1
رومين 17:14-18
Common Language New Testament
SCLNT
ڇالاءِجو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي. جيڪو بہ اھڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، سو خدا کي پسند آھي ۽ ماڻھن ۾ بہ مقبول آھي.
Compare
Explore رومين 14:17-18
2
رومين 8:14
سو جيڪڏھن اسين جيئون ٿا تہ خداوند جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ خداوند جي خاطر. تنھنڪري اسين جيئون توڙي مرون تہ بہ خداوند جا ئي آھيون.
Explore رومين 14:8
3
رومين 19:14
پوءِ اچو تہ اسين اھڙا ڪم ڪريون، جن مان صلح پيدا ٿئي ۽ ھڪ ٻئي کي سڌاري سگھون.
Explore رومين 14:19
4
رومين 13:14
تنھنڪري اسان کي گھرجي تہ ھڪ ٻئي تي تھمت نہ ھڻون، بلڪ اسان تي اھو فرض آھي تہ اسان مان ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ڀاءُ لاءِ ڪا اھڙي ڳالھہ نہ ڪري جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا گمراھہ ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي.
Explore رومين 14:13
5
رومين 11:14-12
جيئن لکيل آھي تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ ھر ھڪ منھنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.‘“ اھڙيءَ طرح اسان مان ھر ھڪ خدا کي پنھنجو پنھنجو حساب ڏيندو.
Explore رومين 14:11-12
6
رومين 1:14
جنھن جو ايمان ڪمزور آھي تنھن جو آڌرڀاءُ ڪريو، پر انھيءَ سان اجايو بحث نہ ڪريو.
Explore رومين 14:1
7
رومين 4:14
تون ڪير ٿيندو آھين جو ڪنھن ٻئي جي نوڪر تي تھمت ٿو ھڻين؟ انھيءَ جي ڪامياب يا ناڪام ھجڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آھي. پر ھو ڪامياب ٿيندو، ڇالاءِجو خداوند ھن کي ڪامياب ڪري سگھي ٿو.
Explore رومين 14:4
Home
Bible
Plans
Videos