قاضين 17
17
1۽ افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ميڪاہ هو. 2۽ انهيءَ پنهنجي ماءُ کي چيو تہ يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا، جي تنهنجا گم ٿي ويا هئا، ۽ جن بابت تو پٽ پاراتو ڪيو هو، ۽ مون کي بہ ٻڌايو هوءِ، ڏس تہ اُهي چانديءَ جا سڪا مون وٽ آهن؛ مون کنيا هئا. تڏهن ماڻس چيس تہ شل منهنجي پٽ کي خداوند برڪت ڏئي. 3پوءِ هن اُهي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، ۽ ماڻس چيو تہ آءٌ اُها چاندي پنهنجي هٿان خداوند جي لاءِ خاص طرح نذر ٿي ڪريان تہ انهيءَ مان منهنجو پٽ هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت جوڙائي: تنهنڪري هاڻي اُها آءٌ توکي موٽائي ٿي ڏيان. 4۽ جڏهن هن اُهي پئسا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، تڏهن ماڻس ٻہ سؤ چانديءَ جا سڪا کڻي هڪڙي ڪاريگر کي ڏنا، جنهن انهيءَ مان هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت ٺاهيو: ۽ اهو ميڪاہ جي گهر ۾ هو. 5۽ انهيءَ ماڻهو ميڪاہ وٽ معبودن جو هڪڙو گهر هو، ۽ هن هڪڙو افود ۽ ترافيم جوڙيو، ۽ پنهنجي پٽن مان هڪڙي کي مخصوص ڪيو هئائين تہ سندس ڪاهن ٿئي. 6انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪو بادشاهہ ڪونہ هو: سڀ ڪنهن ماڻهوءَ اُهو ڪم ٿي ڪيو جو سندس نظر ۾ چڱو ٿي لڳو.
7۽ بيت لحم يهوداہ مان، يهوداہ جي قبيلي جو هڪڙو جوان ماڻهو جو لاوي هو، اُهو اچي اُتي رهيو. 8۽ اهو ماڻهو بيت لحم يهوداہ واري شهر مان نڪتو تہ جتي ڪا جاءِ مليس اُتي وڃي رهي: ۽ سفر ڪندو افرائيم جي ڪوهستان ۾ ميڪاہ جي گهر آيو. 9۽ ميڪاہ چيس تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ هن چيس تہ آءٌ بيت لحم يهوداہ جو هڪڙو لاوي آهيان، ۽ وڃان ٿو تہ جتي ڪا جاءِ مليم، اُتي رهي پوان. 10۽ ميڪاہ چيس تہ تون مون سان گڏجي رهہ، ۽ منهنجو ابو ۽ ڪاهن ٿي رهہ، ۽ آءٌ توکي سال ۾ ڏهہ چانديءَ جا سڪا، ۽ ڪپڙن جو هڪڙو وڳو، ۽ کاڌو پاڻي ڏيندو رهندس. پوءِ اُهو لاوي اندر آيو. 11۽ اُهو لاوي انهيءَ ماڻهوءَ سان گڏ رهڻ تي راضي ٿيو؛ ۽ اُهو جوان هن کي سندس هڪڙي پٽ جهڙو هو. 12۽ ميڪاہ انهيءَ لاوي جو تقرر ڪيو، ۽ اُهو جوان ماڻهو سندس ڪاهن ٿيو، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ رهندو هو. 13تڏهن ميڪاہ چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن هڪڙو لاوي منهنجو ڪاهن آهي، تڏهن خداوند مون سان چڱائي ڪندو.
Currently Selected:
قاضين 17: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: