2 - ڪرنٿين 6:12-7
2 - ڪرنٿين 6:12-7 SB62
پر جيڪڏهن آئون فخر ڪرڻ گهُران بہ، تہ بيوقوف نہ ٿيندس، هن ڪري جو آئون سچ ڳالهائيندس. پر آئون پاڻ کي روڪيان ٿو؛ تہ متان ڪو ماڻهو جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻُڌي ٿو، تنهن کان مون کي وڌيڪ سمجهي. ۽ ظهورن جي نهايت گهڻائيءَ ڪري متان آئون مغرور ٿي پوان، تنهنڪري منهنجي جسم ۾ هڪڙو ڪنڊو هنيو ويو، تہ شيطان جو قاصد ٿي اهو مون کي تنگ ڪري تہ آئون مغرور نہ ٿيان.





