انهيءَ ڏينهن سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا،
۽ تارن مان چمڪ ڇڏائي ويندي.
خداوند صيئون جبل تان شينهن وانگر گجندو.
هائو، سندس آواز سڄي يروشلم ۾ گونجندو،
ايتري قدر جو زمين وَ آسمان ڏڪي ويندا.
پر تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ
مضبوط قلعو ۽ پناهہ جي جاءِ هوندو.