يشوع 14
14
1۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل کي ڪنعان جي زمين ۾ ورثو ٿي مليا سي هي آهن، ۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي بزرگن انهن کي ورهائي ڏنا. 2اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو. 3ڇالاءِ جو موسيٰ ٻن فرقن ۽ اڌ فرقي کي يردن جي هن ڀر ورثو ڏنو هو: پر لاوين کي انهن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنائين. 4ڇالاءِ جو يوسف جي ٻن پٽن، منسي ۽ افرائيم جا ٻہ فرقا هئا: ۽ هنن انهيءَ ملڪ ۾ لاوين کي ڪوبہ حصو ڪونہ ڏنو، سواءِ شهرن جي، ۽ چاري جي لاءِ زمين، تہ اُتي پاڻ بہ رهن، ۽ پنهنجو مال بہ چارين، ۽ پنهنجو قوت گذران بہ ڪن. 5جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو، ۽ انهن زمين ورهائي.
6تنهن کان پوءِ بني يهوداہ جلجال ۾ يشوع وٽ آيا: ۽ ڪالب بن يفنہ قنزي هن کي چيو تہ توکي انهيءَ ڳالهہ جي خبر آهي، تہ خدا جي ٻانهي موسيٰ کي، قادس برنيع ۾، خداوند منهنجي ۽ تنهنجي نسبت ۾ ڇا فرمايو هو. 7جڏهن خداوند جي ٻانهي موسيٰ مون کي قادس برنيع مان انهيءَ ملڪ جي جاسوسي لاءِ موڪليو هو، تڏهن آءٌ چاليهن سالن جي عمر جو هوس؛ ۽ مون موٽي اچي هن کي اُها خبر ڏني جا منهنجي دل ۾ هئي. 8انهيءَ هوندي بہ منهنجا ڀائر، جي مون سان هليا هئا، تن ماڻهن جون دليون پگهاري ڇڏيون؛ پر مون خداوند پنهنجي خدا جي پوري پيروي ڪئي. 9۽ موسيٰ انهي ڏينهن قسم کڻي چيو، تہ جنهن زمين تي تنهنجا پير پيا آهن، سا ضرور تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي لاءِ، هميشہ لاءِ موروثي ملڪيت ٿيندي، ڇو جو تو خداوند پنهنجي خدا جي پوري پيروي ڪئي آهي. 10هاڻي ڏس جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ٿيو، يعني جنهن وقت خداوند هيءَ ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي، ۽ اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ رلندا ٿي وتيا، تنهن وقت کان وٺي اڄ تائين جي پنجيتاليهہ ورهيہ گذريا آهن، سي هو مون کي جيئرو رکندو آيو آهي؛ ۽ هاڻي ڏس، آءٌ اڄ پنجاسي ورهين جي عمر جو آهيان. 11اڃا تائين آءٌ اهڙو مضبوط آهيان جهڙو انهيءَ ڏينهن هوس، جنهن ڏينهن موسيٰ مون کي موڪليو: مون کي جهڙو زور اڳي هو تهڙو هاڻي بہ آهي، جهڙو جنگ لاءِ، تهڙو اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ لاءِ. 12تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جبل ڏي جنهن بابت خداوند انهيءَ ڏينهن ذڪر ڪيو هو؛ ڇالاءِ جو انهي ڏينهن تو ٻڌو تہ عناقيم اُتي رهن ٿا، ۽ اُتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن: جيڪڏهن خداوند مون سان ٿيندو تہ پوءِ آءٌ انهي کي هڪالي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي. 13تڏهن يشوع هن جي حق ۾ دعا ڪئي، ۽ ڪالب بن يفنہ کي حبرون ورثو ڪري ڏنائين. 14تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين حبرون، ڪالب بن يفنہ قنزيءَ جي ملڪيت آهي، ڇالاءِ جو هن خداوند اسرائيل جي خدا جي پوريءَ طرح پيروي ڪئي. 15۽ حبرون جو نالو اڳي قريٿ اربع هو؛ جو اربع عناقيم ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو. تنهن کان پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.
Currently Selected:
يشوع 14: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: