2 - ٿسلونيڪين 1
1
1پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا اسان جي خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛ 2خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ اطمينان اوهان تي هجي.
3اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي، 4ايتري قدر جو اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوهان تي اِهو فخر ٿا ڪريون تہ جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوهين سهو ٿا، تن سڀني ۾ اوهان جو صبر ۽ ايمان ظاهر ٿو ٿئي؛ 5اهو خدا جي سچيءَ عدالت جو صاف نشان آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي بادشاهت جا لائق ليکجڻ ۾ اچو، جنهن جي لاءِ اوهين ڏک پيا سهو؛ 6ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها انصاف جي ڳالهہ آهي، تہ جيڪي اوهان کي ڏک ٿا ڏين، تن کي بدلي ۾ ڏک ڏئي، 7۽ اوهين جي ڏک سهو ٿا، تن کي اسان سان گڏ آرام ڏئي: سو اُنهي وقت جڏهن خداوند يسوع پنهنجي قدرت وارن ملائڪن سان آسمان مان ٻرندڙ باهہ ۾ ظاهر ٿيندو، 8۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو. 9اُهي خداوند جي حضور کان، ۽ سندس قدرت جي جلال کان محروم رهندا، ۽ کين هميشہ جي لاءِ برباد ٿيڻ جي سزا ملندي: 10سو انهي ڏينهن ٿيندو، جڏهن هن جي اچڻ ڪري، سندس پاڪ ٿيلن ۾ سندس جلال ظاهر ٿيندو، ۽ جن ايمان آندو آهي، تن سڀني ۾ تعجب جو سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو. 11انهي مطلب لاءِ اسين بہ هميشہ اوهان لاءِ دعا پيا گهُرون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي پنهنجي ڪوٺ جي لائق سمجهي، ۽ نيڪيءَ جي سڀ ڪا خواهش، ۽ ايمان جو سڀ ڪو ڪم قدرت سان پورو ڪري؛ 12تہ اسان جي خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند يسوع جو نالو اوهان منجهہ جلال پائي، ۽ اوهين بہ منجهس جلال پايو.
Currently Selected:
2 - ٿسلونيڪين 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: