حزقي ايل 22
22
1تنهن کانپوءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، تون عدالت ڪندين، تون هن خوني شهر جي عدالت ڪندين ڇا؟ تڏهن اُن کي سندس سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ٻڌاءِ. 3۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هي اهڙو شهر آهي جو پنهنجي وچ ۾ رت وهائي ٿو تہ سندس وقت اچي، ۽ جو پاڻ کي ناپاڪ ڪرڻ لاءِ بُت جوڙي ٿو! 4جيڪو رت تو وهايو آهي، تنهن جي ڪري تون ڏوهاري ٿيو آهين، ۽ جيڪي بُت تو جوڙيا آهن تن جي ڪري تون ناپاڪ ٿيو آهين؛ ۽ تو پنهنجا ڏينهن ويجها آندا آهن، بلڪ تون پنهنجن ورهين کي اچي پهتو آهين، تنهنڪري مون توکي قومن جي لاءِ ملامت، ۽ سڀني ملڪن جي لاءِ کل ٺٺولي ڪيو آهي. 5اي بدنام ۽ فسادي، جيڪي توکي ويجها آهن، ۽ جيڪي توکان پري آهن، سي توتي ٺٺوليون ڪندا. 6ڏس، اسرائيل جا سردار، پنهنجي پنهنجي طاقت آهر رت وهائڻ لاءِ تو ۾ آيا آهن. 7تو ۾ هنن ماءُ پيءُ ڏانهن حقارت پئي ڏيکاري آهي؛ تنهنجي وچ ۾ هنن پرديسين سان ظلم پي ڪيو آهي: تو ۾ هنن يتيمن ۽ بيوهن کي پئي ستايو آهي. 8تو منهنجي پاڪ شين کي ڌڪاريو آهي ۽ منهنجن سبتن جي بي ادبي ڪئي آهي. 9تو ۾ رت هارڻ جي لاءِ چغلخور ماڻهو رهيا آهن: ۽ هنن تو ۾ جبلن تي ويهي کاڌو آهي: تنهنجي وچ ۾ هنن شهوت پرستي ڪئي آهي. 10تنهنجي وچ ۾ هنن پنهنجن ابن جي اوگهڙ ظاهر ڪئي آهي: تو ۾ هنن حيض وارين زالن کي خراب ڪيو آهي. 11۽ هڪڙي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان بڇڙو ڪم ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي پنهنجي ننهن کي شهوت جي رستي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي وري پنهنجي ڀيڻ، يعني پيءُ جي ڌيءَ کي خراب ڪيو آهي. 12تو ۾ هنن رشوتون وٺي رت وهايو آهي؛ تو وياج ۽ سود ورتو آهي، ۽ تو لالچي ٿي ظلم زبردستيءَ سان پنهنجن پاڙيسرين کي ڦريو آهي، ۽ مون کي وساريو اٿيئي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي. 13تنهنڪري ڏس، جيڪو فائدو تو ڪپت ڪري حاصل ڪيو آهي تنهن تي، ۽ جيڪا خونريزي تو ۾ ٿي آهي تنهن تي، مون پنهنجي هٿ سان ڌڪ هنيو آهي. 14جن ڏينهن ۾ آءٌ توکان حساب وٺندس انهن ڏينهن ۾ تنهنجي دل صبر ڪري سگهندي ڇا، يا تنهنجا هٿ زوراور رهي سگهندا ڇا؟ مون خداوند ائين فرمايو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس. 15۽ آءٌ توکي قومن ۾ پکيڙيندس ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس ۽ آءٌ تنهنجي بڇڙائي تو مان ساڙي ڪڍندس. 16۽ تون قومن جي نظر ۾ پنهنجو پاڻ ناپاڪ ڪيو ويندين، ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.
17۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 18اي آدمزاد، اسرائيل جو گهراڻو منهنجي اڳيان مُٺ ٿي پيو آهي؛ اُهي سڀ کوري جي وچ ۾ پتل، ۽ قلعي، ۽ لوهہ، ۽ شيهو آهن؛ اُهي چانديءَ جو مُٺ آهن. 19خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهين سڀ مُٺ ٿي پيا آهيو، تنهنڪري ڏسو، آءٌ اوهان کي يروشلم جي وچ ۾ گڏ ڪندس. 20جيئن ماڻهو کوري جي وچ ۾ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ شيهو، ۽ قلعي گڏ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ انهي کي باهہ ڦوڪي پگهارين؛ تيئن آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۽ جوش ۾ اوهان کي بہ گڏ ڪندس ۽ اُتي رکي پگهاريندس. 21هائو، آءٌ اوهان کي گڏ ڪندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي باهہ ڦوڪي اوهان ۾ وجهندس؛ ۽ انهي جي ڪري اوهين پگهري ويندا. 22جيئن چاندي کوري جي وچ ۾ پگهرندي آهي، تيئن اوهين بہ اُن جي وچ ۾ پگهري ويندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند پنهنجي ڪاوڙ اوهان تي ڇنڊي آهي.
23۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو؛ تہ 24اي آدمزاد، هن کي چئُہ تہ تون اُها زمين آهين جا صاف نہ ٿي آهي، ۽ نہ جنهن تي ڪاوڙ جي ڏينهن مينهن پيو آهي. 25ان جي وچ ۾ سندس نبين جو منصوبو پيو هلي، ڄڻ تہ ڪو گجندڙ شينهن شڪار کي پيو ڦاڙي: هنن ماڻهو ڳهي ڇڏيا آهن؛ هو خزانو ۽ قيمتي شيون کڻن ٿا: هنن ان جي وچ ۾ گهڻيون زالون بيواهہ ڪيون آهن. 26هن جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي، ۽ منهنجين پاڪ شين جي بي ادبي ڪئي اٿن. هنن پاڪ ۽ عام شين جي وچ ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي هنن ماڻهن کي پاڪ ۽ ناپاڪ شين جي وچ ۾ تفاوت معلوم ڪرايو آهي، ۽ هنن منهنجن سبتن کان پنهنجون اکيون لڪايون آهن، ۽ سبت جي ڏينهن منهنجي بي ادبي ٿي آهي. 27هنن جا سردار سندن وچ ۾ انهن بگهڙن وانگر آهن، جي شڪار ڦاڙيندا آهن، انهي لاءِ تہ رت وهائين ۽ ماڻهن کي ناس ڪن، ۽ انهي طرح ڪپت سان فائدو حاصل ڪن. 28۽ هن جي نبين پنهنجي لاءِ اڻ گڏيل گاري سان لنب ڪئي آهي، ۽ باطل شيون ڏسن ٿا، ۽ پنهنجي لاءِ ڪوڙيون فالون ٿا وجهن، ۽ چون ٿا تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، پر خداوند ائين نہ فرمايو آهي. 29انهي ملڪ جي ماڻهن ظلم ڪيو آهي، ۽ ڦر مچائي اٿن؛ هائو، هنن غريبن ۽ محتاجن کي ستايو آهي ۽ پرديسين سان ناحق زبردستي ڪئي اٿن. 30۽ مون گهڻو ئي ڳوليو تہ من انهن ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي جو پناهہ جي ڀت جوڙي، ۽ انهي ملڪ لاءِ منهنجي اڳيان ڀڳل هنڌ تي بيهي تہ آءٌ کين ناس نہ ڪريان، پر اهڙو ڪوبہ مون نہ ڏٺو. 31تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊي آهي؛ مون پنهنجي غضب جي باهہ سان هنن کي ساڙي کپائي ڇڏيو آهي: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون هنن جي راهہ خود سندن سر تي آندي آهي.
Currently Selected:
حزقي ايل 22: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: