان تي رحم ڪر. 14هنن کي ڏسي چيائين، تہ وڃو ۽ وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکاريو. ۽ هيئن ٿيو، تہ اُهي ويندي ويندي ڇُٽي پاڪ صاف ٿي پيا. 15پوءِ اُنهن مان هڪڙي جڏهن ڏٺو تہ آئون چڱو ڀلو ٿيو آهيان، تڏهن وڏي آواز سان خدا جي تعريف ڪندو موٽي آيو، 16۽ هن جي پيرين پئي سندس شڪرانا بجا آندائين: ۽ هو سامري هو. 17تڏهن يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ ڏهہ ڪين ڇُٽي پاڪ صاف ٿيا؟ پوءِ اُهي باقي نوَ ڪٿي آهن؟ 18ڇا، هن ڌارئي بنا ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي تعريف ڪري؟ 19۽ هن کي چيائين تہ اُٿي هليو وڃ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي.
20۽ فريسين پڇيس، تہ خدا جي بادشاهت ڪڏهن ايندي؟ تن کي جواب ڏيئي چيائين، تہ خدا جي بادشاهت ڪنهن جي ڏسندي نٿي اچي، 21نڪي هو چوندا تہ اِجها هتي! ڇالاءِ جو ڏسو، خدا جي بادشاهت اوهان جي اندر ۾ آهي.
22۽ هن شاگردن کي چيو تہ اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن اوهين ابن آدم جي ڏينهن مان هڪڙي کي ڏسڻ لاءِ پيا سِڪندا، پر ڏسي ڪين سگهندا. 23۽ اُهي اوهان کي چوندا، تہ اِجهو هتي! اِجهو هتي! پر متان ويا آهيو، يا اُنهن جي پٺيان لڳا آهيو: 24ڇالاءِ تہ جيئن وڄ آسمان جي هڪڙي طرف کان کنوندي ٻي طرف وڃيو چمڪاٽ ڪري، تيئن ابن آدم بہ پنهنجي ڏينهن ظاهر ٿيندو. 25پر پهريائين هو گهڻيون سختيون سهندو، ۽ هن زماني ۾ رد ڪيو ويندو. 26۽ جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٿيو، تيئن ابن آدم جي ڏينهن ۾ بہ ٿيندو. 27اُهي کائيندا ۽ پيئندا هئا، پرڻبا ۽ پرڻائيندا هئا؛ جيسين ڪ اُهو ڏينهن آيو، جڏهن نوح ٻيڙيءَ ۾ گهڙيو، ۽ ٻوڏ آئي، ۽ اُنهن سڀني کي چٽ ڪري ڇڏيائين. 28۽ پڻ جيئن لوط جي ڏينهن ۾ بہ ٿيو؛ جو اُهي کائيندا پيئندا، خريد فروخت ڪندا، ۽ پوکيندا رهيا؛ 29پر جڏهن لوط سدوم مان نڪري ٻاهر ٿيو، تنهن وقت آسمان مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وسيو، ۽ اُنهن سڀني کي چٽ ڪري ڇڏيائين. 30سو جنهن ڏينهن ابن آدم ظاهر ٿيندو، تنهن ڏينهن پڻ ساڳيو ائين ٿيندو. 31انهي ڏينهن جي ڪو کڏ تي هجي، ۽ سندس سامان گهر ۾ هجي، تہ اُنهي جي ڪڍڻ لاءِ هيٺ نہ لهي: نڪي جيڪو ٻنيءَ ۾ هجي، سو موٽي وڃي. 32لوط جي زال واري ڳالهہ ياد رکجو. 33جيڪو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪندو، سو اُها وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو، سو ئي اُها بچائيندو. 34آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ انهي رات ٻہ ماڻهو هڪڙي هنڌ تي سُتل هوندا، هڪڙو کڄي ويندو، ٻيو رهجي ويندو. 35ٻہ زالون گڏ ويٺيون پيهنديون، هڪڙي کڄي ويندي ۽ ٻي رهجي ويندي. 36(ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻهو هوندا، هڪڙو کڄي ويندو، ۽ ٻيو رهجي ويندو.) 37۽ اُنهن جواب ڏيئي چيس، تہ اي خداوند، ڪٿي؟ هن چين تہ جتي ڍونڍ هوندو، ڳجهيون بہ اُتي ئي اچي مڙنديون.
Currently Selected:
لوقا 17: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: