حزقي ايل 3
3
1۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڏسين ٿو سو کائي وڃ؛ هيءَ ويڙهي کاءُ، پوءِ وڃي اسرائيل جي گهراڻي سان ڳالهاءِ. 2تڏهن مون وات پٽيو ۽ هن مون کي اُها ويڙهي کارائي. 3۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ ويڙهي جا آءٌ توکي ڏيان ٿو، تنهن سان پنهنجو پيٽ ڀر. تڏهن مون اُها کاڌي؛ ۽ اُها منهنجي وات کي اهڙي مٺي لڳي جهڙي ماکي.
4۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تون اسرائيل جي گهراڻي ۾ وڃ ۽ منهنجون ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ. 5ڇالاءِ جو تون ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۽ مشڪل زبان واري قوم وٽ موڪليو نٿو وڃين، پر اسرائيل جي گهراڻي وٽ؛ 6نہ ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ مشڪل زبان وارين گهڻين قومن ڏانهن جن جون ڳالهيون تون سمجهي نہ سگهين. يقيناً جي آءٌ توکي انهن وٽ موڪليان تہ جيڪر هو تنهنجي ٻڌن. 7پر اسرائيل جو گهراڻو تنهنجي نہ ٻڌندو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ٻڌڻ نٿا گهرن: ڇا اسرائيل جي گهراڻي وارا سڀ سخت پيشاني ۽ سنگدل آهن. 8ڏس، مون تنهنجي منهن کي هنن جي منهن جي مقابلي ۾ سخت ڪيو آهي ۽ تنهنجي پيشاني هنن جي پيشانين جي مقابلي ۾ سخت ڪئي اٿم. 9چقمق جي پهڻن کان بہ وڌيڪ، بلڪ هيري وانگي مون تنهنجي پيشاني ڪئي آهي: هنن کان نہ ڊڄ، نہ هنن جا منهن ڏسي هراسان ٿيءُ، جيتوڻيڪ اُهو باغي گهراڻو آهي. 10هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان تن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي ۽ اُهي ڪَن ڏيئي ٻُڌ. 11۽ وڃ انهن قيدين کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي؛ پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن.
12تڏهن روح مون کي مٿي کنيو ۽ مون پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سٽڪي جهڙو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ شل خداوند جو جلال پنهنجي جاءِ تي مبارڪ هجي. 13۽ مون انهن ساهہ وارن جي پرن جي هڪ ٻئي کي لڳڻ جو آواز ۽ انهن جي پاسي کان ڦيٿن جو آواز ٻڌو، جو وڏي سٽڪي جهڙو آواز هو. 14انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو. 15تنهن کانپوءِ آءٌ تل ابيب ۾ قيدين وٽ ويس، جي ڪبار نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، ۽ آءٌ ستن ڏينهن تائين انهن منجهہ حيران ٿيو ويٺو هوس.
16۽ ستن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو تہ 17اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نگهبان بنايو آهي: تنهنڪري منهنجي واتان هي ڪلام ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر. 18جڏهن آءٌ ڪنهن شرير کي چوان تہ تون ضرور مرندين؛ ۽ تون هن کي خبردار نہ ڪرين، ۽ شرير کي سندس شرارت واري رستي کان خبردار ٿيڻ لاءِ نہ سمجهائين تہ هن جي حياتي بچي؛ تڏهن اُهو ساڳيو شرير ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مرندو، پر ان جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس. 19پر جي تون انهي شرير کي خبردار ڪندين ۽ هو پنهنجي شرارت کان يا پنهنجي خراب رستي کان باز نہ ايندو، تہ پوءِ هو ضرور پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مرندو؛ پر تو پنهنجي جان بچائي آهي. 20وري جڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي اڳيان آٿڙائڻ جو پهڻ رکان ٿو تہ اُهو مرندو؛ ڇالاءِ جو تو هن کي خبردار نہ ڪيو آهي، تنهنڪري هو پنهنجي گناهہ ۾ مرندو، ۽ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن سي ياد ڪيا نہ ويندا؛ پر هن جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس. 21پر جي تون سچي ماڻهوءَ کي خبردار ڪندين تہ هو گناهہ نہ ڪري، ۽ هو گناهہ نہ ڪندو، تہ پوءِ هو ضرور جيئرو رهندو، ڇالاءِ جو هو خبردار ٿيو؛ ۽ تو پنهنجي جان بچائي آهي.
22۽ اُتي خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ هن مون کي چيو تہ اُٿ، نڪري ميدان ۾ وڃ تہ اُتي آءٌ توسان ڳالهايان. 23تڏهن آءٌ اُٿيس ۽ نڪري ميدان ۾ ويس: تہ ڏسان تہ خداوند جو اهڙو جلال اُتي بيٺو آهي جهڙو جلال ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺو هوم: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس. 24تڏهن روح مون ۾ گهڙي آيو، ۽ مون کي اُٿاري پيرن ڀر بيهاريائين؛ ۽ هن مون سان ڳالهايو ۽ مون کي چيائين تہ وڃي پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ بند ڪري ڇڏ. 25پر اي آدمزاد، ڏس، هو توتي بند رکندا، ۽ انهن سان توکي ٻَڌندا، ۽ تون انهن جي وچ ۾ انهن وٽ ٻاهر نہ ويندين. 26آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهنڪري تون گونگو ٿيندين، ۽ هنن کي نصيحت ڪري نہ سگهندين: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي. 27پر جڏهن آءٌ توسان ڳالهائيندس، تڏهن آءٌ تنهنجو وات پٽيندس ۽ پوءِ تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن کي ٻڌڻو هجي سو ٻڌي؛ ۽ جيڪو نہ ٻڌي سو ڀلي تہ نہ ٻڌي: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.
Currently Selected:
حزقي ايل 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: