YouVersion Logo
Search Icon

يوناہ 1

1
1خداوند جو ڪلام يوناہ بن امتيءَ تي نازل ٿيو، تہ 2اُٿ، نينوہ جي وڏي شهر ڏي وڃ ۽ انهن جي برخلاف منادي ڪر؛ ڇالاءِ جو هنن جي بڇڙائي منهنجي سامهون آئي آهي. 3پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي. 4پر خداوند سمنڊ تي هڪڙو وڏو واءُ موڪليو ۽ ڏاڍو طوفان اچي لڳو، جنهن جي ڪري جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو. 5تڏهن خلاصي ڊنا ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پنهنجي خدا کي پڪاريو؛ ۽ جهاز ۾ جيڪو سامان هو، سو هو سمنڊ ۾ اُڇلائڻ لڳا، انهي لاءِ تہ جهاز هلڪو ٿئي. پر يوناہ لهي جهاز جي اندرين ڀاڱن ۾ ويو؛ ۽ اُتي گهاٽيءَ ننڊ ۾ سمهيو پيو هو. 6تڏهن جهاز جو معلم هن وٽ آيو ۽ چيائينس، تہ اي سمهندڙ، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ اُٿي پنهنجي خدا کي پڪار، تہ من انهيءَ خدا کي ڪو اسان جو خيال پوي ۽ اسين نہ ٻُڏون. 7۽ هنن مان هر ڪنهن پنهنجي سنگتيءَ کي چيو، تہ اچو تہ ڪڻا وجهون تہ خبر پوي تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي. تڏهن هنن ڪڻا وڌا، ۽ ڪڻو يوناہ جي نالي پيو. 8تڏهن هنن چيس تہ ڀلائي ڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙي سبب ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي؛ تنهنجو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ تون ڪٿان جو آهين؟ تنهنجو ملڪ ڪهڙو آهي؟ ۽ تون ڪهڙي قوم جو آهين؟ 9۽ هن انهن کي چيو تہ آءٌ عبراني آهيان، ۽ آءٌ خداوند آسمان جي خدا کان ڊڄان ٿو، جنهن سمنڊ ۽ سُڪي زمين پيدا ڪئي آهي. 10تڏهن اُهي ماڻهو ڏاڍا ڊنا، ۽ چيائونس تہ هي تو ڇا ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو هنن ماڻهن کي خبر هئي تہ هو خدا جي حضور مان ڀڳو آهي، جو پاڻ هنن کي ٻڌايو هئائين. 11تڏهن هنن پڇيس تہ اسين توسان ڇا ڪريون تہ سمنڊ اسان لاءِ ماٺو ٿئي؟ ڇالاءِ جو سمنڊ تي طوفان زور وٺندو ٿي ويو. 12۽ هن چين تہ مون کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وجهو؛ تہ سمنڊ اوهان جي لاءِ ماٺو ٿئي، ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي ئي ڪري هي وڏو طوفان اوهان تي آيو آهي. 13انهيءَ هوندي بہ هنن ماڻهن ڳن موڙي زمين ڏي موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگهيا: ڇالاءِ جو طوفان زور وٺندو ٿي ويو. 14جنهنڪري هنن خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين توکي عرض ٿا ڪريون، تہ هن ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي ڪري اسان کي نہ مار، ۽ بيگناهہ خون اسان تي نہ رک: ڇالاءِ جو، اي خداوند، جيئن توکي وڻيو تيئن تو ڪيو آهي. 15تڏهن هنن يوناہ کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو: ۽ سمنڊ جو زور شور بس ٿي ويو. 16تڏهن اُنهن ماڻهن کي خداوند جو ڏاڍو ڊپ ٿيو؛ ۽ هنن خداوند جي اڳيان هڪڙي قرباني ادا ڪئي ۽ مڃتا مڃيائون. 17۽ خداوند هڪڙي وڏي مڇي تيار ڪئي جا يوناہ کي ڳهي ويئي، ۽ يوناہ انهي مڇيءَ جي پيٽ ۾ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون پيو هو.

Currently Selected:

يوناہ 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in