YouVersion Logo
Search Icon

يشوع 1

1
1هاڻي خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو، جو خداوند موسيٰ جي خادم يشوع بن نون سان ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ، 2منهنجو ٻانهو موسيٰ مري ويو آهي؛ تنهنڪري هاڻي اُٿ ۽ هن سڄيءَ قوم سميت يردن جي پار لنگهي هن ملڪ ۾ وڃ، جو آءٌ بني اسرائيل کي ٿو ڏيان. 3جنهن جنهن جاءِ تي تنهنجو پير پوندو، سا مون اوهان کي ڏني آهي، جيئن ڪ مون موسيٰ کي چيو هو. 4بيابان، ۽ هن لبنان کان وٺي وڏيءَ نديءَ، يعني فرات نديءَ تائين، حتين جو سارو ملڪ، ۽ اُلهندي ڏي وڏي سمنڊ تائين، اوهان جي سرحد ٿيندي. 5تنهنجي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگهندو: جيئن آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس: آءٌ توکي وساري نہ ڇڏيندس، نڪي توکي ڇڏي ڏيندس. 6مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار: ڇالاءِ جو جنهن ملڪ جي نسبت ۾ مون هنن ماڻهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ کين ڏيندس، اها تون کين ورثو ڪري وٺي ڏيندين. 7رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿي، ۽ انهيءَ سڄي شريعت موجب ڌيان ڏيئي عمل ڪج، جنهن بابت منهنجي ٻانهي موسيٰ توکي حڪم ڏنو هو: انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ لڙج، تہ جيڏانهن وڃين اوڏانهن پوريءَ طرح ڪامياب ٿين. 8اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان وسرڻ نہ گهرجي، پر رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪج، تہ جيڪي انهيءَ منجهہ لکيل آهي تنهن موجب انهيءَ تي عمل ڪندو رهين: ڇالاءِ جو ائين ئي تنهنجو رستو برڪت وارو ٿيندو، ۽ تون پوريءَ طرح ڪامياب ٿيندين. 9مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.
10پوءِ يشوع ماڻهن جي عملدارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ 11اوهين منزلگاهہ جي وچ مان لنگهي ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ پنهنجي لاءِ کاڌي جو سامان تيار ڪن؛ ڇالاءِ جو ٽن ڏينهن جي اندر اوهان کي يردن جي پار لنگهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند ورثو ڪري اوهان کي ڏئي ٿو، سو هٿ ڪريو.
12۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي سان يشوع ڳالهايو، ۽ چيائين تہ 13خداوند جي ٻانهي موسيٰ جيڪي اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو سو ياد ڪريو، اهو هي آهي تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آرام ٿو ڏئي، ۽ اوهان کي هيءُ ملڪ ڏيندو. 14اوهان جون زالون، اوهان جا ٻار، ۽ اوهان جو چوپايو مال انهيءَ زمين ۾ رهندو، جا يردن جي هن ڀر موسيٰ اوهان کي ڏني؛ پر اوهين سڀ جي زور ۽ همت وارا ماڻهو آهيو، سي پنهنجن ڀائرن جي اڳيان هٿيار ٻڌي پار لنگهو، ۽ هنن جي مدد ڪريو؛ 15جيستائين خداوند اوهان جي ڀائرن کي بہ آرام بخشي، جيئن اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏئي ٿو: تڏهن اوهين پنهنجي انهيءَ ملڪ ڏي موٽي وڃجو جو اوهان جو آهي، ۽ انهيءَ تي قبضو ڪجو، جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، يردن جي پرئين ڀر اُڀرندي ڏانهن، اوهان کي ڏنو. 16تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪو بہ حڪم تو اسان کي ڏنو آهي سو اسين بجا آڻينداسين، ۽ جيڏانهن تون اسان کي موڪليندين اوڏانهن اسين وينداسين. 17جهڙيءَ طرح سڀني ڳالهين ۾ اسان موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي، تهڙيءَ طرح تنهنجي فرمانبرداري ڪنداسين: رڳو خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ حامي هجي، جيئن موسيٰ سان هو. 18جيڪو تنهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪندو، ۽ جيڪي ڳالهيون تون فرمائيندين سي نہ ٻڌندو، سو کڻي ڪير بہ هوندو، تہ انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏبو: رڳو مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار.

Currently Selected:

يشوع 1: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in