YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 15

15
1۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ 2اوهين بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئو تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پرميل جو مرض ٿئي، تہ هو انهي جي ڪري ناپاڪ آهي. 3۽ انهي پرميل جي مرض ۾ هن جي ناپاڪي هن ريت ٿيندي: يعني هن جي بدن مان ڪجهہ وهندو هجي، توڙي هن جي بدن جو وهڪرو بند هجي، تہ بہ هو ناپاڪ آهي. 4۽ جنهن هنڌ تي اهڙو پرميل وارو ماڻهو سمهندو، سو ناپاڪ ٿيندو: ۽ جنهن شيءِ تي ويهندو، سا ناپاڪ ٿيندي. 5جيڪو هن جي هنڌ کي هٿ لائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. 6۽ جنهن شيءِ تي پرميل وارو ماڻهو ويٺو هجي، تنهن تي جيڪو ويهندو سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. 7۽ جيڪو پرميل واري ماڻهوءَ جي بت کي ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. 8۽ جيڪڏهن پرميل وارو ماڻهو، ڪنهن پاڪ ماڻهو تي ٿُڪ اُڇلائيندو، تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. 9۽ جنهن بہ زين تي پرميل وارو ماڻهو چڙهندو، سا ناپاڪ ٿيندي. 10۽ جيڪو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو، جا هن جي هيٺان هوندي، سو شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو اهڙيون شيون کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. 11۽ پرميل وارو ماڻهو پنهنجا هٿ پاڻيءَ سان ڌوئڻ کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن کي ڇهندو، تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. 12۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو کي پرميل وارو ماڻهو ڇهندو، سو ڀڃي ڇڏبو: ۽ سڀ ڪو ڪاٺ جو ٿانو پاڻيءَ ۾ ڌوئبو. 13۽ جڏهن پرميل وارو ماڻهو، پرميل کان ڇٽي پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ پنهنجو بت ڌوئي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو. 14۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا کڻي، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن کي ڏئي: 15۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.
16جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي احتلام ٿي پوي، تہ هو پنهنجو سڄو بت پاڻيءَ ۾ ڌوئي، ۽ هو شام تائين ناپاڪ رهندو. 17سڀ ڪو ڪپڙو ۽ چم جنهن تي مني پوي، سو پاڻيءَ سان ڌوئبو، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو. 18جيڪڏهن ڪو ماڻهو زال سان سمهندي انزال ڪري، تہ اهي ٻئي پاڻيءَ ۾ وهنجن، ۽ اهي شام تائين ناپاڪ رهندا.
19جڏهن ڪنهن زال جي بدن مان ماهواري رت اچي، تڏهن اها ستين ڏينهن تائين جدا رهندي؛ ۽ جيڪو کيس ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو. 20۽ جنهن شيءِ تي هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ سمهندي، سا ناپاڪ ٿيندي: ۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويهندي، سا بہ ناپاڪ ٿيندي، 21۽ جيڪو هن جي هنڌ کي ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. 22۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويٺي هجي، تنهن کي جيڪو ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. 23۽ جنهن وقت هوءَ ڪنهن هنڌ تي يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ تي ويٺي هجي، تنهن وقت جيڪو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو. 24۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن سان گڏ هڪڙي ئي هنڌ تي ستو هجي، ۽ هن جو گند کيس لڳو هجي، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ جنهن جنهن هنڌ هو ستو هوندو، سو بہ ناپاڪ ٿيندو.
25۽ جيڪڏهن ڪنهن زال کي ماهواري رت جدائيءَ واري عرصي کان گهڻا ڏينهن اڳي اچي، يا جدائي وارا ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بہ رت وهندو رهي: تہ جيترا ڏينهن اهو رت وهندو رهي، اوترا ڏينهن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ناپاڪ رهندي: هوءَ ناپاڪ آهي. 26انهن رت وهڻ وارن ڏينهن ۾ جنهن هنڌ تي هوءَ سمهندي، سو سندس معمولي ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ليکبو: ۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويهندي، سا سندس ماهواريءَ جي ناپاڪيءَ وانگر ناپاڪ ٿيندي. 27۽ جيڪو انهن شين کي ڇهندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. 28۽ جڏهن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ کان پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، تنهن کان پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي. 29۽ اٺين ڏينهن هوءَ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا کڻي، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ آڻي؛ 30۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري؛ ۽ ڪاهن هن جي ماهواريءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.
31اهڙي طرح اوهين بني اسرائيل کي سندن ناپاڪيءَ کان جدا ڪجو: تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي عبادت جو تنبو، جو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.
32هي قاعدو انهي مرد جي واسطي آهي، جنهن کي پرميل جو مرض هجي، يا جنهن کي احتلام هجي؛ 33۽ انهيءَ زال جي واسطي آهي، جا ماهواريءَ جي حالت ۾ هجي، يعني مرد توڙي زال جي واسطي آهي، ۽ انهي مرد جي واسطي آهي، جو ڪنهن ناپاڪ زال سان سمهي.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 15: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in