YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 7

7
1۽ قريت يعريم جا ماڻهو آيا، ۽ اُنهن خداوند جي صندوق کڻي ابينداب جي گهر آندي، جو ٽڪريءَ تي هو؛ ۽ انهي جي پٽ اليعزر کي خداوند جي صندوق جي سنڀال لاءِ خاص طرح پاڪ ڪيائون.
2۽ هيئن ٿيو تہ جنهن ڏينهن صندوق قريت يعريم ۾ رهي، تنهن کان پوءِ گهڻو عرصو گذريو؛ يعني ويهہ ورهيہ گذريا: پوءِ اسرائيل جو سارو گهراڻو خداوند جي اڳيان گڏ ٿيو. 3۽ سموئيل اسرائيل جي ساري گهراڻي کي چيو تہ اوهين جيڪڏهن پنهنجي سچي دل سان خداوند ڏانهن موٽو تہ ڌارين معبودن کي، ۽ عستارات کي، پاڻ منجهان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ پنهنجين دلين کي خداوند جي لاءِ تيار ڪريو، ۽ فقط انهي جي بندگي ڪريو: تہ اُهو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو. 4تڏهن بني اسرائيل بعليم، ۽ عستارات کي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ فقط خداوند جي بندگي ڪرڻ لڳا.
5۽ سموئيل چيو تہ ساري اسرائيل کي مصفاہ ۾ گڏ ڪريو، ۽ آءٌ اوهان جي لاءِ خداوند کان دعا گهرندس. 6۽ هو مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا، ۽ پاڻي ڪڍيائون، ۽ خداوند جي اڳيان هاريائون، ۽ اُهو ڏينهن روزو رکيائون، ۽ اُتي چيائون تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ سموئيل مصفاہ ۾ بني اسرائيل جو قاضي ٿيو. 7۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ بني اسرائيل مصفاہ ۾ گڏ ٿيا آهن، تڏهن فلستين جا سردار بني اسرائيل تي ڪاهي آيا، ۽ جڏهن بني اسرائيل اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن فلستين کان ڊڄي ويا. 8۽ بني اسرائيل سموئيل کي چيو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا جي اڳيان دانهن ڪرڻ کان متان بس ڪرين، تہ هو اسان کي فلستين جي هٿن کان بچائي. 9۽ سموئيل هڪڙو کير پياڪ گهيٽو کنيو، ۽ خداوند جي حضور ۾ اسرائيل جي لاءِ اهو سڄو سارو سوختني قرباني ڪري چاڙهيائين؛ ۽ اسرائيل جي لاءِ دعا گهريائين؛ ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي 10۽ جيئن سموئيل اُها سوختني قرباني پئي چاڙهي تيئن فلستي اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ ويجها آيا، پر انهي ڏينهن خداوند ڏاڍي گجگار سان فلستين تي گجيو، ۽ هنن کي ڊيڄاري بي آرام ڪري ڇڏيائين، ۽ اُهي اسرائيل جي اڳيان مارجي ويا. 11۽ اسرائيل جا ماڻهو مصفاہ مان نڪري فلستين جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا ويا، جيسين ڪ هو بيت ڪر جي هيٺان اچي پهتا. 12تڏهن سموئيل هڪڙو پٿر مصفاہ ۽ شين جي وچ ۾ کڙو ڪيو، ۽ انهي جو نالو ابن عزر رکيائين، ۽ چيائين تہ هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي. 13انهي طرح فلستي جيتجي ويا، ۽ وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي سرحد اندر نہ آيا: ۽ سموئيل جي سڀني ڏينهن ۾ خداوند جو هٿ فلستين جي برخلاف هو. 14۽ جيڪي شهر فلستين اسرائيل کان ورتا هئا سي اسرائيل کي موٽائي ڏنا ويا، عقرون کان وٺي جات تائين؛ ۽ انهي جي سرحد اسرائيل فلستين جي هٿان ڇڏائي. پوءِ اسرائيل ۽ امورين جي وچ ۾ صلح ٿيو. 15۽ سموئيل پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو. 16۽ هو سال بسال گشت ڪندو بيت ايل، ۽ جلجال، ۽ مصفاہ ڏي ويندو هو؛ ۽ انهن سڀني جڳهن تي هو اسرائيل جي عدالت ڪندو هو. 17۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.

Currently Selected:

1 - سموئيل 7: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in