YouVersion Logo
Search Icon

حزقي ايل 27

27
1خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، تون وري بہ صور جي لاءِ هڪڙو مرثيو کڻ؛ 3۽ صور کي چئُہ تہ تون جو سمنڊ جي لنگهہ جي جاءِ تي رهين ٿو، ۽ گهڻن ٻيٽن جي لاءِ قومن جو سوداگر آهين، تنهن کي خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي صور، تو چيو آهي تہ آءٌ حسن ۾ ڪامل آهيان. 4تنهنجون سرحدون سمنڊ جي وچ ۾ آهن، ۽ تنهنجن اڏيندڙن تنهنجو حسن ڪامل ڪيو آهي. 5هنن تنهنجا سڀ جهاز وارا تخت سنير جي صنوبر جي وڻن جا جوڙيا آهن: تنهنجي کوهي جوڙڻ لاءِ هنن لبنان مان ديودار جا وڻ آندا آهن. 6تنهنجا ونجهہ هنن بسن جي شاهہ بلوطن مان جوڙيا آهن؛ ۽ تنهنجا ويهڻ جا صندل ڪتيم جي ٻيٽن مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي، انهي ۾ عاج جَڙي ٺاهيا اٿن. 7تنهنجو سڙهہ سنهڙي سڻيءَ جي چڪندوزي ڪپڙي جو هو، جو مصر مان آندو ويو هو، انهي لاءِ تہ اُهو تنهنجي لاءِ هڪڙو بيرق جهڙو نشان ٿئي؛ تنهنجي ڍڪ جو ٽپڙ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو، جو اليسہ جي ٻيٽن مان آندو ويو هو. 8تنهنجا ونجهہ هلائڻ وارا صيدون ۽ ارود جا رهاڪو هئا: اي صور تو ۾ جيڪي ڏاها ماڻهو هئا سي تنهنجا ناخدا هئا. 9جبال جا پير مرد ۽ اُتي جا ڏاها ماڻهو تو ۾ ٽُنگن بند ڪرڻ ۽ مرمت ڪرڻ وارا هئا: سمنڊ جا سڀ جهاز پنهنجي خلاصين سوڌا تو وٽ هئا، تہ اُهي تنهنجي سوداگريءَ جو ڪم ڪن. 10فارس ۽ لود ۽ فوطہ جا ماڻهو تنهنجي لشڪر ۾ تنهنجا جنگي پهلوان هئا: هنن سپر ۽ جنگي توپ تو ۾ ٽنگيا هئا؛ هنن تنهنجي رونق وڌائي. 11ارود جا ماڻهو تنهنجي لشڪرن سان چوڌاري تنهنجي ڀتين تي هئا، بهادر مرد تنهنجي ٺلهن تي هئا: انهن پنهنجون سپرون چوڌاري تنهنجين ڀِتين تي ٽنگي ڇڏيون، انهن تنهنجو حسن ڪامل ڪيو. 12ترسيس هر قسم جي دولت جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجو سوداگر هو؛ ۽ پنهنجن وٿن جي لاءِ هنن چاندي، لوهہ، قلعي ۽ شيهي سان واپار ٿي ڪيو. 13ياوان، توبل، ۽ مسڪ تنهنجي ڏيتي ليتي ڪرڻ وارا واپاري هئا: هنن تنهنجي لاءِ ٻانهن ۽ پتل جي باسڻن جو واپار ٿي ڪيو. 14تجرماہ جي گهراڻي وارا گهوڙا، ۽ جنگي گهوڙا، ۽ خچر ڏيئي، تنهنجون وٿون وٺندا هئا. 15ددان جا ماڻهو بہ تنهنجا واپاري هئا: گهڻا ٻيٽ تنهنجي هٿ هيٺ واپاري هئا: هو تولاءِ عاج ۽ آبنوس جا سڱ سوغات ڪري آڻيندا هئا. 16ارامي تنهنجي دستڪاري وٿن جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجا سوداگر هئا: هو تنهنجن وٿن لاءِ زمرد، قرمز ۽ چڪندوزي ڪم ۽ عمدو سنهو ڪپڙو ۽ مرجان ۽ لعلون ڏيندا هئا. 17يهوداہ ۽ اسرائيل جا رهاڪو تنهنجا واپاري هئا، هو تنهنجي سوداگري مال وٺڻ جي لاءِ منت ۽ پتنگ جي ڪڻڪ، ۽ ماکي، ۽ تيل ۽ بلسان ڏيندا هئا. 18دمشق بہ تنهنجن گهڻين ڪاريگريءَ جي شين لاءِ هر قسم جي دولت سبب تنهنجو واپاري هوندو هو؛ توکي هو حلبون جو شراب ۽ اڇي پشم بہ آڻي ڏيندو هو. 19ددان ۽ ياوان تنهنجي سامان جي عيوض سٽ ڏيندا هئا: هو چمڪندڙ لوهہ، دال چيني ۽ ڪلمن جون ڪانيون ڏيئي، تنهنجي واپار جون وٿون وٺندا هئا. 20ددان سواريءَ جي قيمتي ڪپڙن وڪڻڻ ۾ تنهنجو سوداگر هوندو هو. 21عرب ۽ قيدار جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا؛ رڍن ۽ گهيٽن ۽ ٻڪرين ۾ هو تنهنجا سوداگر هوندا هئا. 22سبا ۽ رعماہ جا واپاري تنهنجا واپاري هوندا هئا؛ هو سڀيئي عمدا مصالحہ ۽ سڀ قيمتي پٿر ۽ سون ڏيئي تنهنجو مال وٺندا هئا. 23حران، ۽ ڪنہ، ۽ عدن، ۽ سبا، ۽ اسور، ۽ ڪلمد جا واپاري تنهنجا واپاري هوندا هئا. 24اُهي هئا تنهنجا واپاري عمدين وٿن ۾، آسماني چڪندوزي ڪم وارن ڪپڙن ۾، ۽ قيمتي پوشاڪن جي صندوقن ۾، جي رسن سان ٻڌل هيون ۽ ديودار جي ڪاٺ جون جڙيل هيون، اُهي تنهنجي سوداگري مال ۾ هيون. 25تنهنجي سوداگري مال لاءِ ترسيس جا جهاز تنهنجا قافلا هئا: ۽ تون ڀريو پيو هئين، ۽ سمنڊن جي وچ ۾ نهايت مشهور هئين. 26تنهنجن ونجهن هلائڻ وارن توکي وڏي پاڻي ۾ آندو آهي، اُڀرندي جي واءُ سمنڊ جي وچ ۾ توکي ڀڃي وڌو آهي. 27تنهنجي دولت، تنهنجون شيون، تنهنجو سوداگري مال، تنهنجا خلاصي ۽ تنهنجا ناخدا، تنهنجا مرمت ڪندڙ ۽ تنهنجي مال جا سوداگر، ۽ تنهنجا سڀ جنگي ماڻهو جي تو ۾ آهن، ۽ تنهنجي سڄي جماعت جا تو ۾ آهي، اُهي سڀ تنهنجي تباهيءَ جي ڏينهن سمنڊن جي وچ ۾ ڪِري پوندا. 28تنهنجن ناخدائن جي دانهن جي آواز تي، ٻهراڙيون لڏي وينديون. 29۽ سڀ ونجهہ هلائڻ وارا ۽ خلاصي ۽ سمنڊ جا سڀ ناخدا پنهنجن جهازن تان لهي ايندا ۽ زمين تي اچي بيهندا، 30۽ هو اهڙو پڪاريندا جو سندن آواز تنهنجي مٿان پيو ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪندا ۽ پنهنجن مٿن تي مٽي وجهندا ۽ خاڪ ۾ ليٽندا: 31۽ هو پاڻ کي تنهنجي لاءِ گنجو ڪندا، ۽ چيلهہ سان کٿو ٻڌندا، ۽ ڏاڍو ماتم ڪري تنهنجي لاءِ گهڻي دل جي درد سان روئندا. 32۽ واويلا ڪندي هو تنهنجي لاءِ مرثيا کڻندا، ۽ توتي افسوس ڪندا، ۽ چوندا تہ صور جهڙو ڪير آهي، يا انهي جهڙو جو سمنڊ جي وچ ۾ ناس ڪيو ويو آهي؟ 33جڏهن تنهنجو سوداگري مال سمنڊن کان پار ويندو هو، تڏهن تو گهڻين قومن کي ڀري ٿي ڇڏيو؛ تو زمين جي بادشاهن کي پنهنجي دولت ۽ پنهنجي سوداگري مال جي گهڻائيءَ سان دولتمند ٿي ڪيو. 34جنهن وقت پاڻين جي اونهائي ۽ سمنڊ توکي ڀڃي ڇڏيو هو، تنهن وقت تنهنجو سوداگري مال، ۽ تنهنجي ڪل جماعت تو ۾ ڪِري پيئي. 35ٻيٽن جا سڀ رهاڪو توتي حيران آهن، ۽ انهن جا بادشاهہ گهڻي خوف ۾ آهن؛ انهن جون شڪليون ئي بدلجي ويون آهن. 36قومن ۾ سوداگر توتي شوڪارا ڀرين ٿا؛ تون خوف جو سبب ٿي پيو آهين؛ ۽ اڳتي وري ڪڏهن بہ نہ هوندين.

Currently Selected:

حزقي ايل 27: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in