YouVersion Logo
Search Icon

2 - ڪرنٿين 2

2
1پر مون پنهنجي لاءِ اهو پڪو ارادو ڪيو هو، تہ آئون وري اوهان وٽ غمگين ٿي ڪين ايندس. 2ڇالاءِ تہ جيڪڏهن آئون اوهان کي غمگين ڪندس تہ پوءِ مون کي ڪير خوش ڪندو، سواءِ انهي جي، جو منهنجي ڪري غمگين ٿيو آهي؟ 3۽ مون اها ساڳي ڳالهہ لکي تہ متان جڏهن اچان، تڏهن جن کان خوشيءَ جي اُميد اٿم، تن کان مون کي غم رسي، جو اوهان سڀني جي نسبت ۾ مون کي اهو يقين آهي، تہ منهنجي خوشيءَ ۾ اوهان سڀني جي خوشي آهي. 4ڇالاءِ جو مون ڏاڍي ڏک ۽ دلگيريءَ سان، گهڻا ڳوڙها ڳاڙي اوهان ڏانهن لکيو؛ نہ انهي لاءِ تہ اوهين غمگين ٿيو، پر انهي لاءِ تہ جيڪا گهڻي محبت مون کي اوهان سان آهي سا اوهان کي معلوم ٿئي.
5پر جيڪڏهن ڪنهن هي غم پيدا ڪيو آهي، تہ رڳو مون ۾ ڪين پيدا ڪيو اٿس، آئون سختيءَ سان نٿو چوان – پر ٿورو گهڻو اوهان سڀني ۾ بہ پيدا ڪيو اٿس. 6اها سزا، جا گهڻن جي طرفان ملي، سا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي؛ 7تنهنڪري اوهان کي گهرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيوس، متان اهو ماڻهو گهڻي غم ڪري برباد ٿي وڃي. 8تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ کيس پنهنجيءَ محبت ۾ بحال ڪريو. 9ڇالاءِ جو مون انهي لاءِ بہ لکيو تہ آئون اوهان کي آزمايان تہ سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ. 10پر جنهن کي اوهين ڪنهن ڳالهہ جي معافي ٿا ڏيو؛ انهي کي آئون بہ معافي ٿو ڏيان. ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون ڪجهہ بہ معاف ڪيو آهي، تہ مسيح جي روبرو اوهان جي خاطر اهو معاف ڪيو اٿم. 11انهي لاءِ تہ شيطان اسان تي قبضو نہ ڪري، جو اسين هن جي منصوبن کان غير واقف نہ آهيون.
12هاڻي جڏهن آئون تروآس ۾ مسيح جي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ آيس ۽ خداوند ۾ منهنجي لاءِ هڪڙو در کُليو، 13تڏهن منهنجي روح کي آرام نہ آيو، ڇالاءِ جو مون پنهنجي ڀاءُ طيطس کي اُتي نہ ڏٺو؛ پوءِ هنن کان موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن هليو ويس. 14پر خدا جو شڪر آهي، جو مسيح ۾ اسان کي هميشہ فتحمند ڪري ٿو ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي علم جي خوشبوءِ جتي ڪٿي ڦهلائي ٿو، 15ڇالاءِ جو جن کي نجات ٿي ملي ۽ جيڪي چٽ ٿا ٿين، تن ٻنهي جي لاءِ اسين خدا جي حضور ۾ مسيح جي خوشبوءِ آهيون. 16هڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ، ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ. ۽ انهن ڳالهين جي لاءِ ڪير لائق آهي؟ 17ڇالاءِ جو اسين انهن گهڻن جهڙا نہ آهيون، جي خدا جي ڪلام ۾ واپار ٿا ڪن؛ پر اسين دل جي سچائيءَ سان ۽ خدا جي طرفان، ۽ خدا جي حضوريءَ ۾، مسيح ۾ ٿا ڳالهايون.

Currently Selected:

2 - ڪرنٿين 2: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in