آءٌ يوحنا هر انهيءَ کي جيڪو هن ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، آگاهہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو. جيڪڏهن ڪو هن ڪتاب جي ڳالهين مان ڪي گھٽائيندو تہ خدا زندگي ڏيندڙ وڻ ۽ پاڪ شهر مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، انهيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.