YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 12

12
1۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جيڪڏهن ڪا زال حاملہ ٿئي، ۽ پٽ ڄڻي، تہ اها ست ڏينهن ناپاڪ رهندي، جهڙيءَ طرح هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ ناپاڪ رهندي آهي. 3۽ اٺين ڏينهن انهي ڇوڪر جي بدن جي کل جو ختنو ڪيو وڃي. 4۽ اها زال پنهنجي پاڪ ٿيڻ تائين ٽيٽيهہ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي؛ ۽ جيستائين سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا نہ ٿين، تيستائين ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لائي، نڪي پاڪ مڪان ۾ اچي. 5پر جي هوءَ ڌيءَ ڄڻي تہ هوءَ ٻہ هفتا ناپاڪ رهندي، جيئن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ رهندي آهي: ۽ ڇاهٺ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي. 6پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن پٽ جي لاءِ توڙي ڌيءَ جي لاءِ، هڪڙو يڪسالو گهيٽو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ هڪڙو ڪبوتر جو ٻچو يا هڪڙو ڳيرو، گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ کڻي اچي: 7۽ هوءَ خداوند جي حضور ۾ اها قرباني چاڙهي ۽ هن جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ تہ پوءِ هوءَ پنهنجي رت وهڻ مان پاڪ ٿيندي. اهو قاعدو ويم واريءَ زال جي واسطي آهي، پوءِ هن جو ٻار پٽ هجي توڙي ڌيءَ هجي. 8پر جي انهيءَ زال کي گهيٽي جيتري وسعت نہ هجي، تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا آڻي؛ هڪڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 12: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in