افسين 5
5
1تنهنڪري پيارن ٻارن وانگر اوهين خدا جي پيروي ڪريو: 2۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.
3پر جيئن ڪ پاڪ ٿيلن کي مناسب آهي، زناڪاريءَ ۽ هر قسم جي ناپاڪيءَ، يا لالچ جو نالو بہ اوهان ۾ هئڻ نہ کپي. 4بي شرمي، اجائي بَڪ بَڪ، يا چرچي بازي، جي نالائقي جهڙيون ڳالهيون آهن، اوهان ۾ نہ هئڻ کپن، پر اُٽلو شڪرگذاري ڪرڻ کپي. 5پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار، يا ناپاڪ، يا لالچي ماڻهو جو بُت پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهت ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي. 6متان ڪو ماڻهو اوهان کي اجاين ڳالهين ڪرڻ سان ٺڳي وڃي، ڇالاءِ جو اهڙن گناهن ڪري نافرمانيءَ جي فرزندن تي خدا جو غضب نازل ٿو ٿئي. 7تنهنڪري اوهين انهن جا شريڪ نہ ٿيو؛ 8ڇالاءِ جو اوهين اڳي اوندهہ هئا، پر هاڻي خداوند ۾ روشني ٿيا آهيو: سو روشنيءَ جي ٻارن وانگر هلو، 9(ڇالاءِ جو روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائيءَ ۽ راستبازيءَ ۽ سچائيءَ ۾ آهي،) 10۽ آزمودي سان معلوم ڪندا رهو تہ خداوند کي ڇا ٿو وڻي؛ 11۽ اونداهيءَ جي اجاين ڪمن ۾ شريڪ نہ ٿيو، اُٽلندو انهن تي ڦٽڪار ڪريو؛ 12ڇالاءِ جو جيڪي ڪم هو ڳجهہ ڳوهہ ۾ ٿا ڪن، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم آهي. 13پر جن ڳالهين تي ڦٽڪار ڪرڻ ۾ اچي ٿي، سي روشنيءَ جي ڪري ظاهر ٿيو پون: ڇالاءِ جو جيڪا بہ شيءِ ظاهر ڪئي ٿي وڃي، سا روشن ٿي ٿئي. 14تنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”تون جو سُتو پيو آهين، سو جاڳ ۽ مُئلن منجهان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائي.“
15تنهنڪري خبردار ٿيو تہ ڪيئن ٿا هلو، نہ نادانن وانگر پر دانائن وانگر هلو. 16وقت جو قدر سڃاڻو، ڇالاءِ جو زمانو خراب آهي. 17تنهنڪري اوهين بيوَقوف نہ ٿيو، پر خداوند جي مرضي سمجهو تہ ڪهڙي آهي. 18۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛ 19۽ اوهين پاڻ ۾ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو ۽ پنهنجي دل سان خداوند جي لاءِ ڳايو ۽ وڄايو. 20۽ هميشہ خدا يعني پيءُ جا، خداوند يسوع مسيح جي نالي ۾ شڪرانا بجا آڻيندا رهو؛ 21۽ مسيح جي خوف ڪري هڪ ٻئي جي تابع رهو.
22اي زالون، اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيون تابعدار رهو، جهڙيون خداوند جون. 23ڇالاءِ جو مڙس زال جو سر آهي، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا جو سر آهي، جو هو پاڻ بدن جو بچائيندڙ آهي. 24پر جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ کپي. 25اي مڙسو، پنهنجين زالن سان محبت رکو، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا سان محبت رکي ۽ پاڻ کي انهي جي لاءِ ڏيئي ڇڏيائين؛ 26انهي لاءِ تہ هو ڪلام سان پاڻيءَ جي غسل ڪري انهي کي ڌوئي صاف ڪري پاڪ بنائي، 27۽ هڪڙي اهڙي جلال واري ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گهنج يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ نہ هجي؛ پر اُها پاڪ ۽ بي عيب هجي. 28ساڳيو انهي طرح مڙسن کي بہ گهرجي تہ پنهنجين زالن کي ائين پيار ڪن جيئن پنهنجي بدن کي پيار ٿا ڪن. جيڪو پنهنجيءَ زال کي پيار ڪري ٿو سو پاڻ کي پيار ٿو ڪري: 29ڇالاءِ جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪڏهن پنهنجي جسم کي نہ ڌڪاريو؛ بلڪ انهي کي پالي ٿو ۽ انهي جي پرورش ٿو ڪري، جهڙيءَ طرح ڪ مسيح ڪليسيا کي ٿو پالي؛ 30ڇالاءِ تہ اسين سندس بدن جا عضوا آهيون، 31”انهي سبب ماڻهو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڇڏيندو ۽ پنهنجي زال سان گڏجي رهندو؛ هو ٻئي هڪ جسم ٿيندا.“ 32اِهو هڪڙو وڏو راز آهي: پر آئون مسيح ۽ ڪليسيا جي نسبت ۾ ٿو چوان. 33مطلب هي آهي تہ اوهان مان هرڪو پنهنجيءَ زال کي اهڙو پيار ڪري جهڙو پاڻ کي ٿو ڪري؛ ۽ زال کي بہ گهرجي تہ پنهنجي مڙس کان ڊڄندي رهي.
Currently Selected:
افسين 5: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: