YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 26

26
1اوهين پنهنجي لاءِ بت نہ جوڙجو، نڪي ڪا اُڪريل مورت يا ڪو ٿنڀ ٺاهجو، نڪي ڪو مورت وارو پهڻ پنهنجيءَ زمين ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ کڙو ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 2اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ياد رکجو، ۽ منهنجي پاڪ مڪان جي تعظيم ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.
3جيڪڏهن اوهين منهنجن قانونن تي هلندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا؛ 4تہ آءٌ اوهان جي لاءِ پوريءَ مند تي مينهن وسائيندس، ۽ زمين پنهنجي پيدائش گهڻي ڏيندي، ۽ باغ جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا. 5۽ اوهان جي ان ڳاهڻ جو ڪم ڊاک چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو، ۽ ڊاک چونڊڻ جو ڪم ان پوکڻ تائين پيو هلندو: ۽ اوهين ماني ڍؤ ڪري کائيندا، ۽ پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت پيا گذاريندا. 6۽ آءٌ ملڪ ۾ صلح ۽ آرام قائم ڪندس، ۽ اوهين سمهي ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڪونہ ڊيڄاريندو: ۽ آءٌ جهنگلي جانورن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ترار ڪانہ هلندي. 7۽ اوهين پنهنجن دشمنن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اهي اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا. 8۽ اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڇڏيندا: ۽ اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا. 9۽ آءٌ اوهان تي مهر جي نظر ڪندس، ۽ اوهان کي ڦلدار ڪندس، ۽ اوهان کي وڌائيندس؛ ۽ اوهان سان پنهنجو عهد قائم ڪندس. 10۽ اوهين گڏ ڪري رکيل پراڻو اَن کائيندا، ۽ نئين مال جي اچڻ ڪري پراڻو ڪڍي ٻاهر ڪندا. 11۽ آءٌ پنهنجو خيمو اوهان ۾ کوڙيندس: ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت نہ ڪندو. 12۽ آءٌ اوهان جي وچ ۾ رهندس، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس، ۽ اوهين منهنجي اُمت ٿيندا. 13آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهي لاءِ تہ اوهين هنن جا غلام نہ ٿيو؛ ۽ مون اوهان جي پاڃاريءَ جا گز ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ اوهان کي سنئون هلايو اٿم.
14پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ هنن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا؛ 15۽ جيڪڏهن اوهين منهنجا قانون رد ڪندا، ۽ جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجين عدالتن کي ناپسند ڪندي، جنهن ڪري اوهين منهنجن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا، پر منهنجو عهد ڀڃندا؛ 16تہ آءٌ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندس؛ آءٌ اوهان تي خوف نازل ڪندس، يعني سلهہ ۽ تپ، جو اوهانجون اکيون چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندو: ۽ اوهان جو ٻج ڇٽڻ اجايو ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جا دشمن کائيندا. 17۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا. 18۽ جيڪڏهن انهن ڳالهين هوندي بہ اوهين منهنجو حڪم نہ مڃيندا، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جي گناهن جي عيوض ستوڻي سزا ڏيندس. 19آءٌ اوهان جي زور جو هٺ ڀڃندس؛ ۽ اوهان جو آسمان لوهہ جهڙو، ۽ اوهان جي زمين پتل جهڙي ڪندس: 20اوهان جي طاقت اجائي خرچ ٿيندي: ڇالاءِ جو اوهان جي زمين وڌيڪ پيدائش نہ ڪندي، نڪي باغ جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا. 21۽ جيڪڏهن اوهين منهنجي برخلاف هلندا، ۽ منهنجي نہ ٻڌندا؛ تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي ڪري اوهان تي ستوڻيون آفتون آڻيندس. 22۽ آءٌ اوهان منجهہ جهنگ جا مرون موڪليندس، جي اوهان جا ٻار کڻي ويندا، ۽ اوهان جي چوپائي مال کي چٽ ڪري ڇڏيندا، ۽ اوهان جو شمار گهٽائي ٿورو ڪندا؛ ۽ اوهانجون واٽون سڃيون ٿي پونديون. 23۽ جيڪڏهن انهن ڳالهين هوندي بہ اوهين سڌري مون ڏانهن نہ ڦرندا، پر منهنجي برخلاف هلندا؛ 24تہ پوءِ آءٌ بہ اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس. 25آءٌ اوهان جي مٿان ترار آڻيندس، جا ڪيل عهد جو بدلو وٺندي؛ ۽ جڏهن اوهين پنهنجن شهرن ۾ گڏ ڪيا ويندا، تڏهن آءٌ اوهان ۾ وبا موڪليندس؛ ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا. 26۽ جڏهن آءٌ اوهان جي روزيءَ کي ڀڃندس، تڏهن ڏهہ زالون هڪڙي تنور ۾ اوهان جون مانيون پچائينديون، ۽ اوهان جون مانيون اوهان کي توري ڏينديون: ۽ اوهين کائيندا پر ڍائبا ئي ڪين.
27۽ جيڪڏهن ايتري هوندي بہ اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، پر منهنجي برخلاف هلندا، 28تہ آءٌ ڪاوڙجي اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهانجن گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس. 29۽ اوهين پنهنجن پٽن جو، ۽ پنهنجين ڌيئرن جو ماس کائيندا. 30۽ آءٌ اوهان جون مٿانهيون جايون ڊاهي ڇڏيندس، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا لاش اوهان جي معبودن جي لاشن تي اُڇلائيندس؛ ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت ڪندو. 31۽ آءٌ اوهان جا شهر ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان جا پاڪ مڪان سڃا ڪري ڇڏيندس، ۽ آءٌ اوهانجين خوشبودار شين کي ڪين سنگهندس. 32۽ آءٌ ملڪ کي ويران ڪندس: ۽ جيڪي اوهان جا دشمن انهي ۾ رهندا هوندا سي انهي ڪري عجب ۾ پوندا. 33۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا. 34۽ جنهن عرصي ۾ ملڪ غير آباد هوندو، ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا، انهي عرصي ۾ اوهان جو ملڪ سبت وانگر آرام وٺندو؛ تڏهن زمين پنهنجن سبتن جو آرام وٺندي. 35جيستائين اها ويران رهندي تيستائين آرام وٺندي، يعني اهو آرام، جو کيس اوهانجن سبتن ۾ بہ نصيب ڪونہ ٿيندو هو، جڏهن اوهين منجهس رهندا هئا. 36۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دشمن جي ملڪ ۾ باقي رهندا، تن جي دلين ۾ آءٌ خوف پيدا ڪندس: ۽ اهي پن اُڏامڻ جي کڙڪي تي بہ ڀڄي ويندا؛ ۽ هو ائين ڀڄندا، جيئن ڪو ترار کان ڀڄي؛ ۽ ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو تہ بہ هو ڪري پوندا. 37جيتوڻيڪ ڪوبہ هنن جي پٺيان نہ پوندو، تڏهن بہ جيئن ڪو ترار کان ڀڄي، تيئن اُهي هڪٻئي جي مٿان ٿاٻا کائي ڪرندا: ۽ اوهان کي پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهڻ جي طاقت نہ ٿيندي. 38۽ اوهين قومن جي وچ ۾ تباهہ ٿي ويندا، ۽ اوهان جي دشمنن جي زمين اوهان کي کائي کپائي ڇڏيندي. 39۽ جيڪي اوهان مان باقي بچندا، سي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري اوهان جي دشمنن جي ملڪن ۾ مري ڳري ويندا؛ ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري بہ انهن سان گڏ مري ڳري ويندا. 40۽ جڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا، ۽ قبولدار ٿيندا، تہ جيڪا منهنجي نافرماني ڪري هو منهنجي برخلاف هليا آهن، 41تنهن جي ئي ڪري آءٌ سندن برخلاف هليس، ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم: تنهن لاءِ جڏهن انهن جي اڻ طهريل دل پشيمان ٿيندي، ۽ پنهنجي گناهہ جي سزا قبول ڪندا؛ 42تڏهن آءٌ پنهنجو عهد ياد ڪندس، جيڪو عهد يعقوب سان، ۽ اسحاق سان، ۽ ابرهام سان، ڪيو هوم؛ سو ياد ڪندس، ۽ انهي ملڪ کي بہ ياد ڪندس. 43۽ اها زمين بہ انهن کان ڇُٽندي، ۽ جيترو وقت زمين انهن کان سواءِ ويران رهندي، اوترو وقت اها پنهنجي سبت جو آرام وٺندي؛ ۽ هو پنهنجي گناهہ جي سزا قبول ڪندا: ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪيا، ۽ سندن روح منهنجن قانونن کان نفرت ڪئي. 44انهي هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي آءٌ انهن کان نفرت ڪندس، نڪي کين بلڪل برباد ڪندس، ۽ نڪي انهن سان ڪيل پنهنجو عهد ڀڃندس: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان: 45پر آءٌ هنن جي خاطر سندن ابن ڏاڏن سان ڪيل عهد ياد ڪندس، جن کي مون قومن جي ڏسندي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ آءٌ سندن خدا ٿيان: آءٌ خداوند آهيان. 46اهي آهن قانون ۽ حڪم ۽ قاعدا، جي خداوند پنهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ سينا جبل تي موسيٰ جي هٿان قائم ڪيا.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 26: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in