جيتوڻيڪ هو پاڻ خدا جي صورت هو،
تہ بہ هن خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي
زوريءَ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.
اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين،
۽ ٻانهي جي صورت اختيار ڪري
انسانن جهڙو ٿي ويو.
انساني شڪل ۾ ظاهر ٿي ڪري
هن پاڻ کي هيٺاهون ڪيو،
۽ ايتري قدر فرمانبردار رهيو
جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.