YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 17

17
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2تون، هارون ۽ سندس پٽن، ۽ بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ، تہ خداوند هي حڪم ڏنو آهي ۽ چيو اٿس، تہ 3اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪو بہ ماڻهو ڏاند، يا گهٽو، يا ٻڪر، منزلگاهہ ۾، يا منزلگاهہ کان ٻاهر ذبح ڪندو، 4۽ انهي کي خداوند جي خيمي جي اڳيان، خداوند جي واسطي قرباني چاڙهڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ نہ آڻيندو: تنهن تي خون جو الزام ايندو؛ ڄڻ تہ هن رت وهايو آهي؛ ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو: 5انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جيڪي پنهنجون قربانيون کلي ميدان ۾ ذبح ڪن ٿا، سي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي حضور ۾، ڪاهن وٽ آڻين، ۽ انهن کي خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قربانين طور ذبح ڪن. 6۽ ڪاهن انهن جو رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي قربانگاهہ تي ڇاٽاري، ۽ انهن جي چرٻي خداوند جي لاءِ، چڱي خوشبوءِ جي واسطي ساڙي. 7۽ اڳتي هو ڀوتن جي لاءِ پنهنجون قربانيون نہ چاڙهين، جن جي پيروي ڪندي هو زناڪار ٿيا آهن، اهو هنن جي لاءِ سندن پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون ٿيندو.
8۽ تون انهن کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ ماڻهو سوختني يا ٻي ڪا قرباني پيش ڪري، 9۽ اُها جماعت واري تنبو جي در وٽ آڻي خداوند جي لاءِ نٿو چاڙهي؛ اُهو ماڻهو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.
10۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس. 11ڇالاءِ جو بدن جي زندگي رت ۾ آهي: ۽ اها مون اوهان کي قربانگاهہ تي ڏني آهي، تہ اوهان جي روحن جي لاءِ ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو اهو رت ئي آهي، جنهن جي ڪري زندگيءَ جو ڪفارو ٿو ٿئي. 12تنهنڪري مون بني اسرائيل کي چيو، تہ اوهان مان ڪوبہ رت نہ کائي، نہ ڪو پرديسي، جو اوهان منجهہ رهي ٿو، سو رت کائي.
13۽ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن حلال جانور، يا حلال پکيءَ جو شڪار ڪري؛ سو انهي جو رت هاري ڇڏي، ۽ اهو مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي. 14ڇالاءِ جو سڀني جسمن جي زندگي، يعني انهن جو رت ۽ انهن جي جان هڪڙي ئي شيءِ آهي: تنهنڪري مون بني اسرائيل کي چيو، تہ اوهين ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو: ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن جسم جي زندگي انهي جو رت آهي: جيڪو اهو کائيندو سو تباهہ ڪيو ويندو. 15۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو. 16پر جي هو اهي نہ ڌوئندو ۽ نہ وهنجندو، تہ هو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 17: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in