YouVersion Logo
Search Icon

قاضين 12

12
1۽ افرائيم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ لنگهي اُتر ڏانهن ويا، ۽ هنن افتاح کي چيو تہ ڇو تون بني عمون سان وڙهڻ لاءِ وئين، ۽ اسان کي پاڻ سان هلڻ لاءِ نہ چيئِہ؟ اسين تنهنجو گهر تو سميت باهہ سان ساڙي ڪيرائي وجهنداسين. 2تڏهن افتاح هنن کي چيو تہ منهنجو ۽ منهنجي قوم جو بني عمون سان ڏاڍو جهيڙو هو، ۽ جڏهن مون اوهان کي ڪوٺيو تڏهن اوهان مون کي هنن جي هٿان اچي نہ ڇڏايو. 3۽ جڏهن مون ڏٺو تہ اوهان مون کي نہ بچايو، تڏهن آءٌ پنهنجي جان پنهنجي هٿ تي کڻي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ ويس، ۽ خداوند هنن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو: تڏهن ڇو اوهين اڄ مون سان وڙهڻ لاءِ آيا آهيو؟ 4تڏهن افتاح جلعاد جا سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ افرائيم سان جنگ ڪيائين: ۽ جلعاد جي ماڻهن افرائيم کي شڪست ڏني، ڇو جو هنن چيو تہ اوهين جلعادي، جي افرائيم ۽ منسيءَ جي وچ ۾ ٿا رهو، سي افرائيم مان ڀڳل آهيو. 5۽ جلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ يردن جا لنگهہ وڃي جهليا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن افرائيم جي ڀڳلن مان ڪنهن اچي ٿي چيو تہ مون کي پار لنگهڻ ڏيو، تڏهن جلعاد جي ماڻهن هن کي ٿي چيو تہ تون افرائيمي آهين ڇا؟ جي هن ٿي چيو تہ نہ؛ 6تہ هنن ٿي چيس تہ تڏهن هاڻي چئُہ سبولت؛ ۽ هن چيو ٿي سبولت؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ لفظ جو اُچار برابر ڪري نٿي سگهيو؛ تنهن تي هو هنن کي جهلي يردن جي لنگهن تي قتل ڪندا هئا: انهيءَ وقت افرائيم جا ٻائيتاليهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.
7۽ افتاح ڇهہ سال اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو. پوءِ افتاح جلعادي وفات ڪئي ۽ جلعاد جي شهرن مان هڪڙي ۾ دفن ڪيو ويو.
8انهيءَ کان پوءِ ابصان بيت الحمي اسرائيل جو قاضي ٿيو. 9۽ انهيءَ کي ٽيهہ پٽ هئا؛ ۽ هن ٽيهہ ڌيئرون ڌارين ۾ پرڻايون، ۽ پنهنجن پٽن لاءِ ٽيهہ ڇوڪريون ڌارين مان آندائين. اُهو ست سال اسرائيل جو قاضي هو. 10۽ ابصان وفات ڪئي ۽ بيت لحم ۾ دفن ڪيو ويو.
11انهيءَ کان پوءِ ايلون زبولوني اسرائيل جو قاضي ٿيو؛ ۽ انهيءَ ڏهہ سال اسرائيل جو انصاف ڪيو. 12۽ ايلون زبولونيءَ وفات ڪئي ۽ زبولون جي ملڪ ۾، ايالون ۾ دفن ڪيو ويو.
13۽ انهيءَ کان پوءِ عبدون بن هليل فرعاتوني اسرائيل جو قاضي ٿيو. 14۽ انهيءَ کي چاليهہ پٽ ۽ ٽيهہ پوٽا هئا، جي ستر کودڙن تي چڙهندا هئا. ۽ انهيءَ اسرائيل جو اٺ سال انصاف ڪيو. 15۽ عبدون بن هليل فرعاتونيءَ وفات ڪئي ۽ عماليق جي ڪوهستان ۽ افرائيم جي ملڪ ۾، فرعاتون ۾ دفن ڪيو ويو.

Currently Selected:

قاضين 12: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in