YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 18

18
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يونتن جو روح دائود جي روح سان اٽڪي ويو، ۽ يونتن هن کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيارو سمجهيو. 2۽ سائول هن کي انهيءَ ڏينهن کان وٺي پاڻ وٽ رکيو، ۽ وري هن کي سندس پيءُ جي گهر وڃڻ نہ ڏنائين. 3تڏهن يونتن ۽ دائود پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، ڇالاءِ جو هن انهي کي پنهنجي ساهہ جيترو پيار ٿي ڪيو. 4۽ يونتن پنهنجو چوغو، جو بت تي هوس، سو لاهي دائود کي ڏنائين، ۽ پنهنجي پوشاڪ بہ، پنهنجي ترار، ۽ ڪمان، ۽ ڪمربند سميت. 5۽ دائود کي جيڏانهن سائول موڪليندو هو اوڏانهن هو ويندو هو، ۽ ڏاڍي سياڻپ سان هلندو چلندو هو: ۽ سائول هن کي جنگي ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيو، ۽ اها ڳالهہ سڀني ماڻهن جي نظر ۾، ۽ سائول جي نوڪرن جي نظر ۾ سٺي هئي.
6۽ هيئن ٿيو تہ هنن جي اچڻ مهل جڏهن دائود فلستيءَ کي قتل ڪري موٽي آيو تڏهن اسرائيل جي سڀني شهرن مان زالون خوشيءَ مان ڳائينديون، ۽ نچنديون، دف ۽ ٻين وڄائڻ جي سازن سان بادشاهہ سائول جي استقبال لاءِ نڪري آيون. 7۽ زالن وڄائيندي هڪ ٻئي کي ڳائي پئي چيو، تہ سائول پنهنجن هزارن کي قتل ڪيو آهي، ۽ دائود پنهنجن لکن کي. 8تڏهن سائول ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ انهي گفتي ڪري هو رنج ٿيو؛ ۽ هن چيو تہ دائود جي نسبت ۾ هو لک ٿيون چون، ۽ منهنجي نسبت ۾ فقط هزار ٿيون چون: ۽ هاڻي هن کي بادشاهيءَ کان سواءِ باقي ٻيو ڇا گهرجي؟ 9۽ انهي ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي اک ۾ رکيو.
10۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان ڏاڍي زور سان سائول تي آيو، ۽ هو پنهنجي گهر ۾ هل مچائڻ لڳو: ۽ دائود ساز وڄائڻ لڳو، جيئن هو روز بروز ڪندو هو. ۽ سائول جي هٿ ۾ سندس نيزو هو. 11۽ سائول پنهنجو نيزو اُڇليو، ڇو جو هن چيو تہ دائود کي ڀت سان وڃي ونڌيندس. ۽ دائود ٻہ ڀيرا وٽانئس نٽائي نڪري ويو. 12۽ سائول دائود کان ڊنو ٿي، ڇالاءِ جو خداوند دائود سان هو، ۽ سائول کي ڇڏي ڏنو هئائين. 13تنهنڪري سائول هن کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو، ۽ هن کي هڪڙي هزار جو سردار کڻي ڪيو هئائين؛ ۽ هو ماڻهن جي روبرو ايندو ويندو هو. 14۽ دائود هميشہ ڏاهپ سان هلت ڪندو هو؛ ۽ خداوند ساڻس هو. 15۽ جڏهن سائول ڏٺو تہ هو ڏاڍي سياڻپ سان ٿو هلي، تڏهن هو کانئس ڊڄڻ لڳو. 16پر سڀ اسرائيلي ۽ يهوداہ جا ماڻهو دائود کي پيار ڪندا هئا؛ ڇالاءِ جو هو سندن اڳيان پيو ايندو ويندو هو.
17۽ سائول دائود کي چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب توکي پرڻائي ڏيڻ ٿو گهران: رڳو تون منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر، ۽ خداوند جون جنگيون ڪر: ڇالاءِ جو سائول چيو تہ منهنجو هٿ هن تي نہ پوي، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان مري. 18۽ دائود سائول کي چيو تہ آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي حياتي ۽ منهنجي پيءُ جو گهراڻو اسرائيل ۾ ڇا آهي، جو آءٌ بادشاهہ جو ناٺي ٿيان. 19پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سائول جي ڌيءَ ميرب دائود کي ڏيڻ گهربي هئي تڏهن اُها محولاتي عدريءَ کي پرڻائي ڏني ويئي. 20۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل جي دائود سان محبت هئي: هنن انهي بابت سائول کي ٻڌايو، ۽ هن کي اها ڳالهہ وڻي. 21۽ سائول چيو تہ آءٌ اها هن کي ڏيندس تہ ڀلي اها هن جي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿئي، ۽ فلستين جو هٿ هن تي پوي. تنهنڪري سائول دائود کي چيو تہ تون اڄوڪي ڏينهن ٻيو ڀيرو منهنجو ناٺي ٿيندين. 22پوءِ سائول پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ دائود کي ڳجهيءَ طرح ڳالهين ڪندي چئو، تہ ڏس بادشاهہ توسان خوش آهي، ۽ سندس سڀ نوڪر توکي پيار ٿا ڪن: تنهنڪري هاڻي تون بادشاهہ جو ناٺي ٿيءُ. 23۽ سائول جي نوڪرن اها ڳالهہ دائود جي ڪن ۾ چئي. ۽ دائود چيو تہ آءٌ غريب ۽ حقير سمجهيل آهيان، تڏهن بادشاهہ جو ناٺي ٿيڻ اوهان کي ڪا جهڙي تهڙي ڳالهہ نظر ٿي اچي ڇا؟ 24۽ انهن نوڪرن سائول کي چيو تہ دائود هيئن ٿو چوي. تڏهن سائول چيو تہ اوهين وري هيئن چئوس، تہ بادشاهہ ٻيو ڪو ڏاج وٺڻ نٿو گهري، رڳو فلستين جون هڪ سؤ کوليون وٺندو، انهي لاءِ تہ بادشاهہ پنهنجن دشمنن کان وير وٺي. 25هاڻي سائول جو ارادو هو تہ دائود کي فلستين جي هٿان مارائي. 26۽ جڏهن هن جي نوڪرن دائود کي اها ڳالهہ ٻڌائي تڏهن هو بادشاهہ جي ناٺي ٿيڻ تي راضي ٿيو. ۽ اڃا ڏينهن پورا نہ ٿيا هئا؛ 27تہ دائود پنهنجن ماڻهن سميت اُٿيو، ۽ فلستين جا ٻہ سؤ ماڻهو ماريائين؛ ۽ دائود انهن جون کوليون کڻي آيو. ۽ هنن اُهي پوريون ڳڻي وڃي بادشاهہ کي ڏنيون، انهي لاءِ تہ هو بادشاهہ جو ناٺي ٿئي. تڏهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل هن کي پرڻائي ڏني. 28۽ سائول ڏٺو ۽ پڪ ڄاتائين تہ خدا دائود سان آهي: ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل هن کي پيار ڪندي هئي، 29۽ سائول دائود کان اڃا بہ وڌيڪ ڊڄڻ لڳو؛ ۽ سائول هميشہ لاءِ دائود جو دشمن ٿيو.
30تڏهن فلستين جا امير نڪري ٻاهر آيا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪڏهن هو نڪري ايندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني نوڪرن کان وڌيڪ سياڻپ سان هلندو هو؛ جنهنڪري هن جو نالو معظم ٿي ويو.

Currently Selected:

1 - سموئيل 18: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in