YouVersion Logo
Search Icon

يشوع 18

18
1۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو. 2۽ بني اسرائيل ۾ باقي ست فرقا وڃي رهيا، جن کي پنهنجو ورثو ڪونہ مليو هو. 3۽ يشوع بني اسرائيل کي چيو تہ جيڪا زمين خداوند اوهان جن ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيستائين ڍرائي ڪندا؟ 4اوهين پنهنجي هرهڪ فرقي مان ٽي ٽي ماڻهو چونڊيو: ۽ آءٌ انهن کي موڪليندس ۽ اُهي انهيءَ ملڪ مان لنگهندا، ۽ پنهنجي ورثي موجب انهيءَ جو بيان لکي پوءِ مون وٽ ايندا. 5۽ اُهي انهيءَ کي ستن ڀاڱن ۾ ورهائيندا: يهوداہ پنهنجي سرحد ۾ ڏکڻ ۾ رهندو، ۽ يوسف جو گهراڻو اُتر ۾ پنهنجين حدن اندر رهندو. 6تنهنڪري اوهين انهيءَ ملڪ جا ست حصا ڪريو، ۽ اُهو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ آءٌ هتي، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان. 7پر لاوين جو اوهان سان گڏ حصو ڪونهي؛ ڇالاءِ جو خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي: ۽ جد، ۽ روبن، ۽ منسي جي اڌ فرقي کي پنهنجو ورثو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏانهن ملي ويو آهي، جو خداوند جي ٻانهي، موسيٰ هنن کي ڏنو هو. 8تنهن تي اُهي ماڻهو اُٿي هليا: ۽ يشوع انهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ انهيءَ ملڪ مان گهمندا وڃو، ۽ اُهو بيان لکي پوءِ مون وٽ اچو تہ آءٌ هتي سيلا ۾ خداوند جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان. 9انهيءَ موجب اُهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ انهيءَ ملڪ مان لنگهي انهيءَ جي شهرن موجب ست ڀاڱا ڪري هڪڙي ڪتاب ۾ بيان ڪيائون، ۽ موٽي سيلا واريءَ منزلگاهہ تي يشوع وٽ آيا. 10۽ يشوع سندن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي اڳيان ڪڻا وڌا: ۽ اُتي اُها زمين بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏنائين.
11۽ بني بنيمين جي فرقي جو ڪڻي وارو حصو، سندن قبيلن موجب هي آيو: ۽ انهن جي حصي جي سرحد بني يهوداهہ ۽ بني يوسف جي وچ ۾ آئي. 12۽ انهن جي سرحد اُتر پاسي يردن کان هلي؛ ۽ اُها سرحد اُتر ڏي يريحو جي پاسي ويئي، ۽ اُتان جبلن منجهان لنگهي اُلهندي ڏي ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي بيٿ آون جي بيابان تي بيٺي. 13پوءِ اُها سرحد اُتان هلي ڏکڻ ڏانهن لوز ڏي، يعني لوز جي پاسي ڏانهن ويئي (جو بيت ايل آهي)؛ پوءِ اُها سرحد لهي عطاراٿ ادار ڏانهن، انهيءَ ٽڪريءَ جي ويجهو ويئي، جا بيت حورون جي هيٺئين ڏکڻ واري پاسي آهي. 14پوءِ اُها سرحد اُتان نڪتي، ۽ جيڪا ٽڪري بيت حورون جي سامهون ڏکڻ ڏانهن آهي، تنهن جي چوڌاري ڦري ڏکڻ ڏانهن ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي قريٿ بعل وٽ بيٺي (جو قريٿ بعريم آهي)، ۽ بني يهوداہ جو شهر آهي: اها هئي اُلهندي واري سرحد. 15۽ ڏکڻ واري سرحد، قريٿ يعريم جي پڇاڙيءَ کان ٿي اُلهندي ڏانهن ويئي، ۽ نفتوح واري پاڻيءَ جي چشمي تائين نڪري ويئي: 16پوءِ اُها سرحد لهي اُنهيءَ جبل جي پڇاڙيءَ تائين آئي، جو هنوم جي پٽ واري واديءَ جي اڳيان آهي، ۽ جو اُتر ڏانهن رفائيم جي وادي ۾ آهي؛ پوءِ لهي هنوم جي واديءَ ڏانهن ويئي، جا ڏکڻ طرف يبوسين جي پاسي آهي، ۽ اُتان وري لهي عين راجل ڏانهن ويئي. 17۽ اُتر کان ڇڪجي عين شمس ڏانهن ويئي، ۽ اڳتي لنگهي جليلوٿ طرف ويئي، جو ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون آهي؛ پوءِ لهي روبن جي پٽ بوهن واري پٿر تائين ويئي؛ 18پوءِ پاسو ڏيئي لنگهي اُتر ڏانهن عراباہ جي سامهون ويئي، ۽ اُتان لهي عراباہ تائين ويئي: 19پوءِ اُها سرحد بيٿ حجلہ جو پاسو ڏيئي لنگهي اُتر ڏانهن ويئي: انهيءَ سرحد جي پڇاڙي کاري سمنڊ جي اُتر واري شاخ تي وڃي بيٺي، جو يردن جي ڏکڻ واري ڇيڙي وٽ آهي: اها هئي ڏکڻ واري سرحد. 20۽ يردن انهيءَ جي اُڀرندي واري حد هئي. اها هئي بني بنيمين جي ميراث، انهي جي چئني پاسن جي حدن موافق، ۽ سندن قبيلن موجب. 21هاڻي بني بنيمين جي فرقي جا شهر سندن قبيلن موجب هي هئا، يريحو، ۽ بيت حجلہ، ۽ عيمق قصيص؛ 22۽ بيٿ عرابہ، ۽ صمريم، ۽ بيت ايل؛ 23۽ عويم، ۽ فارہ، عفرہ؛ 24۽ ڪفرالعموني، ۽ عفني، ۽ جبع؛ ٻارنهن شهر ڳوٺن سميت. 25جبعون، ۽ رامہ، ۽ بيروٿ؛ 26۽ مصفاہ، ۽ ڪفيرہ، ۽ موضہ؛ 27۽ رقم، ۽ ارفيل، ۽ ترالہ؛ 28۽ ضلع، الف، ۽ يبوسين جو شهر (جو يروشلم آهي)، ۽ جبعٿ، ۽ قريٿ؛ چوڏهن شهر ڳوٺن سميت. اها آهي بني بنيمين جي ميراث سندن قبيلن موجب.

Currently Selected:

يشوع 18: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in