ڪلسين 1
1
1پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، 2انهن پاڪ ٿيلن ۽ مسيح ۾ ايماندار ڀائرن ڏانهن، جي ڪلسيءَ ۾ آهن، اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي.
3اسين هميشہ اوهان جي لاءِ دعا گهُري پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، 4جو اسان ٻُڌو آهي تہ اوهان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو آهي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن سان اوهين محبت ٿا رکو، 5انهيءَ اُميد جي ڪري جا اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. ۽ جنهن جو ذڪر اوهان اڳيئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻُڌو آهي، 6جو اوهان وٽ آيو آهي؛ جيئن ڪ ساري جهان ۾ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو ٿو وڃي. جنهن ڏينهن کان اوهان اُهو ٻُڌو ۽ خدا جي فضل کي سچيءَ طرح معلوم ڪيو، تنهن ڏينهن کان اوهان منجهہ بہ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو وڃي ٿو؛ 7جهڙيءَ طرح ڪ اوهان کي اسان جي پياري هم خدمت اپفراس کان تعليم ملي. هو اسان جي پاران مسيح جو ايماندار خادم آهي، 8جنهن اوهان جي محبت، جا روح ۾ آهي، سا اسان تي ظاهر ڪئي.
9انهي ڪري جنهن ڏينهن اسان اهو ٻُڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسين بہ اوهان جي لاءِ هيءَ دعا گهُرڻ ۽ عرض ڪرڻ کان بس نٿا ڪريون، تہ شل اوهين انهي جي مرضيءَ جي علم ڪري، ڪمال روحاني سياڻپ ۽ سمجهہ سان ڀرجي وڃو، 10انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. 11۽ سندس جلال جي قدرت موجب، هر طرح جي طاقت سان مضبوط ٿيندا وڃو، تہ خوشيءَ سان صبر ۽ تحمل ڪري سگهو؛ 12۽ پيءُ جا شڪرانا ڪندا رهو، جنهن اسان کي انهي لائق ڪيو تہ روشنيءَ ۾ پاڪ ٿيلن سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيون. 13۽ هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهت ۾ آندو؛ 14جنهن ۾ اسان کي نجات، يعني پنهنجي گناهن کان معافي مليل آهي. 15هو ناديدہ خدا جي صورت ۽ ساري مخلوقات کان اڳي مولود آهي؛ 16ڇالاءِ جو انهي ۾ سڀ ڪجهہ پيدا ڪيو ويو، جهڙو آسمان ۾ تهڙو زمين تي، جيڪي ڏسجي ٿو ۽ جيڪي نٿو ڏسجي، تخت توڙي حڪومتون، رياستون، توڙي طاقتون؛ سڀ ڪجهہ انهي جي وسيلي ۽ انهي جي لاءِ پيدا ٿيو آهي. 17۽ اِهوئي سڀني شين کان اڳي آهي، ۽ انهي ۾ سڀ شيون قائم آهن. 18۽ اهوئي بدن جو، يعني ڪليسيا جو سر آهي: اهو ئي منڍ آهي، ۽ اهو ئي پهريون شخص آهي جو مُئلن منجهان جي اُٿيو؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ هن کي اول درجو هجي. 19ڇالاءِ جو پيءُ جي اها مرضي هئي تہ ساري ڀرپوري منجهس رهي؛ 20۽ سندس رت جو صليب تي وهايو ويو، تنهن جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪري، پوءِ اُهي شيون زمين تي هجن خواهہ آسمان ۾. 21۽ انهيءَ ۾ هن سندس جسماني بدن ۾ موت جي وسيلي اوهان سان ميل ميلاپ ڪيو آهي، 22جي اڳي کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيا هئا، ۽ پنهنجن بڇڙن ڪمن جي ڪري پنهنجيءَ دل ۾ دشمن ٿي پيا هئا، تن کي بہ هاڻي پنهنجي جسماني بدن ۾، موت جي وسيلي آڻي ملايو اٿس، انهي لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ، ۽ بي عيب، ۽ بي ڏوهہ بنائي، پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري؛ 23بشرطيڪ اوهين ايمان ۾ مضبوط ۽ قائم رهو، ۽ جيڪا خوشخبري اوهان ٻُڌي آهي، تنهن جي اُميد ڇڏي نہ ڏيو، جنهن جي منادي آسمان جي هيٺان ساري زمين تي ڪل مخلوقات ۾ ڪئي ويئي آهي، ۽ آئون پولس انهي جو خادم آهيان.
24هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان. 25جنهن جو آئون خادم مقرر ٿيس، خدا جي انهي انتظام موجب، جو اوهان جي واسطي مون کي ڏنو ويو؛ انهي لاءِ تہ آئون خدا جي ڪلام جي منادي پوري طرح ڪريان، 26يعني اُهو ڳُجهو راز جو سڀني زمانن ۽ پيڙهين کان پوشيدہ رهيو؛ پر هاڻي سندس پاڪ ٿيلن تي ظاهر ڪيو ويو آهي. 27جن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ گهُريو تہ غير قومن ۾ انهي راز جي جلال جي دولت ڪهڙي آهي، تہ مسيح جو جلال جي اُميد آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو. 28جنهن جي منادي ڪري اسين سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي نصيحت ٿا ڪريون، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پوري دانائيءَ سان تعليم ٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي اسين مسيح ۾ ڪامل ڪري پيش ڪريون. 29انهي لاءِ آئون بہ سندس انهيءَ قدرت موافق سرگرميءَ سان محنت پيو ڪريان، جا مون ۾ تمام گهڻو اثر ٿي ڪري.
Currently Selected:
ڪلسين 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: