YouVersion Logo
Search Icon

2 - ٿسلونيڪين 3

3
1اي ڀائرو، هاڻي اوهين اسان لاءِ دعا گهُرو تہ خداوند جو ڪلام جلد ڦهلجي وڃي ۽ جلال پائي، جيئن ڪ اوهان منجهہ آهي؛ 2۽ اسين ڏنگن ۽ خراب ماڻهن کان ڇُٽي پئون، ڇالاءِ جو سڀني ۾ ايمان ڪونهي. 3پر خداوند سچو آهي ۽ هو اوهان کي قائم ڪندو، ۽ انهي شرير کان اوهان کي رکي وٺندو. 4۽ اوهان جي بابت اسان کي خداوند ۾ اِها خاطري آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، انهن تي اوهين عمل ڪريو بہ ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا. 5۽ شل خداوند اوهان جي دلين جي، خدا جي محبت ۽ مسيح جي صبر ۾ رهبري ڪري.
6هاڻي اي ڀائرو، اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي حڪم ٿا ڏيون، تہ اوهين سڀ ڪنهن اهڙي ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جو بي قاعدي ٿو هلي، ۽ انهيءَ روايت تي عمل نٿو ڪري جا اسان کان اوهان کي ملي. 7اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گهرجي: ڇالاءِ جو اسين اوهان منجهہ بي قاعدي ڪونہ هلياسون؛ 8نڪي اسان ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿان مفت جي ماني کاڌي، بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينهن پورهيو ڪيوسين، تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بوجو نہ ٿي پئون. 9نہ انهي لاءِ، تہ اسان کي ڪو حق ڪونهي، پر انهي لاءِ تہ اسين اوهان جي لاءِ نمونو ٿيون، تہ اوهين بہ اسان جي پيروي ڪريو. 10ڇالاءِ جو جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن اوهان کي اهو حڪم ڏنوسون، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ نہ چاهي تہ اُهي کائي بہ نہ. 11ڇالاءِ جو اسين ٻُڌون ٿا تہ اوهان ۾ ڪي آهن جي بي قاعدي ٿا هلن، ۽ ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، پر ٻين جي ڪمن ۾ ٽپيو پون. 12هاڻي جيڪي اهڙا آهن تن کي اسين حڪم ٿا ڏيون، بلڪ خداوند يسوع مسيح ۾ نصيحت ٿا ڪريون تہ اهي صبر سان پورهيو ڪري پنهنجي ماني کائين. 13پر اي ڀائرو، اوهين نيڪي ڪرڻ ۾ نہ ٿڪجو. 14جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي هن خط جي ڳالهہ نہ مڃي تہ انهي کي نگاهہ ۾ رکو، ۽ ساڻس سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ هو شرمندو ٿئي. 15تنهن هوندي بہ انهي کي دشمن نہ ڄاڻو، بلڪ ڀاءُ سمجهي نصيحت ڪريو.
16هاڻي خداوند جو اطمينان جو چشمو آهي، سو پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح اطمينان ڏيندو. شل خداوند اوهان سڀني سان هجي.
17آئون پولس، پنهنجي هٿن سان سلام ٿو لکان، ۽ سڀ ڪنهن خط ۾ منهنجي اها نشاني آهي: آئون ائين لکندو آهيان. 18اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in