حزقي ايل 33
33
1۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چئُہ تہ جڏهن آءٌ ڪنهن ملڪ تي ترار نازل ڪريان، تڏهن جي انهي ملڪ جا ماڻهو پاڻ مان هڪڙو ماڻهو ڪڍي پنهنجو نگهبان مقرر ڪن: 3۽ جيڪڏهن اُهو نگهبان ترار ايندي ڏسي، ۽ قرناءِ وڄائي، ۽ ماڻهن کي خبردار ڪري؛ 4تہ تڏهن جي ڪو قرناءِ جي آواز ٻڌي ۽ خبردار نہ ٿئي، ۽ ترار اچي هن کي کڻي وڃي، تہ انهي جو خون سندس مٿي تي آهي. 5هن قرناءِ جو آواز ٻڌو ۽ خبردار نہ ٿيو؛ اُنهي جو خون مٿس آهي: پر جي هو خبردار ٿئي ها تہ پنهنجو ساهہ بچائي وٺي ها. 6پر جي نگهبان ترار ايندي ڏسي قرناءِ نہ وڄائي، ۽ ماڻهو خبردار نہ ٿين، ۽ ترار اچي نڪري، ۽ انهن مان ڪو ماڻهو کڻي وڃي؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ کڄي ويو آهي، پر انهي جي خون جو بدلو آءٌ نگهبان کان وٺندس. 7سو اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي جو نگهبان مقرر ڪيو آهي، تنهنڪري منهنجي واتان ڪلام ٻڌ، ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر. 8جيڪڏهن آءٌ شرير کي چوان تہ اي شرير شخص، تون ضرور مرندين، ۽ تون انهي شرير کي سندس رستي کان خبردار نہ ڪندين، تڏهن اُهو شرير شخص پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر انهي جي خون جو بدلو آءٌ توکان وٺندس. 9انهي هوندي بہ جي تون انهي شرير کي پنهنجي رستي کان ڦرڻ لاءِ خبردار ڪندين ۽ هو انهي کان نہ ڦرندو؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر تو پنهنجو ساهہ بچايو آهي.
10۽ اي آدمزاد، تون اسرائيل جي گهراڻي کي چئُہ، تہ اوهين جو هيئن ٿا چئو تہ اسان جا ڏوهہ ۽ اسان جا گناهہ اسان تي آهن، ۽ اسين انهن ۾ ڳرندا ٿا وڃون؛ سو اسين ڪيئن جيئرا رهون؟ 11انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟ 12۽ اي آدمزاد، تون پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چئو تہ سچار جي سچائي سندس گناهہ جي ڏينهن کيس نہ ڇڏائيندي؛ ۽ شرير جنهن ڏينهن هو پنهنجي شرارت کان ڦرندو پنهنجي شرارت ڪري نہ ڪِرندو: نڪي جيڪو سچار آهي سو انهي ڪري گناهہ ڪرڻ واري ڏينهن جيئرو رهي سگهندو. 13جڏهن آءٌ سچي کي چوان تہ تون ضرور جيئرو رهندين؛ تڏهن جي هو پنهنجي سچائي تي ڀروسو ڪندو ۽ گناهہ ڪندو، تہ هن جي چڱن ڪمن مان ڪوبہ ياد نہ ڪيو ويندو؛ پر جيڪو گناهہ ڪيو هوندائين تنهن جي ڪري هو ضرور مرندو. 14وري جڏهن آءٌ شرير کي چوان تہ تون ضرور مرندين، تڏهن جي هو پنهنجي گناهہ کان توبهہ ڪندو، ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪندو؛ 15جي شرير گروي رکيل شيءِ موٽائي ڏيندو، ۽ چورايل مال موٽائي ڏيندو، ۽ حياتيءَ جي قانونن تي هلندو، ۽ ڪوبہ گناهہ نہ ڪندو، تہ اُهو ضرور جيئرو رهندو، مرندو ڪين. 16جيڪي گناهہ هن ڪيا هوندا، تن مان ڪوبہ سندس برخلاف ياد نہ ڪيو ويندو: هن جيڪي ڪيو آهي سو قاعدي موجب درست آهي؛ اُهو ضرور جيئرو رهندو. 17انهي هوندي بہ تنهنجي قوم جا ماڻهو چون ٿا تہ خداوند جو رستو برابر ناهي: بلڪ حقيقت ۾ سندن رستو برابر ناهي. 18جڏهن سچو پنهنجي سچائي کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، تڏهن هو ضرور انهي ڪري مرندو. 19۽ جڏهن شرير پنهنجي شرارت کان ڦري ٿو ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪري ٿو، تڏهن هو انهي ڪري ضرور جيئرو رهندو. 20انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ خداوند جو رستو برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان مان هر ڪنهن جي عدالت سندس رستن موجب ڪندس.
21۽ اسان جي قيد جي ٻارهين سال ۾، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ هڪڙو شخص، جو يروشلم مان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي اچي چيو تہ شهر تباهہ ٿي ويو آهي. 22هاڻي انهي ڀڳل ماڻهوءَ جي اچڻ کان اڳ ۾، خداوند جو هٿ شام جي وقت مون تي هو، ۽ هن منهنجو وات پَٽيو؛ ۽ جڏهن اُهو ماڻهو صبح جو مون وٽ آيو، تڏهن منهنجو وات کليل هو ۽ آءٌ گونگو نہ هوس. 23۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 24اي آدمزاد، جيڪي ماڻهو اسرائيل جي زمين ۾ انهن ويران جاين تي رهن ٿا، سي چوندا وتن تہ ابرهام هڪڙو ئي هو، جنهن کي اُها زمين ورثي ۾ ملي؛ پر اسين تہ گهڻا آهيون؛ اُها زمين اسان کي موروثي ملڪيت ٿي ملي آهي. 25تنهنڪري تون هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رت سميت کائو ٿا، ۽ پنهنجون اکيون پنهنجن بُتن ڏانهن کڻو ٿا، ۽ خونريزي ڪريو ٿا، پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟ 26اوهين پنهنجي ترار تي بيهو ٿا، اوهين ڪراهت جهڙا ڪم ڪريو ٿا، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي خراب ڪري ٿو: پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟ 27تون هنن کي هيئن چئو تہ خداوند خدا فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيڪي ويران جاين تي رهن ٿا، سي ضرور ترار سان ڪِرندا، ۽ جيڪو کليل ميدان تي آهي، تنهن کي آءٌ جانورن جي حوالي ڪندس، تہ اُهي هن کي ڳڙڪائي وڃن، ۽ جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ هوندا، سي مريءَ جي سبب مرندا. 28۽ آءٌ زمين کي ويران ۽ حيرت جو سبب ڪندس ۽ ان جي طاقت جو فخر بند ٿي ويندو، ۽ اسرائيل جا جبل بہ اهڙا ويران ٿي ويندا جو ڪوبہ منجهان نہ لنگهندو. 29تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ ملڪ کي حيران ۽ حيرت جو سبب ڪندس، جو هنن هيترا ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن. 30باقي تون، سو اي آدمزاد، تنهنجي قوم جا ماڻهو تنهنجي بابت ڀِتين جي پاسن ۽ گهرن جي درن تي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوي ٿو تہ ڀلائي ڪر، هل تہ اُهو ڪلام ٻڌون جو خداوند وٽان ٿو اچي. 31هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي. 32ڏس تون هنن جي لاءِ هڪڙو اهڙو وڻندڙ راڳ آهين جو ڪو چڱي آواز وارو ماڻهو ڳائي، ۽ ڪو چڱو ساز وڄائي؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن. 33۽ جڏهن ائين ٿيندو (ڏس اُهو وقت ايندو)، تڏهن هو ڄاڻندا تہ منجهن ڪو نبي موجود رهيو آهي.
Currently Selected:
حزقي ايل 33: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: