2 - تيمٿيس 4
4
1آئون خدا، ۽ يسوع مسيح جي اڳيان توکي تاڪيد ٿو ڪريان جو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندو، ۽ سندس ظهور ۽ سندس بادشاهت جي يادگيري ڏياري ٿو چوان؛ 2تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر. 3ڇالاءِ جو اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم جي برداشت نہ ڪندا؛ پر ڪَنن جي خارش ڪري پنهنجين خواهشن موجب پنهنجي لاءِ گهڻا ئي اُستاد آڻي گڏ ڪندا، 4۽ پنهنجا ڪَن حق کان ڦيرائيندا ۽ آکاڻين ڏانهن نيندا. 5پر تون سڀني ڳالهين ۾ هوشيار رهہ، سختي سهہ، بشارت جو ڪم ڪر، ۽ پنهنجي خدمت پوري ڪر. 6ڇالاءِ جو هاڻي آئون قربان ٿيڻ تي آهيان، ۽ منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي. 7آئون چڱي ڪُشتي وڙهيو آهيان، مون پنهنجو دور آڻي پورو ڪيو آهي، آئون پنهنجي ايمان تي قائم رهيو آهيان؛ 8هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.
9ڪوشش ڪري مون وٽ جلد اچ؛ 10ڇالاءِ جو ديماس هن دنيا کي پسند ڪري مون کي ڇڏي ويو ۽ ٿسلونيڪيءَ ڏانهن هليو ويو؛ ڪريسڪينس گلتيہ ڏانهن، ۽ طيطس دلمتيہ ڏانهن هليو ويو. 11رڳو لوقا مون وٽ آهي. مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج: ڇالاءِ جو خدمت جي ڪم ۾ هو مون کي ڪمائتو آهي. 12پر تخڪس کي مون افسس ڏانهن موڪليو آهي. 13جيڪو چوغو مون تروآس ۾ ڪرپس وٽ ڇڏيو هو، سو جڏهن تون اچين، تڏهن کڻي اچج، ۽ ڪتاب بہ، خاص ڪري چم جا ورق. 14سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي: خدا هن کي بدلو ڏيندو؛ 15تون بہ انهي کان خبردار رهہ، ڇالاءِ جو هن اسان جي ڳالهين جي گهڻي مخالفت ڪئي. 16منهنجي پهرئين ڏنل بچاءَ ۾ ڪنهن بہ منهنجو طرف نہ ورتو، پر سڀني مون کي ڇڏي ڏنو؛ شل کين انهي جو حساب ڏيڻو نہ پوي. 17پر خداوند منهنجو مددگار هو، ۽ مون کي سگهہ ڏنائين، انهي لاءِ تہ منهنجي معرفت ڪلام جي پوريءَ طرح پڌرائي ٿئي، ۽ سڀ غير قومون ٻُڌن: ۽ آئون شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس. 18خداوند مون کي سڀ ڪنهن خراب ڪم کان ڇڏائيندو، ۽ مون کي پنهنجي آسماني بادشاهت ۾ صحيح سلامت پهچائيندو؛ انهي جو جلال شل هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.
19پرسڪا ۽ اڪولہ ۽ انيسفرس جي گهراڻي کي سلام ڏج. 20اراستس ڪرنٿس ۾ رهيو: پر تروفيمس کي مون مليتس ۾ بيمار ڇڏيو. 21ڪوشش ڪري سياري کان اڳي اچج. يوبولس ۽ پودينس ۽ لينس ۽ ڪلوديس ۽ ٻيا سڀ ڀائر بہ توکي سلام ٿا چون.
22شل خداوند تنهنجي روح سان هجي ۽ تو تي فضل ٿيندو رهي.
Currently Selected:
2 - تيمٿيس 4: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: