YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 2

2
1۽ حنہ دعا گهري، ۽ چيائين: تہ منهنجي دل خداوند ۾ نهايت خوش آهي، منهنجو سڱ خداوند ۾ مٿي ڪيل آهي: منهنجو وات منهنجن دشمنن تي ڪشادو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ڇوٽڪاري ۾ خوش آهيان. 2خداوند جهڙو ٻيو ڪوبہ پاڪ ڪونهي، ڇالاءِ جو تو کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڪونہ: ۽ اسان جي خدا جهڙي ٻي ڪا پناهہ ڪانهي. 3ايتري گهڻي مغروريءَ سان وڌيڪ نہ ڳالهايو؛ پنهنجي وات مان گستاخي نڪرڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند ئي علم جو خدا آهي، ۽ اُهو ئي عمل توريندڙ آهي. 4زور وارن جون ڪمانون ڀڄي پيون آهن، ۽ جيڪي آٿڙيا ٿي تن جي چيلهہ طاقت ساڻ ٻڌل آهي. 5جي ڍاول هئا سي مانيءَ جي لاءِ مزوري ڪمائڻ لڳا آهن؛ ۽ جي بکايل هئا، تن کي آرام آهي: هائو، سنڍ زال ست ڄڻيا آهن؛ ۽ جنهن زال کي گهڻا ٻار آهن، سا زبون ٿي ويئي آهي. 6خداوند ماري ٿو ۽ جياري ٿو: اهو قبر ۾ لاهي ٿو ۽ انهيءَ مان ڪڍي ٿو. 7خداوند مسڪين ڪري ٿو ۽ دولتمند ڪري ٿو، هو هيٺ لاهي ٿو ۽ هو مٿي بہ چاڙهي ٿو. 8هو غريب کي مٽيءَ مان مٿي کڻي ٿو، هو محتاجن کي ڪچري جي ڍير تان مٿي کڻي وٺي ٿو. انهي لاءِ تہ هنن کي شهزادن سان گڏ ويهاري، ۽ جلال جو تخت ورثي ۾ ڏياري: ڇالاءِ جو زمين جا بنياد خداوند جا آهن، ۽ هن جهان انهن تي بيهاريو آهي. 9هو پنهنجي ٻانهن جا پير سنڀاليندو، پر شرير کي هو اونداهيءَ ۾ ماٺ ڪرائيندو؛ ڇالاءِ جو پنهنجي زور جي ڪري ڪوبہ انسان غالب نہ ٿيندو. 10جيڪي خداوند سان جهڳڙن ٿا سي ڀڃي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ آسمان مان هو اُنهن تي گجگار ڪندو: خداوند زمين جي حد تائين عدالت ڪندو؛ ۽ هو پنهنجي بادشاهہ کي زور ڏيندو، ۽ پنهنجي ممسوح جو سڱ مٿي ڪندو.
11۽ القانہ، رامہ ڏي پنهنجي گهر ويو. ۽ اُهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.
12هاڻي عيليءَ جا ٻہ پٽ شرير هئا؛ هو خداوند کي نہ سڃاڻندا هئا. 13۽ ڪاهنن جو ماڻهن سان اهو دستور هوندو هو، تہ جڏهن ڪو ماڻهو قرباني پيش ڪندو هو تڏهن گوشت پچندي ڪاهن جو نوڪر ڪنڍو هٿ ۾ کڻي ايندو هو؛ 14اُهو هو تئيءَ، يا ديڳڙي، يا ديڳ، يا ٿانوَ ۾ وجهندو هو؛ ۽ جيڪو گوشت ڪنڍي سان ٻاهر نڪري ايندو هو سو سڀ ڪاهن کڻندو هو؛ انهي طرح سيلا ۾ جيڪي اسرائيلي ايندا هئا تن سڀني سان هو ائين ڪندا هئا. 15هاڻي چرٻي ساڙڻ کان اڳي ڪاهن جو نوڪر ايندو هو، ۽ قرباني ڪندڙ کي چوندو هو تہ ڪاهن جي لاءِ ڀڃڻ واسطي گوشت ڏي؛ ڇالاءِ جو هو توکان اُٻاريل گوشت نہ وٺندو، پر ڪچو وٺندو. 16۽ جيڪڏهن اُهو ماڻهو هن کي چوندو تہ هو هينئر ضرور چرٻي ساڙيندا، پوءِ جيترو تنهنجي دل چوي اوترو وٺ؛ تہ هو چوندو هو تہ نہ، مون کي ضرور هينئر ڏي، نہ تہ آءٌ زوريءَ وٺندس. 17۽ انهن جوان ماڻهن جو گناهہ خداوند جي اڳيان تمام وڏو هو: ڇالاءِ جو ماڻهو خداوند جي قربانيءَ کان نفرت ڪندا هئا.
18پر سموئيل ٻار هو، ۽ سڻيءَ جي ڪپڙي جو اُفود چيلهہ سان ٻڌي خداوند جي خدمت ڪندو هو. 19۽ سندس ماءُ هڪڙو ننڍو پهراڻ ٺاهيندي هئي، ۽ سال بسال جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏجي سالياني قرباني چاڙهڻ لاءِ اتي ايندي هئي تڏهن اهو آڻي ڏيندي هيس. 20۽ عيليءَ القانہ ۽ سندس زال کي دعا ڪري چيو تہ شل خداوند توکي اُنهي دعا جي ڪري، جا تو خداوند کان گهري هئي، هن زال مان اولاد ڏئي. پوءِ هو پنهنجي گهر هليا ويا. 21۽ خداوند حنہ تي نگاهہ ڪئي، ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ ٽي پٽ ۽ ٻہ ڌيون ڄڻيائين، ۽ اُهو ڇوڪر سموئيل خداوند جي حضور ۾ وڏو ٿيندو ويو.
22هاڻي عيلي تمام ٻڍو هو؛ ۽ سندس پٽن جيڪي اسرائيل سان ٿي ڪيو، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در تي جيڪي زالون خدمت ڪنديون هيون تن سان ڪيئن هو سمهندا هئا، سو ٻڌائين. 23۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين اهڙا ڪم ڇو ٿا ڪريو؟ ڇالاءِ جو آءٌ سڀني ماڻهن کان اوهانجن خراب ڪمن جي شڪايت ٿو ٻڌان. 24منهنجا پٽ، ائين نہ هئڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪا خبر آءٌ ٻڌان پيو سا چڱي ناهي: اوهين خداوند جي قوم کي گنهگار ٿا ڪريو. 25جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي جو ڏوهہ ڪندو، تہ خدا انهي جو انصاف ڪندو: پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جو گناهہ ڪندو، تہ ڪير اُنهي جي لاءِ شفاعت ڪندو؟ تنهن هوندي بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي مارڻ ٿي گهريو. 26۽ اُهو ڇوڪر سموئيل وڌندو ويو ۽ خداوند توڙي انسان هن کي پسند ڪندا هئا.
27۽ هڪڙو خدا جو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن تنهنجي پيءُ جو گهراڻو مصر ۾ فرعون جي گهراڻي جي ٻانهپ ۾ هو، تڏهن مون انهن کي ڏيکاري ڏني هئي يا نہ؟ 28۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، ۽ پنهنجي قربانگاهہ تي چڙهڻ لاءِ، ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي حضور ۾ اُفود ڍڪڻ لاءِ پسند ڪيو هو يا نہ؟ ۽ بني اسرائيل جون سڀ ساڙڻ واريون قربانيون تنهنجي پيءُ جي گهراڻي کي ڏنيون هيون يا نہ؟ 29سو منهنجي قرباني ۽ منهنجو نذرانو، جنهن جي لاءِ مون حڪم ڪيو آهي تہ منهنجي گهر ۾ پيش ٿيندا رهن، تنهن کي لتون ڇو ٿا هڻو؛ ۽ تون پنهنجن پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏين، انهي لاءِ تہ هو منهنجي قوم اسرائيل جي سڀني قربانين مان جيڪي مکيہ آهن تن جو سڻڀ کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪن؟ 30تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا. 31ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن تنهنجو زور ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي جو زور آءٌ ڀڃي ڇڏيندس، جنهنڪري تنهنجي گهراڻي ۾ ڪوبہ پير مرد ڪونہ ٿيندو. 32۽ جيڪا بہ دولت خدا اسرائيل کي ڏيندو تنهن ۾ تون منهنجي گهر جي مصيبت ڏسندين: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ هميشہ لاءِ ڪوبہ پير مرد ڪونہ ٿيندو. 33۽ تنهنجي ماڻهن مان، جنهن کي آءٌ پنهنجي قربانگاهہ مان ڪڍي نہ ڇڏيندس، سو تنهنجين اکين ۾ باهہ، ۽ تنهنجي دل ڏکوئڻ وارو ٿيندو: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ جيڪي ماڻهو وڌندا سي جوانيءَ ۾ مري ويندا. 34۽ اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي، جا تنهنجن ٻن پٽن، حفني ۽ فنحاس تي ايندي؛ هڪڙي ئي ڏينهن اُهي ٻئي مري ويندا. 35۽ آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو: ۽ آءٌ انهي جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس؛ ۽ اُهو هميشہ منهنجي ممسوح ڪيل جي اڳيان هلندو. 36۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ ماڻهو تنهنجي گهر ۾ باقي رهندو سو چانديءَ جي هڪڙي سڪي، ۽ مانيءَ جي هڪڙي ٽڪيءَ لاءِ اچي انهي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندو، ۽ چوندو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڪاهنن جي عهدن مان هڪڙي تي رک تہ آءٌ مانيءَ جو گرهہ کاوان.

Currently Selected:

1 - سموئيل 2: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in