رسولن جا ڪم 15
15
1۽ ڪي ماڻهو يهوديہ مان اچي ڀائرن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا، تہ جيئن موسيٰ جي رسم آهي تيئن، جيسين اوهان جو ختنو نہ ٿيندو، تيسين اوهان کي نجات ملي نہ سگهندي. 2۽ جڏهن پولس ۽ برناباس سان هنن جو گهڻو بحث ۽ تڪرار هليو؛ تڏهن ڀائرن اهو ٺهراءُ ڪيو تہ پولس ۽ برناباس ۽ انهن مان ڪي ٻيا، انهي سوال بابت رسولن ۽ بزرگن وٽ يروشلم ۾ وڃن. 3تنهنڪري ڪليسيا کين روانو ڪيو، ۽ هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگهي، واٽ تي ٻُڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومون خدا ڏانهن ڦري آيون آهن. اهو ٻُڌي ڀائرن کي نهايت خوشي ٿي. 4۽ جڏهن يروشلم ۾ اچي پهتا، تڏهن ڪليسيا ۽ رسولن ۽ بزرگن هنن جو استقبال ڪيو، ۽ جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو، سو سڀ هنن بيان ڪري ٻُڌايو. 5پر فريسين جي فرقي مان جن ايمان آندو هو، تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ضرور آهي تہ هنن جو ختنو ٿئي، ۽ کين حڪم ڏنو وڃي تہ موسيٰ جي شريعت تي هلن.
6پوءِ رسول ۽ بزرگ انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا. 7۽ جڏهن گهڻو بحث مباحثو هلي رهيو، تڏهن پطرس اُٿي هنن کي چيو تہ اي ڀائرو، اوهان کي خبر آهي تہ ڳچ وقت کان خدا اوهان مان مون کي چونڊي ڪڍيو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻُڌي ايمان آڻين. 8۽ خدا، جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن هنن کي بہ اسان وانگر پاڪ روح ڏيئي سندن لاءِ شاهدي ڏني؛ 9۽ ايمان جي وسيلي هنن جون دليون پاڪ ڪري، اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ ڪوبہ فرق ڪونہ رکيائين. 10تنهنڪري اهڙي پاڃاري جا نڪي اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نڪي اسين کڻي ٿي سگهياسين، سا اوهين شاگردن جي ڪنڌ تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟ 11اسان کي يقين آهي تہ اسان کي بہ خداوند يسوع جي فضل سان ائين ئي نجات ملندي، جيئن هنن کي ملندي.
12۽ سڄي جماعت ماٺ ڪري برناباس ۽ پولس جو اهو بيان ويٺي ٻُڌو تہ خدا سندن معرفت غير قومن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نشان ۽ ڪرامتون ڪيون هيون. 13۽ جڏهن هنن بس ڪئي، تڏهن يعقوب ورندي ڏيئي چيو، تہ اي ڀائرو، منهنجي ڳالهہ ٻُڌو؛ 14شمعون بيان ڪيو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح خدا، شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انهي لاءِ تہ انهن مان پنهنجي نالي لاءِ هڪڙي اُمت چونڊي ڪڍي. 15۽ جيڪي نبي چئي ويا آهن، سو بہ انهيءَ سان ملي ٿو اچي، جيئن لکيل آهي تہ 16”هنن ڳالهين کانپوءِ آئون موٽي ايندس، ۽ دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو وري کڙو ڪندس؛ ۽ ڦاٽل ٽٽل جي مرمت ڪري انهي کي وري کڙو ڪري بيهاريندس؛ 17انهي لاءِ تہ باقي رهيل ماڻهو، ۽ سڀ غير قومون جي منهنجي نالي جون ٿيون سڏجن، سي خداوند جي ڳولا ڪن، 18خداوند ائين ٿو فرمائي، جو دنيا جي شروع کان وٺي اهي ڳالهيون ٻُڌائيندو آيو آهي.“
19تنهنڪري منهنجو فيصلو هي آهي، تہ غير قومن مان جيڪي خدا ڏانهن ڦري ٿا اچن، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون؛ 20پر کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بُتن تي چاڙهي ناپاڪ ڪيون اٿن، ۽ زنا، ۽ جن جانورن کي گهوگهو ڏيئي ماريو اٿن، تن سڀني کان، ۽ رت کان پاسو ڪن. 21ڇالاءِ جو قديم زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي توريت ٻُڌائڻ وارا هلندا ٿا اچن، جي سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخانن ۾ اها پڙهندا آهن.
22تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا: 23۽ سندن هٿان هيئن لکي موڪليائون تہ جيڪي غير قومن وارا ڀائر انتاڪيہ، ۽ شام، ۽ ڪلڪيہ ۾ ٿا رهن، تن کي رسولن ۽ بزرگن جا سلام رسن: 24جيئن تہ اسان ٻُڌو آهي تہ ڪي ماڻهو، جن کي اسان ڪو حڪم ڪونہ ڏنو هو، تن اسان وٽان وڃي ڪي ڳالهيون ڪري اوهان کي مُنجهائي ڇڏيو آهي، ۽ اوهان جي دلين ۾ رولو وجهي ڇڏيو اٿن؛ 25سو اسان پاڻ ۾ هم صلاح ٿي مناسب ڄاتو تہ ڪي ماڻهو چونڊي، پنهنجن پيارن برناباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون؛ 26اِهي ٻئي اهڙا ماڻهو آهن، جن اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي پنهنجو ساهہ سهسايو آهي. 27تنهنڪري اسان يهوداہ ۽ سيلاس کي موڪليو آهي، جي پاڻ اهي ساڳيون ڳالهيون پنهنجي سر اوهان کي ٻُڌائيندا. 28ڇو جو پاڪ روح کي ۽ اسان کي مناسب نظر آيو، تہ هنن ضروري ڳالهين کانسواءِ اوهان تي ٻيو بار نہ وجهون؛ 29تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيندا آهن، ۽ رت، ۽ جيڪي جانور گهٽي ماريندا آهن، ۽ زنا، تن سڀني کان پاسو ڪريو؛ ۽ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي انهن کان پاسي رکندا تہ اوهان جي لاءِ ڀلو ٿيندو. شال سلامت رهو.
30سو هو موڪلائي نڪتا ۽ انتاڪيہ ۾ اچي پهتا؛ ۽ جماعت کي گڏ ڪري اُهو خط کين ڏنائون. 31جڏهن هنن اُهو پڙهيو، تڏهن جا تسلي مِليَنِ، تنهنڪري خوش ٿيا. 32۽ يهوداہ ۽ سيلاس، جي پاڻ بہ نبي هئا، تن گهڻيئي ڳالهيون ٻُڌائي ڀائرن کي نصيحت ڪري مضبوط ڪيو. 33۽ ڪجهہ وقت اُتي گذاري، پوءِ اتي جي ڀائرن کان خير سلامتيءَ سان موڪلائي، اُنهن ڀائرن ڏانهن روانا ٿيا جن موڪليو هون. 34(پر سيلاس اتي ئي رهڻ پسند ڪيو.) 35پر پولس ۽ برناباس انتاڪيہ ۾ ترسي پيا، ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي سان گڏجي خداوند جي ڪلام جي تعليم ڏيندا، ۽ اُنهي جي خوشخبري ٻُڌائيندا رهيا.
36ڪن ڏينهن کانپوءِ برناباس پولس کي چيو، تہ هل تہ انهن شهرن ۾ هلون، جن ۾ اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو هو، ۽ ڏسون تہ اُنهن جو ڪهڙو حال آهي. 37۽ برناباس کي دل ۾ آيو تہ يوحنا، جنهن کي مرقس ٿا چون، تنهن کي بہ پاڻ سان وٺيو هلن. 38پر پولس مناسب نہ سمجهيو تہ جو شخص پمفوليہ مان کانئن ڌار ٿي ويو هو، ۽ اِنهي ڪم لاءِ ساڻن نہ هليو، تنهن کي ساڻ کڻجي. 39تنهن تي اهڙو سخت تڪرار ٿيو، جو هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿي پيا. ۽ برناباس مرقس کي وٺي جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانو ٿيو؛ 40پر پولس سيلاس کي پسند ڪري کنيو؛ ۽ ڀائرن هن کي خدا جي فضل جي حوالي ڪيو؛ پوءِ هو روانو ٿيو. 41۽ ڪليسيائن کي مضبوط ڪندو، شام ۽ ڪلڪيہ مان لنگهي ويو.
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 15: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: