1
1.ڪرنٿين 6:8
Common Language New Testament
SCLNT
تنھن ھوندي بہ اسان جي لاءِ تہ ھڪڙو ئي خدا آھي يعني پيءُ، جنھن سڀ شيون پيدا ڪيون آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي لاءِ زندہ آھيون. اسان جو خداوند بہ ھڪڙو ئي آھي يعني عيسيٰ مسيح، جنھن جي وسيلي سڀ شيون موجود آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي وسيلي زندہ آھيون.
Compare
Explore 1.ڪرنٿين 8:6
2
1.ڪرنٿين 1:8-2
جيڪو کاڌو بتن جي اڳيان نذر ڪجي ٿو، تنھن بابت اسين سمجھون ٿا تہ ”اسان سڀني کي علم آھي.“ اھو علم تہ انسان کي مغرور ڪري ٿو، پر محبت ترقي عطا ڪري ٿي. جيڪڏھن ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ ھو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي.
Explore 1.ڪرنٿين 8:1-2
3
1.ڪرنٿين 13:8
سو جيڪڏھن گوشت کائڻ سان منھنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ گمراھہ ٿئي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏھن بہ نہ کائيندس، متان پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي گمراھہ ڪريان.
Explore 1.ڪرنٿين 8:13
4
1.ڪرنٿين 9:8
پر خبردار رھجو، ائين نہ ٿئي جو اوھان جي ھيءَ آزادي، ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراھيءَ جو سبب بڻجي.
Explore 1.ڪرنٿين 8:9
Home
Bible
Plans
Videos