جيئن تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي. اسان جي ايمان جي وسيلي مسيح اسان کي خدا جي انهيءَ فضل تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿينداسين.