YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 3

3
1۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي؛ ۽ هو ڪجهہ پنهنجي ڌڻ مان قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، پوءِ اُهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو خداوند جي حضور ۾ بي عيب پيش ڪري. 2هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري؛ ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين. 3۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي؛ يعني آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سموري چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن. 4۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي. ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي. 5۽ هارون جا پٽ انهي کي قربانگاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙين: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
6۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي، ۽ هو خداوند جي لاءِ ڌڻ مان ڪجهہ پيش ڪري؛ تہ اهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو بي عيب پيش ڪري. 7جيڪڏهن هو پنهنجي قربانيءَ لاءِ گهيٽو آڻي، تہ اهو خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪري: 8۽ هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري، ۽ هارون جا پٽ انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين. 9۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي، يعني انهي جي چرٻي، ۽ سارو دنب، پٺ جي هڏي تائين؛ ۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن. 10۽ ٻئي بڪيون ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي. 11۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي.
12جيڪڏهن انهي جي قرباني ڪا ٻڪري هجي، تہ اها خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪري: 13۽ هو انهي جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبو جي سامهون انهيءَ کي ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين. 14۽ هو انهيءَ مان پنهنجي قرباني يعني باهہ سان ساڙيل قرباني خداوند جي لاءِ چاڙهي؛ پر آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن، 15۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي. 16۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا چڱي خوشبوءِ لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي: سڀ چرٻي خداوند جي آهي. 17۽ اهو اوهان جي رهڻ جي سڀني جاين ۾، ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو، تہ اوهين چرٻي ۽ رت هرگز نہ کائو.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 3: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in