گلتين 1
1
1پولس، جو نہ انسان جي پاران، نڪي انسان جي وسيلي، پر يسوع مسيح جي وسيلي، ۽ خدا پيءُ، جنهن انهي کي مُئلن مان اُٿاريو، تنهن جي طرفان رسول آهي، 2۽ جيڪي ڀائر مون سان آهن تن سڀني جي طرفان، گلتيہ جي ڪليسيائن ڏانهن: 3خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان اوهان تي هجي. 4جنهن اسان جي گناهن جي لاءِ پاڻ کي ڏيئي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب، هو اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني مان ڇڏائي؛ 5انهي جو جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.
6مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنهن اوهان کي مسيح جي فضل ۾ سڏيو، تنهن کان اوهين اهڙو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو؛ 7جا خوشخبري نہ آهي: رڳو ڪي اهڙا آهن جي اوهان کي مونجهاري ۾ ٿا وجهن، ۽ مسيح جي خوشخبري بگاڙڻ ٿا گهُرن. 8پر جيڪڏهن اسين، يا آسمان مان ڪو ملائڪ اوهان کي ڪا اهڙي خوشخبري ٻُڌائي، جا اسان اوهان کي نہ ٻُڌائي آهي، تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي. 9جيئن اسان اڳي بہ چيو آهي، تيئن هاڻ بہ آئون وري چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو، جيڪا خوشخبري اوهان کي ملي آهي تنهن کان سواءِ ٻي ڪا خوشخبري ٻُڌائي ٿو، تہ انهي تي لعنت هجي. 10ڇا آئون ماڻهن جي مهرباني ٿو چاهيان يا خدا جي؟ يا آئون ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گهُران ڇا؟ جيڪڏهن اڃا بہ ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ مسيح جو خادم يا غلام نہ هجان ها.
11ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، آئون اوهان کي چتايان ٿو، تہ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻُڌائي، سا انسان جي طرفان نہ آهي. 12ڇالاءِ جو، اُها مون کي انسان کان نہ ملي، نہ اها ڪنهن مون کي سيکاري، پر يسوع مسيح جي وسيلي مون تي ظاهر ٿي. 13هن ڪري جو يهودين جي مذهب ۾، گذريل وقت ۾ منهنجي هلت چلت اوهان ٻُڌي آهي، تہ ڪهڙيءَ طرح خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ۽ ڦٽائيندو هوس: 14۽ مون يهودين جي مذهب ۾ پنهنجي قوم جي ماڻهن مان گهڻن پاڻ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي؛ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي روايتن لاءِ تمام گهڻو سرگرم هوس. 15پر جنهن خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنهنجي فضل سان سڏيو، تنهن جي جڏهن اها مرضي ٿي 16تہ پنهنجي فرزند کي مون ۾ ظاهر ڪري، تہ آئون غير قومن ۾ انهي جي پڌرائي ڪريان، تڏهن مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي: 17نڪي يروشلم ۾ انهن وٽ ويس، جي مون کان اڳي رسول هئا: پر آئون فورن عربستان ڏانهن هليو ويس؛ ۽ وري اُتان موٽي دمشق ۾ آيس.
18وري ٽن ورهين کانپوءِ آئون ڪيفاس سان ملڻ لاءِ يروشلم ڏانهن ويس، ۽ پندرهن ڏينهن وٽس رهيس. 19پر خداوند جي ڀاءُ يعقوب کانسواءِ ٻئي ڪنهن رسول کي مون ڪونہ ڏٺو. 20هاڻي جي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، تن جي بابت خدا کي حاضر ڄاڻي آئون ڪوڙ نٿو ڳالهايان. 21تنهن کانپوءِ آئون شام ۽ ڪلڪيہ جي پرڳڻن ۾ آيس. 22۽ يهوديہ جون ڪليسيائون، جي مسيح ۾ هيون، تن سان اڃا منهنجي واقفيت ڪانہ ٿي هئي. 23پر هو رڳو هيترو ٻُڌندا هئا، تہ فلاڻو جو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي اُنهي دين جي منادي ٿو ڪري جنهن کي هو اڳي ڦٽائيندو هو؛ 24۽ اُهي منهنجي سبب خدا جي وڏائي ظاهر ڪندا هئا.
Currently Selected:
گلتين 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: