YouVersion Logo
Search Icon

قاضين 10

10
1ابيملڪ کان پوءِ اسرائيل جي بچائڻ لاءِ اشڪار جو هڪڙو ماڻهو، تولع، بن فوہ، بن دودو اُٿيو، جو افرائيم جي ڪوهستان ۾ سمير منجهہ رهندو هو. 2۽ انهيءَ ٽيويهہ سال اسرائيل جو قاضي ٿي انصاف ڪيو، ۽ پوءِ هن وفات ڪئي؛ ۽ سمير ۾ دفن ڪيو ويو.
3انهيءَ کان پوءِ يائير جلعادي اُٿيو؛ ۽ انهيءَ اسرائيل ۾ ٻاويهہ سال انصاف ڪيو. 4۽ انهيءَ کي ٽيهہ پٽ هئا، جي ٽيهن کودڙن تي چڙهندا هئا، ۽ انهن کي ٽيهہ شهر هئا، جي اڄ ڏينهن تائين حووت يائير سڏبا آهن، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ آهن. 5۽ يائير وفات ڪئي ۽ قامون ۾ دفن ڪيو ويو.
6۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم ۽ عستارات جي، ۽ ارام جي معبودن، ۽ صيدا جي معبودن، ۽ موآب جي معبودن، ۽ بني عمون جي معبودن، ۽ فلستين جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا؛ ۽ هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهي جي عبادت نٿي ڪيائون. 7تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي بني عمون جي هٿن ۾ وڪڻي ڇڏيو. 8۽ بني عمون انهيءَ سال ۾ بني اسرائيل کي ستايو، ۽ مٿن ظلم ڪيائون: يردن جي هن ڀر، امورين جي زمين جا جلعاد ۾ آهي، تنهن ۾ جيڪي اسرائيلي رهندا هئا، تن تي هنن ارڙهن ورهيہ برابر ظلم ڪيو. 9۽ بني عمون يردن لنگهي، يهوداہ ۽ بنيمين ۽ افرائيم جي گهراڻي سان بہ وڃي وڙهيا، جنهنڪري اسرائيلي ڏاڍا تنگ ٿيا. 10تڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، جو اسان پنهنجي خدا کي ڇڏي بعليم جي عبادت پئي ڪئي آهي. 11۽ خداوند بني اسرائيل کي چيو تہ مون اوهان کي مصرين کان، ۽ امورين کان، ۽ بني عمون کان، ۽ فلستين کان ڪين بچايو ڇا؟ 12صيدانين، ۽ عماليقين، ۽ ماعونين بہ اوهان تي ظلم ڪيا؛ ۽ اوهان مون وٽ دانهون ڪيون ۽ مون اوهان کي هنن جي هٿن مان ڇڏايو. 13انهيءَ هوندي بہ اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن جي عبادت پئي ڪئي اٿوَ: تنهنڪري آءٌ اوهان کي وري نہ بچائيندس. 14وڃي انهن پنهنجن معبودن وٽ دانهون ڪريو جي اوهان پسند ڪيا آهن؛ ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي بچائين. 15تڏهن بني اسرائيل خداوند کي چيو تہ اسان برابر گناهہ ڪيو آهي: جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو اسان سان ڪر؛ اسين منٿ ٿا ڪريون تہ رڳو اڄ اسان کي بچاءِ. 16۽ هنن پاڻ وٽان ڌاريا معبود ڪڍي ڇڏيا، ۽ خداوند جي عبادت ڪرڻ لڳا: ۽ اسرائيل جي بري حال ڪري هن جي دل ڏکڻ لڳي. 17پوءِ بني عمون اچي گڏ ٿيا ۽ جلعاد ۾ منزل هنيائون. ۽ بني اسرائيل بہ گڏ ٿيا ۽ مصفاہ ۾ منزل هنيائون. 18۽ جلعاد جي ماڻهن ۽ اميرن هڪ ٻئي کي چيو تہ اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو بني عمون سان لڙائي شروع ڪندو؟ اُهوئي جلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿيندو.

Currently Selected:

قاضين 10: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in