يشوع 12
12
1هاڻي جيڪا زمين يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي ارنون جي واديءَ کان وٺي حرمون جي جبل تائين هئي، ۽ جيڪو ميدان اُڀرندي ڏي هو، تن جي جن جن بادشاهن کي بني اسرائيل ماري انهن جو ملڪ هٿ ڪيو، سي هي آهن: 2امورين جو بادشاهہ سيحون، جو حسبون ۾ رهندو هو، ۽ جنهن جي بادشاهي عروعير کان وٺي، جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، واديءَ جي وچ تائين، ۽ جلعاد جي اڌ تائين يعني بني عمون جي حد، يبوق نديءَ تائين هئي، 3۽ ميدان کان وٺي اُڀرندي ڏي ڪنرٿ جي سمنڊ تائين، ۽ ميدان جي سمنڊ ڏي يعني اُڀرندي واري کاري سمنڊ تائين، جو بيت يسيموٿ ڏي وڃڻ جو رستو آهي، ۽ پسگہ جي لاهيءَ هيٺان ڏکڻ تائين هئي: 4۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سرحد، جو باقي بچيل رفائيم مان هو، ۽ عستارات ۽ ادرعيءَ وٽ رهندو هو، 5۽ جنهن جي بادشاهي هئي حرمون جبل ۾، ۽ سلڪہ، ۽ سڄي بسن تي، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد ۽ اڌ جلعاد تائين، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي سرحد تي هئي: 6انهن کي خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو: ۽ خداوند جي ٻانهي موسيٰ اهو سڄو ملڪ ورثو ڪري بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي ڏيئي ڇڏيو هو.
7۽ جيڪو ملڪ يردن جي هن ڀر الهندي ڏي لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد کان وٺي خلق جبل، جو سعير ڏي ٿو وڃي، تنهن تائين آهي، تنهن جا بادشاهہ هي آهن، جن کي يشوع ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو، ۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري هن بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏيئي ڇڏيو هو؛ 8يعني جابلو ملڪ ۾، ۽ وادين ۾، ۽ ميدانن ۾، ۽ لاهين تي، ۽ بيابان ۾، ۽ ڏکڻ واري ملڪ ۾؛ حتي ۽ اموري، ۽ ڪنعاني، ۽ فرزي، ۽ حوي، ۽ يبوسي: 9يريحو جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عئيءَ جو بادشاهہ، جو بيت ايل جي ڀرسان هو، هڪڙو؛ 10يروشلم جو بادشاهہ، هڪڙو؛ حبرون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 11يرموٿ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ لڪيس جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 12عجلون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جزر جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 13دبير جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جدر جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 14حرمہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عراد جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 15لبناہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عدلام جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 16مقيدہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ بيت ايل جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 17تفوح جو بادشاهہ، هڪڙو؛ حفر جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 18افيق جو بادشاهہ، هڪڙو؛ لشرون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 19مدون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ حصور جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 20۽ سمرون مرون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ اڪشاف جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 21تعنڪ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ مجدو جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 22قادس جو بادشاهہ، هڪڙو؛ ڪرمل واري يقنعام جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 23دور جي چوٽيءَ تي دور جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جلجال جي قومن جو بادشاهہ، هڪڙو؛ 24ترضہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ ڪل ايڪٽيهہ بادشاهہ هئا.
Currently Selected:
يشوع 12: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: