آہ! يروشلم جي وسندي
ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي،
پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي!
اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي،
سا ڪيئن نہ رنزال جهڙي ٿي پيئي آهي!
هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي،
سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!