2 - پطرس 3
3
1اي پيارو، هاڻي آئون اوهان کي هي ٻيو خط ٿو لکان، ۽ انهن ٻنهي ۾ اوهان کي يادگيري ڏياري، اوهان جي سچيءَ دل کي هوشيار ٿو ڪريان؛ 2تہ جيڪي ڳالهيون پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آهن، ۽ خداوند ۽ نجات ڏيندڙ جو حڪم، جو اوهان کي رسولن جي معرفت ڏنو ويو، تن کي ياد رکو. 3۽ پهرين اها ڳالهہ ڄاڻو تہ آخرين زماني ۾ کل ٺٺولي ڪندڙ ايندا، ۽ پنهنجين نفساني خواهشن تي هلندا، 4۽ چوندا تہ انهي جي اچڻ جي واعدي کي ڇا ٿيو؟ ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن کان ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا، تنهن ڏينهن کان وٺي سڀ ڪجهہ ائين ئي پيو هلي، جيئن خلقت جي شروع ۾ هو. 5پر هيءَ ڳالهہ هو ڄاڻي ٻجهي وساري ٿا ڇڏين، تہ خدا جي ڪلام سان قديم زماني کان آسمان موجود هئا، ۽ زمين بہ پاڻيءَ منجهان ٺهي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ آهي؛ 6۽ پاڻيءَ جي وسيلي انهيءَ زماني جي دنيا پاڻيءَ ۾ چٽ ٿي ويئي. 7۽ آسمان ۽ زمين جي موجود آهن، سي انهي ساڳئي ڪلام جي وسيلي هن لاءِ رکيا ويا آهن، تہ ساڙيا وڃن، ۽ اُهي عدالت جي ڏينهن ۽ بي دين ماڻهن جي برباديءَ تائين موجود رهندا.
8پر اي پيارو، هيءَ هڪڙي ڳالهہ نہ وساريو، تہ خداوند جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار ورهين جي برابر آهي، ۽ هزار ورهيہ هڪ ڏينهن جي برابر. 9خداوند پنهنجي واعدي ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جيئن ڪي ماڻهو دير جو مطلب ٿا سمجهن؛ پر هو اوهان جي نسبت ۾ گهڻو تحمل ٿو ڪري، جو سندس مرضي نہ آهي تہ ڪوبہ برباد ٿئي، پر چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ ڪن. 10پر خداوند جو ڏينهن چور وانگر اچي نڪرندو؛ انهي ۾ آسمان ڏاڍي ڪڙڪي سان هليا ويندا، ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري ڳري ويندا، ۽ زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، سو سڙي ويندو. 11جڏهن هي سڀ شيون هن طرح ڳري وڃڻيون آهن، تڏهن اوهان جي پاڪ هلت چلت ۽ دينداري ڪهڙي نہ قسم جي هئڻ گهرجي، 12۽ ڪهڙيءَ نہ سڪ سان خدا جي انهي ڏينهن جي اچڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انهي جي انتظار ۾ رهڻ گهرجي، جنهن جي ڪري آسمان باهہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري پگهرجي ويندا؟ 13پر سندس واعدي موجب اسين نوَن آسمانن ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آهيون، جن ۾ راستبازي ٿي رهي.
14تنهنڪري، جڏهن انهن ڳالهين جا منتظر آهيو، تڏهن ڪوشش ڪريو تہ هو اوهان کي اطمينان جي حالت ۾ بي عيب ۽ بي داغ ڏسي. 15۽ اسان جي خداوند جي گهڻي تحمل کي نجات سمجهو؛ جهڙيءَ طرح ڪ اسان جي پياري ڀاءُ پولس اوهان ڏانهن انهيءَ دانائيءَ موجب لکيو آهي جا کيس عطا ٿيل آهي؛ 16۽ جهڙيءَ طرح هن پنهنجي سڀني خطن ۾ بہ هنن ڳالهين بابت ذڪر ڪيو آهي، انهن مان ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جو سمجهڻ مشڪل آهي، ۽ جنهن جي معنيٰ جاهل ۽ غير مستقل ماڻهو ڦيرائي اُبتي پيا ڪن، جيئن ڪ ٻين پاڪ لکيتن جي بہ ڪندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ کي برباد ٿا ڪن. 17تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳيئي خبر آهي، تڏهن سنڀال ڪريو، متان بدڪارن جي گمراهيءَ ڏانهن ڇڪجي وڃو، ۽ پنهنجي پائيداريءَ کان ڪِري پئو. 18بلڪ اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. شل انهي جو جلال هاڻي بہ ۽ هميشہ جي لاءِ هجي. آمين.
Currently Selected:
2 - پطرس 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: