لاوي سرشتو 1
1
1۽ خداوند موسيٰ کي سڏي، جماعت واري تنبوءَ مان ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ 2بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهي، تڏهن اوهين پنهنجي قرباني، چوپائي مال مان، يعني ڍورن ۽ ڌڻن مان آڻجو.
3جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي. 4هو پنهنجو هٿ انهيءَ سوختني قربانيءَ جي مٿي تي رکي؛ تہ اها سندس لاءِ قبول پوي ۽ سندس ڪفارو ٿئي. 5۽ هو انهي وهڙي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي رت آڻي پيش ڪن، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين. 6پوءِ هو انهيءَ سوختني قربانيءَ جي کل لاهي، ۽ انهيءَ کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري. 7پوءِ هارون ڪاهن جا پٽ، قربانگاهہ تي باهہ رکن، ۽ باهہ جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکن؛ 8۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي اهي ٽڪر ۽ سري ۽ چرٻي، قربانگاهہ واريءَ باهہ تي جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان ٺاهي رکن: 9۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
10جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري. 11۽ انهي کي هو قربانگاهہ جي اُتر واري پاسي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين. 12پوءِ هو انهي کي سريءَ ۽ چرٻيءَ سميت وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري، ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ واري باهہ تي جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن، تن جي مٿان ٺاهي رکي: 13پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
14جيڪڏهن خداوند جي لاءِ انهي جي قرباني پکين مان سوختني قرباني هجي، تہ هو پنهنجي قرباني ڳيرن مان يا ڪبوترن جي ٻچن مان آڻي پيش ڪري. 15۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي آڻي، انهي جي سسي مروٽي ڇڏي، ۽ پوءِ انهي کي قربانگاهہ تي ساڙي؛ ۽ انهي جو رت قربانگاهہ جي پاسي تي وهائي ڇڏي: 16۽ انهي جي گجي گند سميت ڪڍي، قربانگاهہ جي اُڀرندي واري پاسي تي، ڪيريءَ واريءَ جاءِ تي اُڇلائي ڇڏي: 17۽ هو انهي کي پرن کان وٺي ڦاڙي، پر ڇني ڌار نہ ڪري: پوءِ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ واريءَ باهہ تي، جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
Currently Selected:
لاوي سرشتو 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: