1
1.ڪرنٿين 4:13-5
Common Language New Testament
SCLNT
محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مھربان آھي، محبت حسد نہ ٿي ڪري. محبت پاڻ کي نہ ٿي پڏائي ۽ پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون نہ ٿي ھڻي. محبت بدتميزي يا بيادبي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ محبت بدگماني نہ ٿي ڪري.
Compare
Explore 1.ڪرنٿين 13:4-5
2
1.ڪرنٿين 7:13
محبت پردو رکي ٿي، محبت يقين رکي ٿي، محبت اميد رکي ٿي، محبت سھي ٿي.
Explore 1.ڪرنٿين 13:7
3
1.ڪرنٿين 6:13
محبت بدڪاريءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي.
Explore 1.ڪرنٿين 13:6
4
1.ڪرنٿين 13:13
مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اھي ٽيئي قائم آھن. پر انھن ٽنھي ۾، محبت اتم آھي.
Explore 1.ڪرنٿين 13:13
5
1.ڪرنٿين 8:13
محبت کي زوال ڪونھي. پر جتي بہ پيشنگوئيون ھونديون، سي ختم ٿي وينديون، يا جيڪي زبانون ھونديون، سي بند ٿي وينديون، يا جتي علم ھوندو تہ اتي اھو ميٽجي ويندو.
Explore 1.ڪرنٿين 13:8
6
1.ڪرنٿين 1:13
جيڪڏھن آءٌ ماڻھن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالھايان ٿو، پر مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ وڄندڙ گھنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آھيان.
Explore 1.ڪرنٿين 13:1
7
1.ڪرنٿين 2:13
جيڪڏھن مون کي نبين وانگر، ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي، ۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان، ۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيترو ڪامل ايمان بہ ھجي، پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان.
Explore 1.ڪرنٿين 13:2
8
1.ڪرنٿين 3:13
جيڪڏھن آءٌ پنھنجو سڀ مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيان، پر مون ۾ محبت نہ ھجي، تہ انھن مان مون کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.
Explore 1.ڪرنٿين 13:3
9
1.ڪرنٿين 11:13
جڏھن آءٌ ٻار ھوس، تڏھن ٻارن وانگر ڳالھائيندو ھوس، ٻارن وانگر سمجھندو ھوس، ۽ ٻارن وانگر خيال ڪندو ھوس. پر جڏھن آءٌ بالغ ٿيس، تڏھن ٻاراڻيون ڳالھيون ڇڏي ڏنم.
Explore 1.ڪرنٿين 13:11
Home
Bible
Plans
Videos