YouVersion Logo
Search Icon

خروج 3:16-4

خروج 3:16-4 SB62

۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو. تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ اوهان جي لاءِ مانين جو مينهن وسائيندس، ۽ ماڻهو هر روز ٻاهر وڃي، هڪڙي ڏينهن جي انداز جيتري گڏ ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ کين آزمايان تہ هو منهنجي شريعت تي هلن ٿا يا نہ.

Free Reading Plans and Devotionals related to خروج 3:16-4