1
يوايل 14:1
Sindhi Bible FB
SB
اوهين ملڪ جي اڳواڻن بلڪ سڀني رهاڪن کي خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل وٽ گڏ ڪريو. سڀني کي خاص روزي رکڻ جي هدايت ڪريو، ۽ خداوند آڏو اوهين سڀيئي عاجزيءَ سان ٻاڏايو.
Compare
Explore يوايل 1:14
2
يوايل 13:1
اي قربانگاهہ جا خدمتگار ڪاهنؤ! کٿا چيلهہ سان ٻڌي واءِويلا ڪريو. هائو، اي خدا جا خادمؤ! سڄي رات کٿو ويڙهي ويٺا رهو، ڇاڪاڻ تہ اناج توڙي مئي آهي ئي ڪانہ، جو اوهين خدا جي گھر ۾ اهي قربانين طور پيش ڪريو.
Explore يوايل 1:13
3
يوايل 12:1
انگورن جون وليون ۽ انجير جا وڻ سڪي رهيا آهن. انهيءَ کان علاوہ ڏاڙهون، کجيءَ ۽ صوف جا وڻ، بلڪ باغ جو هر وڻ ڪومائجي ويو آهي. سو ان آفت جي ڪري بني آدم وٽان خوشي گم ٿي ويئي آهي.
Explore يوايل 1:12