لاوي سرشتو 6
6
1۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ خداوند جي برخلاف هي قصور ڪري، يعني ڪنهن امانت ۾، يا سودي ۾ پنهنجي پاڙيسري سان ڪپت ڪري، يا انهي جي ڪا شيءِ ڦري وٺي، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڪو ظلم ڪري؛ 3يا ڪا گم ٿيل شيءِ لڀي ۽ انهيءَ ۾ ڪپت ڪري، يا ڪوڙو قسم کڻي؛ يعني انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙي جي ڪرڻ ڪري گنهگار ٿئي: 4تہ پوءِ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيو هجي، تہ جيڪي ڦريو هجيس، يا جيڪي ظلم سان ورتو هجيس، يا جيڪا امانت وٽس رکيل هجي، يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي هجيس، سا موٽائي ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي: 5يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو هجيس؛ سا ذري پرزي موٽائي ڏئي، ۽ انهيءَ جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي: جنهن ڏينهن هو ڏوهاري ٺهرايو وڃي، انهي ڏينهن، جنهن ماڻهوءَ جي اها شيءِ هجي، تنهن کي موٽائي ڏئي. 6۽ هو پنهنجي خطا جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب هجي، ۽ اهو خطا جي قرباني طور ڪاهن وٽ وٺي اچي: 7۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ جنهن ڪم جي ڪرڻ ڪري، هو ڏوهاري ٿيو هوندو تنهن جي نسبت ۾ هن کي معافي ملندي.
8۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 9هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ سوختني قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: يعني تہ سوختني قرباني، ساري رات ويندي صبح تائين قربانگاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي؛ ۽ قربانگاهہ جي باهہ ان ۾ ٻرندي رهي. 10۽ ڪاهن پنهنجي سڻيءَ جي پوشاڪ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي؛ ۽ سوختني قرباني جا قربانگاهہ جي باهہ ۾ سڙي رک ٿي ويئي هجي، اها رک هو کڻي قربانگاهہ جي پاسي تي وجهي. 11پوءِ هو پنهنجا اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پائي، ۽ قربانگاهہ وٽان اها رک ڪنهن صاف جاءِ تي کڻي وڃي. 12قربانگاهہ تي باهہ ٻرندي رهي، ۽ اها ڪڏهن بہ وسائي نہ وڃي؛ ۽ ڪاهن هر روز صبح جو انهيءَ تي ڪاٺيون ٻاري: ۽ انهن تي سوختني قرباني ٺاهي رکي، ۽ انهيءَ جي مٿان سلامتيءَ جي قرباني جي چرٻي ساڙي. 13قربانگاهہ تي باهہ هميشہ ٻرندي رهي، ۽ اها ڪڏهن بہ وسائي نہ وڃي.
14۽ کاڌي جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: هارون جا پٽ اها قربانگاهہ جي سامهون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن. 15۽ هو انهي مان، يعني کاڌي جي قربانيءَ واري ميدي مان، ٿورو تيل سميت مٺ ڀري ڪڍن، ۽ کاڌي جي قربانيءَ تي جيڪو لوبان هجي، سو سڀ کڻي، ۽ يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ چڱي خوشبوءِ جي لاءِ ساڙين. 16۽ جيڪي انهي مان باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽ کائين: اهو ڪنهن پاڪ جاءِ تي خمير کان سواءِ کائڻ ۾ اچي؛ هو اهو جماعت واري تنبوءَ جي اڱڻ ۾ ويهي کائين. 17انهي ۾ خمير گڏي نہ پچائين. مون اهو هنن کي پنهنجين باهہ سان ساڙيل قربانين مان سندن حصو ڏنو آهي؛ اهو گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ وانگر تمام پاڪ آهي. 18هارون جي اولاد مان سڀ ڪو مرد ماڻهو اهو کائي، ڇالاءِ جو اوهانجن سڀني پيڙهين ۾، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين ۾ اهو هنن جو هميشہ جي لاءِ حق آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.
19۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 20جنهن ڏينهن هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪيو وڃي، تنهن ڏينهن اهي جيڪا قرباني خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن سا هيءَ آهي: يعني ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هميشہ کاڌي جي قربانيءَ طور آڻين، انهي جو اڌ صبح جي وقت، ۽ اڌ شام جي وقت آڻين. 21اهو تئي تي تيل سان پچائجي؛ جڏهن اهو پچي، تڏهن تون اهو اندر کڻي اچج، ۽ تون انهي پڪل ميدي جا ٽڪر ٽڪر ڪري، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪج. 22۽ هن جي پٽن مان جيڪو سندس جاءِ تي مسح ڪيل ڪاهن هجي سو انهيءَ کي پيش ڪري: اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي، تہ اها قرباني خداوند جي لاءِ سموري ساڙي ڇڏجي. 23۽ ڪاهن جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، سا سموري ساڙي وڃي: اها کائڻ ۾ بلڪل نہ اچي.
24۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 25هارون ۽ سندس پٽن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: تہ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، انهيءَ هنڌ گناهہ جي قرباني بہ، خداوند جي حضور ۾، ذبح ڪئي وڃي: اها تمام پاڪ آهي. 26جيڪو ڪاهن انهيءَ کي گناهہ جي لاءِ پيش ڪري، سو اها کائي: هو اها ڪنهن پاڪ هنڌ، جماعت واري تنبوءَ جي اڱڻ ۾ ويهي کائي. 27جيڪو انهي جي گوشت کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو: ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪپڙي تي انهي جي رت جا ڇنڊا پئجي وڃن تہ، جنهن تي اهي پيا هجن، سو تون ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي ڌوئج، 28پر جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، سو ٿانو ڀڃي ڇڏجي: پر جيڪڏهن ڪنهن پتل جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، تہ انهي ٿانو کي ملي ۽ پاڻيءَ سان ڌوئي صفا ڪجي. 29ڪاهنن مان سڀ ڪو ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اهو تمام پاڪ آهي. 30پر جنهن گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ پاڪ مڪان ۾ ڪفاري ڪرڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ آندو وڃي، تنهن جو گوشت کائڻ ۾ نہ اچي؛ اهو باهہ سان ساڙيو ويندو.
Currently Selected:
لاوي سرشتو 6: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: