YouVersion Logo
Search Icon

خروج 4

4
1تڏهن موسيٰ ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، هو مون تي اعتبار ڪين آڻيندا، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃيندا؛ ڇالاءِ جو هو چوندا تہ خدا توکي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي. 2تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ هن چيو تہ لٺ آهي. 3تڏهن چيائينس تہ اها زمين تي اُڇلاءِ. ۽ هن اها زمين تي اُڇلائي تہ نانگ ٿي پيئي، ۽ هو انهي وٽان اُٿي ڀڳو. 4تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڊگهيري هن کي پڇ کان جهل: (هن پنهنجو هٿ ڊگهيري هن کي پڇ کان جهليو، تہ اهو سندس هٿ ۾ لٺ ٿي پيو.) 5هي انهيءَ لاءِ ٿيو تہ هو اعتبار ڪن تہ خداوند انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا توکي ڏيکاري ڏني آهي. 6وري خداوند هيئن بہ چيس تہ هاڻي پنهنجو هٿ پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي رک. هن پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو ٻاهر ڪڍيائين، تڏهن ڏسي تہ سندس هٿ ڪوڙهہ سان ڀرجي برف جهڙو اڇو ٿي پيو آهي. 7پوءِ چيائينس تہ وري پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رک. (هن وري پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو پنهنجيءَ ڇاتيءَ تان ٻاهر ڪڍيائين تڏهن ڏسي تہ اهو بدلجي اهڙو ٿي پيو جهڙو سندس باقي بدن هو.) 8۽ چيائينس تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اهي تو تي اعتبار نہ ڪندا، ۽ پهرئين معجزي کي نہ مڃيندا تہ ٻئي معجزي تي ضرور اعتبار ڪندا. 9۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪندا ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندا، تہ تون درياهہ جو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هارج، ۽ جيڪو پاڻي تون درياهہ مان ڪڍندين، سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.
10تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هوس، نڪي تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو، تنهن کان پوءِ ٿيو آهيان؛ ڇالاءِ جو منهنجيءَ زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان. 11تڏهن خداوند چيس تہ ماڻهوءَ جو وات ڪنهن جوڙيو آهي؟ ۽ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ اهو آءٌ نٿو ڪريان ڇا، جو خداوند آهيان؟ 12تنهنڪري هاڻي تون وڃ ۽ آءٌ تنهنجين ڳالهين سان هوندس، ۽ جيڪي توکي چوڻو هوندو سو توکي سيکاريندس. 13تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ ڪنهن ٻئي جي هٿان اهو پيغام موڪل. 14تڏهن خداوند، موسيٰ تي تمام گهڻو غصي ٿيو، ۽ چيائينس تہ لاوين منجهان هارون تنهنجو ڀاءُ ڪونهي ڇا؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگهي ۽ ڏس، هو بہ توکي گڏجڻ لاءِ اچي رهيو آهي، ۽ توکي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو. 15۽ تون ساڻس گفتگو ڪري، هي سڀ ڳالهيون کيس ٻڌائج؛ آءٌ تنهنجي ۽ هن جي ڳالهين سان هوندس، ۽ اوهان کي سيکاريندس تہ ڇا ڇا ڪريو. 16۽ هو تنهنجي بدران ماڻهن سان ڳالهائيندو؛ هو تنهنجي لاءِ ڄڻ تہ وات ٿيندو، ۽ تون هن جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ٿيندين. 17تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.
18پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يتروءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجن ڀائرن وٽ وڃان، جي مصر ۾ آهن، ۽ وڃي ڏسان تہ اڃا جيئرا آهن يا نہ. تڏهن يتروءَ موسيٰ کي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ. 19۽ خداوند مديان ۾ موسيٰ کي چيو تہ موٽي مصر ۾ وڃ؛ ڇالاءِ تہ جن ماڻهن توکي مارڻ ٿي گهريو سي مري ويا آهن. 20تڏهن موسيٰ پنهنجي زال ۽ پنهنجن پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو؛ ۽ موسيٰ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي. 21۽ خداوند، موسيٰ کي چيو تہ جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين، تڏهن اهي سڀ معجزا جي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي سڀ فرعون جي اڳيان ڏيکارج؛ پر آءٌ هن جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو. 22تڏهن تون فرعون کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل منهنجو پٽ آهي، بلڪ منهنجو پهريتو پٽ آهي. 23سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.
24۽ هيئن ٿيو تہ رستي ۾ منزل تي خداوند هن کي گڏيو، ۽ کيس مارڻ گهريائين. 25تڏهن صفورہ هڪڙو تکو پهڻ کڻي پنهنجي پٽ جو ختنو ڪيو، ۽ وڍيل کل جو ٽڪر موسيٰ جي پيرن وٽ اُڇلائي چيائين تہ سچ پچ رت جي ڪري تون منهنجو گهوٽ آهين. 26تڏهن هن انهيءَ کي ڇڏي ڏنو. پوءِ صفورہ چيو تہ ختني جي رت جي ڪري تون منهنجو گهوٽ آهين.
27۽ خداوند هارون کي چيو تہ بيابان ۾ وڃي موسيٰ کي گڏج. سو هو ويو ۽ خدا جي جبل تي وڃي کيس گڏيو ۽ چميائينس. 28۽ جيڪي ڳالهيون خدا موسيٰ کي ٻڌائي کيس موڪليو هو، ۽ جيڪي معجزا ڏنا هئائينس، سي سڀ هن هارون کي بيان ڪري ٻڌايا. 29پوءِ موسيٰ ۽ هارون وڃي بني اسرائيل جي بزرگن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو: 30۽ جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي ٻڌايون هيون سي هارون بيان ڪيون، ۽ هن ماڻهن جي اڳيان معجزا بہ ڪري ڏيکاريا. 31تڏهن ماڻهن انهن تي ايمان آندو: وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي، ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيائون.

Currently Selected:

خروج 4: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in