زاريون 5
5
1اي خداوند، ياد ڪر تہ اسان تي ڇا آيو آهي: نظر ڪر ۽ اسان جي خواري ڏس.
2اسان جو ورثو ڦيرائي ڌارين کي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان جا گهر بيگانن کي.
3اسين يتيم ۽ بي پدر آهيون، اسان جون مائون بيوہ زالن جهڙيون آهن.
4اسان پنهنجو پاڻي بہ ملهہ ڏيئي پيتو آهي؛ اسان جون ڪاٺيون بہ اسان کي وڪڻي ٿا ڏين.
5اسان جا پٺيان پوندڙ اسان جن ڪنڌن تي آهن: اسين ٿڪجي پيا آهيون، ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون.
6مانيءَ جي ڍءُ ڪرڻ لاءِ اسان مصرين کي، ۽ اسورين کي هٿ ڏنو آهي.
7اسان جن ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا ۽ اُهي نابود ٿيا آهن؛ ۽ اسان هنن جا گناهہ کنيا آهن.
8ٻانها اسان تي حڪم ٿا هلائين: اسان کي انهن جي هٿان ڇڏائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي.
9بيابان جي ترار جي خوف کان پنهنجو ساهہ بچائي، اسين پنهنجي ماني هٿ ڪريون ٿا.
10ڏڪار جي ساڙيندڙ گرميءَ کان، اسان جي کل تنور جهڙي ڪاري آهي.
11صيون ۾ زالن سان ۽ يهوداہ جي شهرن ۾ ڪنوارين ڇوڪرين سان هنن زور زبردستي ڪئي آهي.
12هنن جي هٿان امير سوريءَ چڙهيا: بزرگن جي منهن جي هنن عزت نہ رکي.
13جوان ماڻهن جنڊ کنيا، ۽ ٻار ڪاٺين جي بار هيٺ آٿڙجي ڪِريا.
14بزرگن دروازي تي ويهڻ ڇڏي ڏنو ۽ جوان ماڻهن ڳائڻ وڄائڻ کان بس ڪئي.
15اسان جي دل جي خوشي بند ٿي ويئي آهي؛ اسان جو ناچ بدلجي ماتم ٿي پيو آهي.
16ڇٽ اسان جي مٿي تان ڪري پيو آهي: افسوس آهي اسان جي حال تي! جو اسان گناهہ ڪيو آهي.
17انهيءَ ڪري اسان جي دل ماندي آهي؛ انهن ڳالهين ڪري اسان جي اکين ۾ ڌنڌ آهي؛
18ڇالاءِ جو صيون جو جبل ويران آهي، لومڙيون انهيءَ تي پيون گهمن.
19اي خداوند تون هميشہ قائم آهين؛ تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي هلندو هلي.
20ڇو تون اسان کي هميشہ لاءِ وساري ٿو ڇڏين، ۽ هيترو سارو وقت اسان کي ترڪ ٿو ڪرين؟
21اي خداوند، تون اسان کي پاڻ ڏانهن ڦيراءِ، تہ اسين ڦرون؛ اسان جا ڏينهن قديم زماني وانگر نئين سر جاري ڪر.
22پر تو اسان کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي، تون اسان تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهين.
Currently Selected:
زاريون 5: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: